Skip to main content

Posts

Showing posts from May, 2019

ڪاڇو - عزيز ڪنگراڻي

ڪاڇو سنڌ جو صحرا عزيز ڪنگراڻي ڪاڇو لفظ ڪڇ مان ورتل آهي. کيرٿر جنلن جي قطار جي ڪنار يا ڪڇ وارو سمورو صحرائي يا ميداني علائقو ڪاڇو سڏجي ٿو. عطا محمد ڀنڀرو جي ترجمو ٿيل راورٽي جي ڪتاب سنڌ جو مهراڻ موجب قديم زماني ۾ بکر کان ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ اتان حمل ڍنڍ، لاڙڪاڻي جي اولهه کان سنڌ درياھ جي قديم ڇاڙ وهندي دادو ضلعي ۾ منڇر سان ملي پئي. منڇر ڍنڍ کان وري اوڀر طرف وهندي سيوهڻ لڳ ڌکڻ ۾ ٻيهر سنڌ درياھ سان وڃي ملي پئي. ڪاڇو ۽ منڇر ڍنڍ پڻ هن وڏي درياهي ڇاڙ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا. ان ڇاڙ جي ڪناري ٿي فريدآباد، ماڏو، قصبو. واهي پانڌي (ڪوٽيرو دڙو)، علي مراد واري بستي (ڪلوئي دڙو)، ٽنڊو رحيم جو قديم ماڳ ۽ غازي شاهه جو دڙو (ماڙيکڙ يا پياري جي ماڙي) اهم پتڻ هوندا هئا.

بکر - احسن ٽالپر

بکر احسن ٽالپر بکر؛ سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ ننڍڙو ٻيٽ، جتي عباسي خليفي هارون الرشيد جي جرنيل شيخ ابو تراب ۷۸۷ ع ۾ اروڙ جي ويرانيءَ کان پوءِ شهر آباد ڪيو ۽ ان جو نالو ”فرشته“ رکيائين. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ سيد محمد مڪيءَ جي هتي اچڻ کان پوءِ ان جو نالو ”بکر“ ٿيو.