Skip to main content

Posts

Showing posts from November, 2021

شڪارپور - اصغر ساگر

شڪارپور ترتيب: اصغر ساگر شڪارپور پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جو هڪ شھر آهي جيڪو شڪارپور ضلعي جو صدر مقام آهي. شڪاپور سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ليکجي ٿو. ماضي ۾ هي شھر واپار لاءِ اهم رهيو آهي. قابل، قنڌار، سمر قند، بخارا ۽ تاشقند جا واپاري هتي ايندا هئا. شڪارپور ۱۸۴۳ ع ۾ سنڌ جي ٽن ضلعن مان هڪ هو، سکر پڻ هن ضلعي جو هڪ شھر هو. شڪارپور کي ماضيءَ ۾ سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي. وادي مھراڻ جو قديم ۽ تاريخي شھر، سکر کان ۲۴ ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ۱۹۴ فٽ بلنديءَ تي آباد آهي. صديون اڳ هتي هڪ گھاٽو جھنگ هو جتي امير ۽ سيٺيون ايندا ۽ علائقي کي شڪارگاھ طور استعمال ڪندا هئا، ان ئي نسبت سان شڪارپور نالو رکيو ويو.

گودي بنگلو

گودي بنگلو (ان بابت مشھور ڳالھيون ۽ اصل حقيقتون) ذلفي چاچڙ ڪشمور ضلعي ۾ ڳوٺ نما شھر، بڊاڻي جي ڀرسان ھڪ قديم ۽ ويران جڳهه زبون حالت ۾ موجود آھي. جا آثار قديمه جي زمري ۾ اچي ٿي ۽ علائقي ۾ گودي بنگلي طور مشھور آھي. گودي بنگلي بابت تر ۾ گھڻيون ئي ڳالھيون مشھور آھن. جن ۾ حقيقت بدران رڳو ملاوٽ، من گھڙت ڪھاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون ئي شامل آھن. ھر شخص وٽ پنھنجي ڪھاڻي ۽ ڏند ڪٿا آھي. جنھن کي ڪو به صحتمند ذھن، ڪڏھن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. گودي بنگلو جنھن بابت مشھور آھي ته ان جي تھ خاني (بيسمينٽ) ۾ جرائم پيشه، ڪرمنل ۽ باغي ماڻھن کي گرفتار ڪري، کين قيد ڪيو ويندو ھو. اتي ھڪ سوراخ کليل پڻ آھي، بلڪل ايئن ئي جيئن ھاڻوڪين جديد قسم جي بلڊنگن ۾ پائيپ فٽنگس لاءِ سوراخ ڇڏيا ويندا آھن. ان متعلق عام تاثر اھو آھي ته اھو ڦاسي گھاٽ ھو ۽ اتي موت جي سزا کاڌل قيدين کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندو ھو. گودي بنگلي جي تاريخي حيثيت کان ڪو انڪار ڪونھي، پر ھروڀرو جو وڌاءُ ڪري، نئين نسل کي غلط ڄاڻ ڏيڻ پڻ اخلاقي ڏوهه ۽ گناهه آھي. ڪِن سگھڙ نما شاعرن جي بي تڪي شاعري کي سبب بڻائي، ڪا راءِ قائم ڪرڻ به درست ناھي. ڇو ته شاعري و...

مالماڙي - جوکيو جسارت الياس سنڌي

مالماڙي منھنجي ملڪ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي تعميري، تنقيدي ۽ تاريخي نظر! جوکيو جسارت الياس سنڌي مالماڙي، تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي جي مشھور ريلوي اسٽيشن جنگشاھي جي اتر پاسي، يونين ڪائونسل ڪوھستان ۷ / ۴ جي جبلن جي ھنج ۾، ڍورن، تراين ۽ تلائن سان ٽمٽار، تلور ۽ ڪونج پکين جي جُونءَ رھندڙ، اَڪَ ۽ بَڙَ جي خوشبو ۾ مھڪندڙ، صدين کان قائم، سنڌ جي ڪوھستاني علائقي جو ھڪ تاريخي ڳوٺ آھي، جتي وسڪاري دوران گھمڻ جون ڳچ فطري جڳھيون، ڏڪار ۾ ھتي جي گرم ھوا جا جھونڪا ۽ طوفان ۾ تيز ھلندڙ واسرا ۽ ڪنن اندر سُوساٽ ڪندي گھمندڙ طوفاني دُز (مٽي) به، ھتي جي ماروئڙن جي سڪون ۽ آرام جا ذريعا آھن. صدين کان موجود ھن ڳوٺ ۾، ھزارين انسانن جنم ورتو ۽ وفات ڪري ويا پر، اڄ به انھن مان ڳچ جا نالا ماڻھوءَ کي خبر آھن. شايد مالماڙيءَ جي مٽيءَ منجھ، اھڙي ڪا سڳند سُتي سمايل آھي، جو جيڪو به ھڪ ڀيرو مالماڙي جي سُتي ٿو اوتي، اھو سموري زندگي ھتي جو نمڪ حلال پٽ سڏرائڻ تي فخر محسوس ٿو ڪري! اچو ته مالماڙي جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، جاگرافيائي ۽ حياتياتي تاريخ تي، ماضي، حال ۽ مستقبل جي پس منظر ۾ تعميري، تنقيدي ۽ تاريخي نظر وجھون.