Skip to main content

مدئجي - عبدالحسين موسوي

مدئجي

[مدئجي“ نالي سان شھر ٽي ڀيرا ٻڌو ويو]

عبدالحسين موسوي



سنڌ مٿان نادري آفت سال ١١٥٢ھ ۾ اچي ٽٽي۔ نادر شاھ سلطنت دهلي سان جيڪو معاهدو ڪيو هو ان مطابق اٽڪ دريا ۽ ساڱري جي اولھ وارا علائقا، هزاراجات، قلعو بکر، سکر، لاڙڪاڻو وغيره خراسان جي عملداري ۾ آيا۔ ان کان پوء انھن علائقن جو سمورو انتظام نادري ماڻھن جي حوالي هوندو هو۔ نادر افشار سنڌ مان ويندي قلعي بکر ۽ درياھ جي اوڀر وارن علائقن کي ميان نور محمد جي قبضي مان ڪڍي دائود پوٽن ۽ باروزئين (سبي ۽ ڀرپاسو) جي حوالي ڪيا. افشاري دور ۾ سنڌ جو اهو ڀاڱو ”موغلي“ جي نالي سان سڏيو ويو۔


نادر شاھ افشار جي قتل (١١٦٠ھ) کان پوء احمد شاھ ابدالي سنڌو جي ساڄي ڪپ وارن علائقن تي ناجائز والار ڪري انھن کي ”احمد شاهي“ سان ملحق ڪيو. هن شڪارپور کي الڪا (پرڳڻي) جي حيثيت ڏئي باقي علائقن کي محال شمار ڪري الڪا شڪارپور سان ملايو ۽ الڪا شڪارپور وري ولايت لاهور جي ماتحت ڪئي وئي۔ پوء سنڌ جو اهو ڀاڱو - ”موغلي“ بدران ”احمد شاھي“ سڏجڻ لڳو۔]

آڳاٽي مدئجي متعلق ١١٩١ھ / ۱۷۷۷ع جو تاريخي دستاويز

تيمور شاھ بن احمد شاھ ابدالي (دور حڪومت: ١١٨٧ھ/ ۱۷۷۳ع - ١٢٠٧ھ/ ۱۷۹۳ع) پنھنجي دور حڪومت ۾ سال ١١٩١ھ/ ۱۷۷۷ع ۾ سيد ظريف شاھ کي ”ڳوٺ منديجي“ عطا ڪيو ۽ ڍل جو اڌ سرڪار جو ۽ اڌ مذڪور سيد جي تصرف ۾ ڏنو ويو۔ ان دستاويز ۾ ڳوٺ جو نالو ”منديجي“ لکيو ويو۔ دستاويز جي لکجڻ وقت مير علي شير 'قانع' حيات هو ۽ کيس ”تحفت الڪرام“  تصنيف ڪئي ڏھ ورهيہ گذري چڪا هئا۔

دستاويز جو فارسي متن:

آنکہ حکام و عمال حال و استقبال الکاء شکارپور بالطاف شاھانہ سرفراز گشتہ بدانند کہ از روی الطاف شاھانہ قریہ مندیجی بہ سیادت پناہ و نجابت انتباہ سید میر طریف شاہ ابد الابد مرحمت گردیدہ بدین مضمون کہ بعد از وضع رسد زارعین نصف مالیہ دیوانی ہمہ جہت قریہ مذبور در سرکار رسانیدہ و تتمہ نصف مالیہ ہمہ جہت را خود میر مومی الیہ متصرف فصلا و فصلا بودہ باشد و زمام زمین قریہ مندیجی بدستور ملکیت بمیر معز الیہ مرحمت و بخشیدہ شد لہذا حکام حال و استقبال شکارپور از قرار فرمان رقم مبارک حسب الامر اشرف اعلی نصف حصہ میر مشارکت الیہ بر حال و برقرار داشتہ مالیہ دیوانی قریہ مندیجی مذبور را ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ زارعین نصف مالیہ را خود متصرف شوند و نصف مالیہ را سیادت پناہ مذکور را وا گذارند اصلا دخل و رجوع نکند و در وجہ سید موصوف برحال و برقرار دانند کہ سید معز الیہ مرفہء الحال و فارغ البال بودہ بدعاگو ذات اشرف قیام و قدام نماید در این باب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ معمول داشتہ در عہدہ شناسند۔ در ماہ شہر شعبان ١١٩١ھ“ (۱)

ترجمو: شڪارپور علائقي جي موجود توڙي ايندڙ وقت ۾ مقرر ٿيندڙ حاڪمن ۽ عملدارن کي، جن تي شاهي عنايتون ٿيل آهن، کي خبر هئڻ گهرجي تہ شاهي مهرباني تحت منديجي ڳوٺ سيد مير طريف شاھ کي هميشه لاءِ عطا ڪيو ويو آهي. هن تفصيل سان تہ هارين سان تصفيہ حساب بعد اڌ آمدني مڪمل طرح  مٿي ڄاڻايل ڳوٺ جي ڍل طور سرڪار وٽ جمع ڪرائي وڃي ۽ باقي رهتو اڌ حصي کي مٿي ڄاڻايل مير (طريف) فصل، فصل تي پاڻ ڪتب آڻي. منديجي ڳوٺ ملڪيت جي حساب سان مٿئين قابل احترام مير کي بخشش طور ڌنو ويو آهي. ان روءِ سان سمورن موجود توڙي ايندڙ وقت ۾ مقرر ٿيندڙ حاڪمن توڙي عملدار جاري ڪيل مٿئين حڪم مبارڪ موجب مير صاحب واري اڌ حصي کي برقرار رکندي مٿي ڄاڻايل ڳوٺ منديجي جي سرڪاري ڍل ، هارين سان بٽائي ڪرڻ بعد بچت جو اڌ پاڻ وصول ڪن ۽ باقي بچيل اڌ مٿي ڄاڻايل مير صاحب جي حوالي ڪن ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جو عمل دخل نہ ڪيو وڃي تہ جيئن سيد سڳورو پريشانيءَ کان محفوظ رهي دعائن ۾ ياد رکي. ان بابت جاري ڪيل حڪمنامي تي عمل ڪندي پنهنجي ذميواري ۾ شامل ڄاتو وڃي. شعبان مهينو، سنه ١١٩١ھ.

تيمور شاھ افغاني جي فرمان ۾ جنھن سيد ظريف شاھ کي مدئجي عطا ڪئي آهي وئي ان جو شجرو:

ظريف شاھ جي پٽ شير محمد شاھ کان هاڻي تائين پيڙهين جو اضافو وچين ڏنگين ۾ ڪيو ويو آهي۔ سيد ظريف شاھ کان سيد آدم بنوري تائين ٻن کٽيل پيڙهين کي وڏين ڏنگين اندر شامل ڪيو ويو آهي۔ سيد آدم بنوري کان سيد گيسو دراز تائين پڻ پيڙهين جي تصحيح ڪئي وئي آهي: 

”سيد اسلم شاھ، سيد عنايت علي، سيد ڪفايت علي ۽ سيد انعام علي ابناء سيد ظريف بن سيد امام علي بن سيد عنايت علي بن سيد معصوم بن“ سيد شير محمد بن سيد ظريف بن سيد ولايت بن سيد ميانداد بن سيد الياس بن سيد يعقوب بن سيد برات بن سيد يحييٰ [بن سيد محمد غوث (موڀي پٽ ۽ خليفہ) بن سيد غلام محمد (موڀي پٽ ۽ خليفہ)] بن سيد آدم بنوري بن سيد اسماعيل (ھراتي) بن سيد بہوا بن سيد حاجي يوسف بن سيد يعقوب بن سيد حسين بن سيد دولت بن سيد اقبيل بن سيد سعدي بن سيد قلندر بن سيد حسين بن سيد داؤد بن سيد عبداللہ بن سيد عبدالغفور معروف بہ ڪپور بن سيد بدرالدين بن سيد ظفر الدين محمد بن سيد سيف الدين احمد (مشواڻين جو وڏو ڏاڏو) بن سيد محمد گيسو دراز اؤل.

