Skip to main content

Posts

Showing posts from July, 2019

ڪلان ڪوٽ - عنايت کٽياڻ

ڪلان ڪوٽ عنايت کٽياڻ هيءُ ڪوٽ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي، ڪراچيءَ کان ويندي، سڄي هٿ واري پاسي تي مڪليءَ جي شهر کان ٻاهرئين باءِ پاس کان ۵ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. باءِ پاس کان، غُلام الله شهر ڏانهن ويندڙ رستي جي کٻي هٿ واري پاسي تي آهي. پڪي روڊ کان اٽڪل هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هڪ اوچي ٽڪريءَ تي ڪلان ڪوٽ جا آثار موجود آهن، جيڪي ور غُلام الله واري روڊ تان ئي نظر اچن ٿا. هن وقت ور غُلام الله واري روڊ جي ڪلان ڪوٽ واري پاسي تي هڪ وڏو ضلعي جيل پڻ ٺهيو آهي، جنهن جي پٿرن جي اُوچي ديوار آهي. هن ديوار کان پوءِ هڪ ڪچو رستو آهي، جنهن تي اٽڪل هڪ ڪلوميٽر هلڻ کانپوءِ ڪلان ڪوٽ ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو.