Skip to main content

نوراجا - سرور سيف

نوراجا

منھنجو ڳوٺ

سرور سيف



نوراجا منھنجو ڳوٺ منھنجي جنم ڀومي جنھنجو ذڪر لوڪ رام ڏوڏيجا ”منھنجي سنڌ منھنجا ماڻھو“ ۾ به ڪيو آھي، جنھن کي شاھوڪارن جو ڳوٺ به چيو ويندو ھو ۱۹۶۴ع تائين ڪچي ۾ ھوندڙ ھي ڳوٺ پني عاقل تعلقي جي اولھ ۾ سڀ کان وڏي ايراضي رکندڙ يونين ڪائونسل آھي جنھن سان ڪشمور ڪنڌڪوٽ شڪارپور ضلعا ۽ سکر روھڙي جا علائقا لڳنٿا، ورھاڱي کان اڳ نوراجا ۾ ھندو زميندار ۽ تاجر وڏي تعداد ۾ رھندا ھئا ۽ آبادي ۾ به ھندن جو تناسب وڌيڪ ھو، ھندو واپارين جو واپار ڏيساور تائين ھو سندن ڪلڪتي آسام ۽ فيض آباد ۾ ڪوٺيون ھيون.نوراجا ان شاھي سڙڪ تي ھو جيڪا روھڙي قاسم پور بائجي سنجرپور کان ملتان ويندي ھئي، ان ئي سڙڪ سان مجاھد خان مغل جرنيل پنھواري ۾ ٻيڙين جي پل ذريعي بکر قلعي تي اڪبر بادشاھ جي حڪم تي بکر ۾ سلطان محمود ڪوڪلتاش تي حملو ڪيو ھو، ان شاھي سڙڪ کان ٻي سڙڪ نوراجا کان ٿي حسين ٻيلي ۽ سعد ڳوٺ ويندي ھئي جيڪي انگريزن جي دور ۾ انڊس فلوٽيلا جي فيري سروس جون سنڌو ندي تي اسٽيشنون ھيون جتان سکر ۽ پنجاب کان سنڌو ندي رستي سامان لھندو چڙھندو ھو اھا سڙڪ نوراجا ڳوٺ وڇ مان نڪري مٿي ويندي ھئي جڏھن فيري سروس اسٽيشنز کان بيل گاڏيون سامان کڻي رات جو نوراجا مان گذرنديون ھيون ته ڳوٺ ۾ خوشگوار ماحول ھوندو ھو خاص طور گدرن ڌاڻن جي خوشبوء ھر گھر واسي ڇڏيندي ھئي، ڳوٺ جي چوڌاري سون اپائيندڙ زرخيز زمينون ھيون جن ۾ ھر قسم جي پوک ٿيندي ھئي خاص طور ڪڻڪ جي لابارن ديرن ۽سارين جي لاباري وقت ته عيد جو سمو ھوندو ھو ڪڻڪ ۽ بوئدار چانورن جو واس فضا کي معطر ڪري ڇڏيندو ھو، ھندو زميندار لابارن ۽ لائي ۾ ھر غريب کي سٿري ڏيندا ھئا ۽ ديرن ۾ ھر پورھيت ۽ غريب کي پڻڪي يا دري ان جي ڀري ڏيندا ھئا ٻارن کي به ٽويو ٽويو ان يا ساري جو جھول ۾ ڏيندا ھئا جي ھٽن تي ڏئي چانورن جي لائي ۽ وڙو ريوڙيون نقل وٺي کائي رڄ ڪندا ھئا نوراجا ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي کجين ۽ انبن جا وڏا باغات ھئا خاص طور شاھوڪارن جو شاھي باغ جو سڙڪ جي ساڄي پاسي ھو ان کي سڏبو ئي شاھوڪارن جو باغ ھو ۽ اڄ تائين ان کي شاھوڪارن جون باغ سڏيو وڃي ٿو اتي عاليشان کوھ ھو جنھن جو ايٽ مسلسل ھلندو رھندو ھو ڏاند سدائين جٽيل ھوندا ھئا ٻار ان جي ڳاڌي کي چنبڙيل ھوندا ھئا، ان کوھ کي ٻه پڪا غسلخانا ھئا مردانه زنانه جيڪي ڍڪيل ھوندا ھئا انھن ۾ قد آدم آئينا به لڳل ھئا ڪاشي ۽ سفيد سنگمرمر سان آراسته، ڪپڙن ڌوئڻ لاء با پرده ھوديون جنھن ۾ سيمنٽيڊ ڦرھا، اڳيان وھٽن جي پاڻي پيئڻ لاء وڏا ھود(حوض) سڙڪ جي ٻئي پاسي پپل سرينھن، نم جا وڏا وڻ جنھن جي ھيٺان پاڻي پيئڻ جا وڏا مٽ ۽ انھن سان ٻڌل جستي وڏا ڏوگھا گلاس ھيٺ پلال يا ٽوئا وڇايل جتي مسافر ڏاند ڇوڙي ۽ گھوڙا اٺ ٻڌي آرام ڪري ٿڪ ڀڃي وري اڳتي ڪاھيندا ھئا ڳوٺ جي مھڙ ۾ آروڙو واھ ھو جنھن تي وڏي ڪشادي ڳاڙھي رنگ جي آرچ نموني پل ٺھيل ھوندي ھئي جا اوڻيھ اسي ايڪاسي تائين ھئي ۽ پوء ملالا پٽي سرون کڻي ويا، ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ سان کاٻي پاسي ھڪ ٻه ٻاليشاھي ن جا گھر ھئا رحيم فقير ۽ سومر فقير جي اھي جھڳيون به ستر اسي تائين انھن جي وفات تائين ھيون جتي ھاڻي سرڪار ابتو ڪامن ھال ٺھرايو آھي جنھن جو در ابتي پاسي کڏ ڏي منھن ڪري ٺھرايو ويو آھي جو ڪنھن جي به ڪم نٿو اچي.


رحيم فقير جي گھر کان اڳيان وڏي گھٽي ھئي جنھن جي منھن ۾ اٽڪل سورنھن فوٽ ويڪرو ساڳ جي ڪاٺ جو اڪر جو ڪم ٿيل در ھو ۽اندر شاھوڪارن جي حويلي ھئي گھٽي جي ٻنھي پاسي انھن جون عاليشان ڳاڙھيون ماڙيون اڏيل ھيون، پل ٽپي وڏو خالي ميدان ھو شاھوڪارن جي حويلي جي وڏي دروازي جي پاسي ڏي ھڪ وڏو طويل انگاس ھو غازي عباس جو علم جنھن کي ھندو به صبح سان اٿي پرنام ڪندا ھئا اھو انگاس ۽ علم اڄ به موجود آھي البت علم جي اڳيان امام بارگاھ ھئي جنھن کي ھاڻي مسجد بڻايو ويو آھي ۽ اتي ھاڻي ديوبندي فڪر وارن جي جماعت ٿيندي آھي ھتي ھڪ وڏو وسيع ميدان ھو اتر پاسي مئخانو يا اوتارو ھو جنھن ۾ به گھاٽ وڻ ھئا ميدان تي محرم ۾ ماتم ڪيو ويندو ھو ۽ خانشاھ جا سيد دلدل نچائيندا ھئا شعبان جي سترھين تاريخ تي قلندر شھباز جو تل ٿيندو ھو جنھن ۾ راڳ رنگ نٽ سانگ ۽ ملاکڙو ٿيندو ھو آخر ۾ قلندر جي ڌمال ٿيندي ھئي ان ماتم توڙي تل ۾ ھندو مسلمان گڏ حصو وٺندا ھئا خوشي غم عيد ڏياري شب برات ھولي ڄڻ سڀني جي گڏيل ھئي وڏي علم جي کاٻي پاسي ڏکڻ اوڀر تي شاھي نم ھوندي ھئي جنھن جي ھيٺان بگيون (ٽانگا) بيھنديون ھيون اونھاري جي منجھند جو تاس راند جون چوڪڙيون لڳنديون ھيون مذھبي رواداري ھئي مسلڪن جو ڪوبه تصور نه ھو ۽ نه ھندو مسلم جو سنڌو، ھندو عورتون اکا پائي آروڙي واھ تي جل پوڄا ڪنديون ھيون ۽ غازي عباس جي علم تي مٿو ٽيڪينديون ھيون.

