دولتپور صفن سنڌ جو قديم ۽ شاندار شهر مشتاق باگاڻي ڪنهن دور ۾ دولتپور امير شهر ليکيو ويندو هو. صفن واري پتڻ ذريعي هِي شهر سيوهڻ سان ڳنڍيل هو. ان ئي پتڻ جي نسبت سان دولتپور صفن سڏيو ويندو هو. هِي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جو سرحدي شهر هو. سنڌ جي ٻن اهم واٽن جي چوسول تي هِي شاهوڪار وسندي قديم زماني کان قائم رهندي آئي آهي. انهن مان هڪ واٽ گجرات کان عمرڪوٽ، رتوڪوٽ، دوڙ، ٺل مير رڪڻ کان اچي دولتپور پهچندي هئي، جتان صفن وارو پتڻ ڪراس ڪري، سيوهڻ کان مٽي جهانگار وٽ ان وڏي واپاري واٽ سان گڏبي هئي، جيڪا ڀنڀور کان نڪري ڄنگهڙي، رني ڪوٽ، نئينگ، جهانگار، واهي پانڌي، خضدار کان قنڌار هلي ٿي وئي. ٻي واٽ ملتان کان بکر، اروڙ جو اولهندو پاسو ڏيئي روهڙي کان مٽي، ڪوٽڏيجي، هالاڻي، بهلاڻي، درٻيلو، مورو گچيرو کان دولتپور صفن، هالا، نصرپور، حيدرآباد وڃي، گجرات کان ڀنڀور ويندڙ واٽ سان گڏبي هئي. دولتپور مرڪزي شهر هو. هن تجارتي شهر جو واپار انهن خشڪيءَ وارين واٽن سان اٺن ذريعي ۽ صفن واري پتڻ سان سنڌو نديءَ تي ٻيڙين ذريعي هلندو هو. ان دور ۾ ڀنڀور، ديبل بندر ۽ ٺٽو مکيه سامونڊي بندر هئا. ڏيساور کان مال انهن بندرگاهن تي ...