Skip to main content

Posts

Showing posts from December, 2022

مدئجي - عبدالحسين موسوي

مدئجي [مدئجي“ نالي سان شھر ٽي ڀيرا ٻڌو ويو] عبدالحسين موسوي سنڌ مٿان نادري آفت سال ١١٥٢ھ ۾ اچي ٽٽي۔ نادر شاھ سلطنت دهلي سان جيڪو معاهدو ڪيو هو ان مطابق اٽڪ دريا ۽ ساڱري جي اولھ وارا علائقا، هزاراجات، قلعو بکر، سکر، لاڙڪاڻو وغيره خراسان جي عملداري ۾ آيا۔ ان کان پوء انھن علائقن جو سمورو انتظام نادري ماڻھن جي حوالي هوندو هو۔ نادر افشار سنڌ مان ويندي قلعي بکر ۽ درياھ جي اوڀر وارن علائقن کي ميان نور محمد جي قبضي مان ڪڍي دائود پوٽن ۽ باروزئين (سبي ۽ ڀرپاسو) جي حوالي ڪيا. افشاري دور ۾ سنڌ جو اهو ڀاڱو ”موغلي“ جي نالي سان سڏيو ويو۔