سيد مظفر مدئجوي: ”مدئجي صحيح يا مديجي - حقيقتن جي روشني ۾ نالي جي اصليت“ مان اقتباس

- اوائلي مدئجي جو پايو وجھندڙ ۽ محل وقوع: مدء خان خليفو، بلوچ هو۔ هن زمين خريد ڪري اتي گھر ٺاهيو ۽ پسگردائي کي آباد ڪيائين۔ ان تي ”مدء خان جي ديھ“ نالو پيو۔ وقت سان اتي آبادي وڌي ۽ پھريان مدئجي ڳوٺ ٿيو پوء مدئجي شھر بڻيو۔ مذڪور شھر ”ڪيٽي مير محمد گھمرو جي نزديڪ، سنڌو درياھ جي ڪپر تي گھاڙ واھ جي ڀرسان هڪ مکيه بندر هو۔ انگلينڊ جي قديم آثارن جي لائبريري ۾ رکيل هڪ نقشي ۾ مدئجي کي سنڌ جو بندر ۽ مکيہ شھر ڏيکاريل آهي۔ درياھ ان کي پائي ويو۔

- وچئين مدئجي: پائجي ويل مدئجي جي رهواسين اتان پلاڻي اسٽيشن مدئجي روڊ جي ڏکڻ اوڀر ۾ نئون مديجي شھر ٻڌو۔ انھي وچئين مديجي جي آثارن ۾ سيد قائم شاھ جو کوھ نشاني موجود آهي۔ انھي مدئجي کي به درياھ جي ليٽ پائي ڇڏيو۔

- مدئجي ٽئين: اها هاڻوڪي مدئجي آهي، جنھن کي وچئين مديجي وارن ”ديھ جنداري“ ۾ نئين سر ٻڌو۔ اها مدئجي روڊ اسٽيشن جي اتر طرف هڪ ڪوھ جي پنڌ تي آهي۔ انھي مدئجي کي ٻڌئي اسي (۸۰) نوي (۹۰) ورهيہ ٿيا آهن۔

[سيد مظفر جو مذڪور مضمون ۱۹۶۲ع ۾ ڇپيو، انھي سال مان ۹۰ ورهيہ ڪٽ ڪبا تہ ۱۸۷۲ع بيھندو۔ هيوز جي گزيٽيئر مطابق ۱۸۷۰ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي جنھن ۾ مدئجي واري سموري ايراضي دريائي ليٽ نذر ٿي وئي۔]

سال ۱۹۴۲ع جي ٻوڏ ۾ هي شھر زير آب رهيو، وري سال ۱۹۴۷ع جي ٻوڏ ۾ شھر کي وڏو ڇيھو رسيو۔ (۳)

هيوز جي گزيٽيئر (۱۸۷۶ع) ۾ مدئجي جو احوال۔

- سکر ۽ شڪارپور ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي نوشھري ابڙي ۾ هڪڙو سرڪاري ڳوٺ آهي، جيڪو گھاڙ واھ تي واقع آهي ۽ اهو شڪارپور کان ڏکڻ ۾ ويھ ميل پري آهي۔ اهو لاڙڪاڻي سان روڊ وسيلي ڳنڍيل آهي، جنھن جو مفاصلو ساڍا ڇويھ ميل آهي ۽ اهو تازو هاڻي تائين سکر سان بہ ڳنڍجي ويو هو، جڏهن اهو روڊ سنڌو درياء جي پاڻي جي واڌ ۽ کاڄ سببان لڙهي ويو هو، جنھن سببان جھليء بند اندر هڪڙو ٻيو روڊ ٺھرائڻ جو رٿيو ويو آهي۔ هتي هڪڙو پوليس ٿاڻو ۽ ڍڪ به آهي۔ هتي هڪڙو مسافر بنگلو ۽ ڌرمشالا بہ هئي، جيڪا ۱۸۷۱ع واريء ٻوڏ ۾ ڊهي پئي هئي۔ رهواسين جو تعداد ۱۳۵۴ آهي، جيڪو مسلمانن ۾ خاص ڪري پٺاڻ ۽ هندن ۾ گھڻو ڪري آهوجن تي مشتمل آهي۔ هر هڪ طبقي جي تعداد جي ڄاڻ ناهي۔ ماڻھن جو ڌنڌو خاص ڪري زراعت آهي۔ هتي جو اڪيلو دستڪاري جو ڪم جتيون ٺاهڻ، ڪورڪو ڪم ۽ ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ آهي۔ (۴)

- هيوز جي گزيٽيئر ۾ مدئجي پتڻ جو ذڪر ملي ٿو ۷۱-۱۸۷۰ع ۾ ان پتڻ تي هڪ ٻيڙي هئي۔ (۵)

- مدئجي - ڊکڻ روڊ جيڪو نو (۹) ميل، ڪٿي ڪٿي پليون ٺھيل، پر ٻوڏ ۾ ٻڏي وڃي ٿو۔ (۶)

- هيوز، مدئجي ۾ ٻئين درجي جو هڪ پٽيدار - قائم شاھ پٺاڻ ڄاڻايو آهي۔ وٽس ويھ ايڪڙ ڇويھ گھنٽا ايراضي هئي۔ سرڪار کي وٽائنس ۵۰ روپيہ ساليانو محصول ملندڙ هو۔ (۷)

ٽالپر اميرن جو شاھ شجاع سان معاملو ڪرڻ لاء مدئجي ۾ منزل ڪرڻ

تاریخ تازہ نواء معارک“ مطابق سال ١٢٤٩ھ /  ۱۸۳۳ع ۾ جڏهن شاھ شجاع کي خيرپوري اميرن مٿان سرسي پلہء پئي، تڏهن حيدرآبادي ٽالپرن بدلي وٺڻ لاء لشڪر ۽ جنگي سامان تيار ڪري هڪليندا پھريان لاڙڪاڻي پھتا، جتي خيرپور جا امير پڻ ساڻن گڏيا۔ مير صاحبان لاڙڪاڻي مان هلي درياھ جو پاسو وٺي، پنڌ هڻي اچي ”مديجي“ ۾ ڇاوڻي هنيائون۔ ساڻن گڏ ٻيڙيون بہ هيون۔

اميرن غالبا مدئجي مان ئي سرهندي پيرن - ميان نظام الدين ۽ غلام محي الدين جن جي کي شاھ شجاع سان ڳالھيون ڪرڻ لاء مڪو۔ مذڪور ٻنھيا ڄڻن شجاع افغان سان ڳالھيون ڪيون، پوء شجاع پنھنجي طرفان محمد شريف خاندان ضبط بيگي ۽ قاضي محمد حسن کي پير صاحبان گڏي ميرن ڏانھن [مدئجي] موڪليو۔ بھرحال مدئجي ۾ معاملات طي ٿيا۔ (۸

سيد مھدي شاھ پنھنجي محققانہ ڪتاب - ”ابڙو وڏا وڙو“ ۾ لکيو آهي: ”هن موقعي [جڏهن ٽالپر امير مدئجي ۾ شجاع افغاني خلاف منزل انداز هئا] تي سردار جلال خاندان ابڙي (ثاني) [١١٦٠ھ /  ۱۷۴۷ع - ١٢٥٢ھ /  ۱۸۳۶ع] ميرن جي لشڪر سميت مھماني جھلي هئي، جنھن کان خوش ٿي مير نصير خان - جلال خاندان کي سوني ترار سوکڙي طور ڏني هئي۔“ (۹)

مدئجي جا ٽي ڪافي گو شاعر

ڊاڪٽر نبي بخش خاندان بلوچ ڪتاب ”قافيون“ ۾ مدئجي جي ھيٺ ڏنل ٽن شاعرن جو ذڪر سندن چونڊ ڪافين سميت ڏنو آهي

- سيد فضل علي شاھ - مديجي ۾ مدفون آهي۔

- سيد شاهنواز علي شاھ، سندس قبر درگاھ سيد سليم شاھ آباد لڳ مرزانپور ۾ آهي۔

- سيد غلام علي شاھ، مدئجي ۾ مدفون آهي۔ (۱۰)

اولڊ بوائز ايسوسيئيشن گورنمينٽ هاء اسڪول مدئجي

مقصد: علم، ادب، ثقافت ۽ سماج جي خدمت۔ علائقي جي عوام جي خدمت۔

پيغام: سوجھرو، سوجھرو، سوجھرو۔

ايسوسيئيشن ۱۹۷۴ع کان سرگرم ٿي۔ هن جا سٺ کان ستر ميمبر هئا، جيڪي ڪراچي ۾ نوڪرين سانگي رهندا هئا۔ جيڪي او بي اي تحت علمي ادبي پروگرام مدئجي توڙي ڪراچي ۾ منعقد ڪندا رهندا هئا۔ هنن چوٿين ۽ پنجين جون تي عظيم الشان علمي ادبي ميلو ”مدئجي ميلو“ جي نالي سان مدئجي ۾ ڪرايو۔ مدئجي ميلو ڪاميٽي جو صدر نصرت حسين ابڙو هو۔ شڪارپور جي ڊي سي قلي بخش رند ميلي جو افتتاح ڪيو۔ ان موقعي تي شڪارپور جا اخباري نمائندا، ڊائريڪٽر انفارميشن نظام الدين جتوئي، آغا صلاح الدين خان ۽ معزز شھري وڏي انگ ۾ شريڪ هئا۔ او بي اي جي جنرل سيڪريٽري سعيد 'گل' سپاس نامو پيش ڪيو۔ (۱۱)

حوالا

۱- سيد محمد شاھ ڪاظمي تيمور شاھ وارو دستاويز دستياب ڪري ڏنو، سندس عنايتون.

۲- مون اصل فارسي دستاويز جو متن نقل ڪري جناب نبي بخش دانش ڏانھن الٿي لاء اماڻيو، سائين ترجمو ڪري ڏنو۔

۳- مظفر مدئجوي، سيد: ”مدئجي صحيح يا مديجي“، (مضمون)، ”نواء سنڌوء“ حيدرآباد، ۸ مئي ۱۹۶۲ع

۴- اي. ڊبليو. هيوز: ”سنڌ گزيٽيئر“، مترجم حسين بادشاھ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۲۰۱۷ع، ص ۴۸۰

۵- ساڳيو، ص ۷۶۴

۶- ساڳيو، ص ۷۶۲

۷- ساڳيو، ص ۷۵۵

۸- عطا محمد شڪارپوري، منشي: ”تازن معرڪن جي تاريخ“، مترجم حڪيم نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۰۵ع، ص ۱۲۹ کان ۱۳۲

۹- مھدي شاھ: ”ابڙو وڏا وڙو“، شاھ لطيف اڪيڊمي، شڪارپور، ۲۰۰۵ع، ص ۵۶۲

۱۰۔ بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”قافيون“، جلد ٻيون، سنڌي ادبي بورڊ حيدر آباد، ۱۹۸۷ع، ص ۸۷۹ کان ۸۸۲

۱۱- نصرت حسين ابڙو: ”مدئجي ميلو“، هلال ميگزين، ۱۰ جون ۱۹۷۹ع، ص ۹۳

خصوصي ٿورا جناب حافظ احمد انڍڙ جا جنھن اخباري مضمون مھيا ڪري ڏنا۔

 

(عبدالحسين موسوي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]