ڪينجهر ڍنڍ تي بحال ٿيندڙ رونقون لياقت راڄپر دنيا ۾ هن وقت انسانن جي مصروفيات ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي. جنهن ڪري انهن کي پنهنجي ذهن ۽ جسم کي سڪون ڏيڻ لاءِ تفريح جي سخت ضرورت پئي ٿي. ترقياتي ملڪن ۾ تفريح لاءِ حڪومتن پراڻن تاريخي هنڌن جي سنڀال ڪري ۽ نون تفريحي ماڳن کي جوڙي سنواري دنيا مان ايندڙن لاءِ گهمڻ ۽ تفريح جو سامان مهيا ڪن ٿا جن مان ملڪن کي مالي فائدو به حاصل ٿئي ٿو. هاڻي سٺي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ به مالي تفريحي ماڳن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انهن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. جنهن ۾ پنجاب حڪومت سڀ کان اڳڀري آهي. جڏهن کان سنڌ ڪلچر محڪمي کي سائين سردار علي شاهه سنڀاليو آهي ان ۾ ڪافي بهتري آئي آهي.