Skip to main content

Posts

Showing posts from June, 2018

دليل ڪوٽ يا دهليل ڪوٽ - غلام حسين جوڻو

دليل ڪوٽ يا دهليل ڪوٽ غلام حسين جوڻو ’دليل ڪوٽ‘ يا ’دهليل ڪوٽ ‘ جو قلعو سڪرنڊ کان نواب شاهه ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي اتر ۽ اولهه واري ڪنڊ تي آهي. جيڪو روزاني هزارين ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بنيل رهي ٿو. جيڪو پري کان نظر اچي ٿو. ياد رهي ته، اهو قلعو نواب شاهه شهر کان اٽڪل يارهن ميل ۽ سڪرنڊ شهر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. چون ٿا ته هن ڪوٽ جو اصل نالو ”دهليل“ هو. جيڪو وقت گذرڻ سان   گڏ ڪنهن نموني ڦري “دليل” ٿي پيو. ان متقلق   مختلف رايا ۽ قياس آرايون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته، ڄاڻايل قلعو ٽالپرن جي هڪ نواب “مير دليل خان” ٺهرايو هو. جڏهن ته ڪن ٻين ماڻهن جو خيال ان جي ۽ ابتڙ آهي. هو، اها ڳالهه مڃين ٿا ته، اهو ٽالپرن جي حڪومتي دور ۾ تعمير ٿيو هو. پر، ان کي ٽالپرن ڪون جوڙايو هو. اهو، “دليل خان مگسي” تعمير ڪرايو هو. وري ڪي انهن ٻنهي راين کي رد ڪندي چون ٿا ته، بيان ڪيل قلعو يا ڪوٽ ميرن جي هڪ ڪوٽوال ٺهرايو هو. ان لاءِ تاريخ جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي.