Skip to main content

Posts

Showing posts from February, 2022

گڊي ڀٽ - طارق عزيز شيخ

گڊي ڀٽ مٺيءَ جو دامن ڪوھ طارق عزيز شيخ ٿر سنڌ جو وسيع ۽ وارياسو علائقو، جتي سڄي ملڪ جي باقي علائقن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھٽ برسات پوي ٿي. هتي زندگيء ۽ زراعت جو دارومدار به انهيء برسات تي آھي جا سڄي سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا پوي ٿي پوء ڪڏهن وڌيڪ ۽ ڪڏهن گهٽ. هن سڄي ريگستان جي پکيڙ لڳ ڀڳ ۲۲ هزار چورس ڪلوميٽر آھي. هندستان ۾ ۸۵ سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ ۱۵ سيڪڙو آهي. هيء دنيا جو ستون نمبر وڏو ريگستان آھي. سنڌ واري ريگستان جي پکيڙ ۵۴۰۰ چورس ميل آهي جيڪو بدين، مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار، نئون ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪنري، عمرڪوٽ، کپرو، سانگھڙ، خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪيء جي اڀرندي پاسي کان گذرندي پنجاب جي چولستان سان وڃي ٿو ملي. خيرپور طرف ريگستاني علائقي کي وري اڇڙو ٿر چئجي ٿو. ٿر جي ڏکڻ پاسي کان ڪڇ جو رڻ پٽ ۽ هندستان آهي.