Skip to main content

Posts

Showing posts from July, 2017

قاضي احمد - مومن جوڻو

قاضي احمد خود شھر ڪيئن وجود ۾ آيو مومن جوڻو قاضي احمد شھر جو پراڻو نالو ميل ڪنڊي هيو، جنهن کي ميل شريف به ڪوٺيو ويندو هو. حضرت قاضي احمد رحمت الله عليه جو اباڻو ڳوٺ، ضلعي دادو جي ٽلٽي شھر ڀرسان ڳوٺ احمدين آھي، جتي حضرت قاضي احمد رح جو جنم پڻ ٿيو. وضاحت حضرت قاضي احمد قريشي رحمت الله عليه جا ابا ڏاڏا، اصل درياھ جي پار يعني ضلعي دادو جي ٽلٽي شهر جي ڀرسان ڳوٺ احمدين ۾ ويٺل هئا ۽ حضرت قاضي احمد رحمت الله عليه پڻ سن 1112هجري مطابق 1700ع ڌاري، ٽلٽي شھر جي ڀرسان احمدين ڳوٺ ۾ ڄاوا هئا. سندن والد صاحب، سندن نالو احمد رکيو.