وڏي گھٽي ۾ شاھوڪارن جا گھر ماڙيون ھئا اڄ جي بيگ اسماعيل جو وڏو شاھي گھر دولھ ڏني مل جو ھو (جنھنجو پٽ ٿڌو مل مدناڻي ۲۰۰۳ع ۾ ڳوٺ نوراجا گھمڻ آيوته سڄي ڳوٺ وڏي علم وٽ سندس پر تپاڪ آجيان ڪئي، ٿڌي مل پنھنجي جيڏن استاد وڪيل، کبڙ فقير عبدالقادر سميجي کي سڃاڻي ڳل لڳي رنو ته ڳوٺ جي ٻار توڙي ٻڍي تائين سڀني جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا جڏھن پنھنجي گھر ڏسڻ جي خواھش ڪيائين ته گھر ۾ رھندڙ سنڌين آڌر ڀاء ڪيو ۽ پردو به نه ڪرايو ته اسان جوڀاء جگر آيو آھي ٿڌي مل گھر جي ڪنڊ ڪنڊ ڀتين درن کي چميون ڏنيون پاڻ به روئندو رھيو ته ٻين کي به زارو قطار روئاريندو رھيو، جڏھن غلام مجتبا دايو کيس آجياڻو ڏنو ته اتي به ڳوٺ جي سڀني ويڙھن جا ماڻھو اچي ڪٺاٿيا ٿڌي مل سڏڪا ڀريندي چيو ته؛ ”اڄ ڀارت ۾ فيض آباد ۾ اسان جو خاندان ارب پتي آھي. اسان جو ٻيو نسل، يورپ ۽ آمريڪا ۾ سيٽل آھي. پر نوراجا اسان واري نسل کان وسريو ناھي. ھن مٽيءَ کي اسان ديوي جيان پوڄيون ٿا.“

ٻئي پاسي ليڏومل ۽ نچڻ مل وارن جي شاھي حويلي ھئي جن کي شاھوڪارن جي حويلي سڏبي ھئي جتي پوء جڳتي سليمان مير خان سميت ڪيئي خاندان اچي رھيا ھئا جڳتي ۽ سليمان جي پيء جا طھر به ھتي وڏي علم وٽ ٿيا ھئا، ميلومل وارن جي ڀر ۾سيٺ بحرو مل ۽سيٺ جمڙي مل وارن جون ماڙيون ھيون جي ڳوٺ جا مکي ھئا مکي جمڙو مل فيصلن ڪرڻ ۾ مشھور ھو انھن جاين ۾ علي محمد ۽ علي نواز وارا پناھ گير اچي رھيا موجوده سنڌي پرائمري اسڪول واري ھنڌ وڏو خوبصورت پئنچات ھال ھو جنھن جي ٻن ڪمرن ۽ ورانڊي ۾ ورھاڱي کان پوء اسڪول ھليو راقم الحروف پرائمري ان بلڊنگ ۾ پڙھيو ھن وقت ان کي ڊاھي نئين سر سرڪار اسڪول جي بلڊنگ ٺھرائي آھي.

پراڻو برانچ مڊل اسڪول واري جاء جتي مان پندرھن سال پڙھايو ورھاڱي کان سال اڳ ۾ جڙي راس ٿي ھئي جنھن جي ڪمرو ويھ باء ويھ ھو ۽ ڇت پندنھن فوٽن تي ھئي سڄو سامان ڪٻٽ در دريون ساڳ جون ھيون ڀتين تي سھڻي پينٽنگ ٿيل ھئي لوھ بيلجيم جو استعمال ٿيل ھو ھي ھوادار جاء سيٺ ليڏو مل جي شوق سان ٺھرايل اوطاق ھئي افسوس جو کيس سک وٺڻ نصيب نه ٿيو، سرڪار ھن کي تپيداري ديرو قرار ڏنو ھو پر دلچسپي نه ھئڻ ۽ آيلن جي وچ ۾ ھئڻ ڪري ۱۹۷۳ع تائين انھن جي استعمال ۾ رھيو ۱۹۷۳ع ۾ ڪچي ۾ وڏي ٻوڏ اچڻ ڪري رضا ڳوٺ ٿاڻي جو عملو نوراجا شفٽ ٿيو ۽ جنھن ڪمري ۾ برانچ مڊل ھلندو ھو ان ۾ اچي صوبيدار رھيو جڏھن اسڪول کليا ته مسئلو ٿيو پوليس تپيداري ديري واري بنگلي ڏانھن منتقل ٿي ته مھاجرن اعتراض ڪيو نيٺ فيصلو ٿيو ته پوليس ساڳئي جاء ۾ رھي اسڪول ديري ۾ ھلي ڪجھ وقت کان پوءِ پوليس جڏھن رضا ڳوٺ واپس وئي ته اسان کي اسڪول خالي ڪرڻ لاء چيو ويو استاد محترم گل حسن سميجو اسڪول انچارج ھو تنھن اسڪول خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو نتيجي ۾ اسان استادن شاگردن مٿان پٿراء ڪيو ويو اسڪول ۾ گند اڇلڻ جو ڪڌو ڪم شروع ڪيو سندن عورتون روز اچي مون کي ۽ سائين کي گاريون ڏينديون ھيون، فرياد ڪيائون ايس ڊي ايم محمد پنھل جتوئي جھڙو سخت مزاج ھو ايڊيو ڪيشن آفيسر سائين مشتاق کوکر ھو جنھن اسان جي مڪمل ۽ ھر طرح جي حمايت ڪئي، ايس ڊي ايم انڪواري ڪئي ۽ مھاجرن کي سختي سان چيائين ته تپيداري ديرو آھي اسڪول ھلندو وڌيڪ گڙ ٻڙ ڪندا ته جيل ۾ توھان کي وجھندم ھا جيڪڏھن استاد توھان کي ٻئي گل حسن ۽ غلام سرور نٿا وڻن ته ٻيا ٿا اتي رکون پر مھاجرن چيو ته استاد ٻئي شريف سڀاء وارا آھن اھي ئي رھن ايئن ۱۹۸۹ع تائين اتي برانچ مڊل اسڪول رھيو ۽ ھليو ھن وقت اھا بلڊنگ زبون الحال آھي ۽ اتي ھڪ غريب سنڌي ٻارين ٻچين رھي ٿو.

برانچ مڊل اسڪول واري بنگلي جي ساڄي پاسي ھوري ۽ کاٻي پاسي ٽڪاڻو ھو، ان کان اڳتي موٽو مل جو باغ ۽ کوھ ھو، جنھن جاء ۾ پوء اچي ياسين مھاجر رھيو اتي ڀڳت ٿيندي ھئي.باغ واري پاسي ڳئون شاله ھئي، موجوده جامع مسجد جي ساڄي پاسي جتي ڪنھن وقت مھيسرن جو واڙو ۽ وڏي اوطاق ھئي اتي کري ھئي ۽ داين جي ڪنڊ کان رندن جي گھرن تائين وڏي سڙڪ ۾ بازار ھئي جتي مڃار پنسار ۽ ڪپڙي ۽ ڪرياني جا دوڪان ھئا ڪپڙن جي ڌلائي رنڱ ۽استري به ٿيندي ھئي موريي کٽي وارا اھو ڪم ڪندا ھئا چوڪيداري سسٽم ھو اٽي جي چڪي پئنچات گھر جي پاسي ۾ ھئي، وڏن داين جي گھرن جي سامھون وڏي ھوادار ٻارنھن دري واري ٽماڙ ڪندن مل جي ھئي جو رينجر عبدالمجيد جو ڪلاس فيلو ھو ڪندن مل جي وڏن جون ورھاڱي کان اڳ بنگال برما ۽ سيلون تائين واپار ھلندو ھو ۽ ڪوٺيون ھيون شھر جو مھراج شيون مل ھو جنھن جو ڳوٺ کان ٻاھر مشھور کوھ ھو جنھن کي ٻانڀڻ جو کوھ سڏيو ويندو ھو جو ٻارھو ئي پيو ھلندو ھو جنھن کي عاليشان حوض ھئا جتي انگريز ڪامورا ۽ ڪارندا به منزل انداز ٿيڻ وقت وھنجندا ھئا اھو کوھ اسان به ڏٺو ء وھنتاسين زنانه مردانه حوض الڳ الڳ ھئا جي ڍڪيل ھوندا ھئا، مھراج شيون مل جي ڌيء جي شادي مشھور شاعر ۽ ناٽڪ نويس مھراج سيتلداس سوامي سان ٿيل ھئي.

استاد گل حسن ۽ مرحوم بھادر علي وارن جون ماڙيون جي ھاڻي ڊاھي نيون جايون ٺاھيون ويون آھن ٽيڪو مل وريل مل جون ۽ مرحوم نياز واري عاليشان ماڙي کيئل سڀاڳي ۽ ٺينگو مل وارن جي ھئي جا ست ماڙ ھئي جنھن ۾ مھاجرن جا ست اٺ خاندان اچي رھيا ۽ ڀتين کي ڇيڻن سان سينگاريائون، ڳوٺ کان ٻاھر ڇھ جريب زمين مساڻن لاء رکيل ھئي جا يوپي جي فرزند علي کي ڪليم ۾ ملي جنھن کان فيروز خان خريد ڪئي، اوائلي پرائمري اسڪول وڏن داين جي پٺ۾ ھو ڳوٺ ۾ ۱۹۲۲ع ۾ ملا اسڪول به قائم ٿيو جيڪو ملان مبارڪ سميجو سرڪاري گرانٽ تي ھلاييندو ھو

منشي بندو الھندي ۽ مومن روشني جي گھرن ۽ ھٽن وارين جاين ۾ غريب گھورڙيا تيلي چاڪي ھندو رھندا ھئا

ورھاڱي کان اڳ ڳوٺ نوراجا جي بيھڪ عاليشان ۽ عجيب ھئي، ڳوٺ کي اوڀر اولھ ٽي شاھي گھٽيون ھيون وچ واري شاھي سڙڪ ۽ شاھي بازار جي ڏکڻ واري وڏي گھٽي جي ٻنھي ڇيڙن تي وڏيون گيٽيون ھيون اھو مڪمل شاھوڪار ھندو محلو ھو پوئين گيٽ جي مٿان وڏو ٽڪاڻو ھو جتي ھر سال ويساکي جو ميلو لڳندو ھو ٽڪاڻي جي ڀرسان ڀڳت گھر ھو جتي نامور ڀڳت ڪنور رام سميت ايندا رھندا ھئا اڪثر چنڊ جي چوڏھين تي وڏي ڀڳت لڳندي ھئي ھولي جي سانگ کي ڀرپور ملھايو ويندو جنھن خوشي ۾ مسلمان به شامل ٿيندا ھئا رواداري جي انتھا ھئي ٽڪاڻي وٽان ھڪ ننڍي گھٽي کيئل مل جي ستماڙ ڏي ويندي ھئي جا نوراجا جي خوبصورت ترين جڳھ ھئي جا ويجھڙائي ۾ مٿان ڊاٿي وئي آھي اتان وري ٻه ڱھٽيون نڪرنديون ھيون ھڪ موجوده سچل اسڪول جي پٺ ۽ ٻي سنھي گھٽي وري ويجھو ئي وريل مل جي ھٽ جيڪو پوء مھاجر مؤمن ڪريمان جي حصي ۾ آيو وٽان شاھي سڙڪ ۾ پوندي ھئي ھڪ گھٽي بازار کان پئنچات ھال کان ٽڪاڻي ھوري کان ٿيندي موٽو واري کوھ ڏي ويندي ھئي جتي به ساڳئي طرح حوض ھوديون ھيون

وڏي سڙڪ شھر ۾ مسجد جي ڪنڊ کان ٻن حصن ۾ ورھايل ھئي ھڪ منگين جي گھرن اڳيان ٿي مٿي سومرا پنھواري ويندي ھئي ۽ ٻئي پراڻي پرائمري اسڪول واري ھنڌ، ڊکڻن جي دکڻن کان مٿي وڃي ڳھڻ جي صورت ۾ اتر پاسي پير ٺاروشاھ، خانشاھ کان پني عاقل چونگھا عزيزپور واري سڙڪ ۾ پوندي ھئي ۽ ڏکڻ ۾ وري وڏي شاھي سڙڪ سومرا پنھواري ويندڙ ۾ پوندي ھئي ۽ اتان چوڪ جي صورت ڏئي دلدار سميجو ۽ دڦر وريام واري شير شاھ سوري واري سڙڪ ۾ پوندي ھئي.

ٽئين وڏي سڙڪ پير حضوري کان ننڍن داين جي گھرن کان ٿيندي وڃي خانشاه ويندڙ وڏي سڙڪ جي ٻئي ڇيڙي ۾ ڊکڻن وٽ گڏبي ھئي.

شاھي بازار کان ھڪ ٽيھ فوٽ ويڪري گھٽي ڏاڏي گلو کٽي جي ھٽ کان ٿي پير حضوري واري گھٽي ڪراس ڪري مٿي حاجي جان محمد جي گھر کان ٻن ڇيڙن ۾ ورھائبي ھئي ھڪ ڇيڙو لوھرن جي گھرن دکڻن ڏي ۽ ٻيو ڇيڙو گھرام ڳوٺ مياڻي ڏي وڃي چونگھا عزيزپور سڙڪ ۾ وڃي هوندو ھو

ھڪ ٻي گھٽي ننڍن داين جي گھرن کان ڪنڀرن جي آوي کان ھيٺ لھي جھنگ ۽ واھ ڪراس ڪري گھرام ڳوٺ ويندڙ ڳھڻ ۾ پوندي ھئي

باقي ويڙھن جي اندر ڪيئي سنھيو. گھٽيون ھيون ڊکڻن، لوھرن سميجن ڪنڀرن حجمن رند فقيرن جن کي پکي مار به چئبو ھو مھاڻن کٽين مھيسرن، ننڍن داين وڏن داين جا الڳ الڳ ويڙھا ھئا

ڳوٺ جي وڏي سڙڪ جي ڏکڻ ۾ سڀ پڪا گھر ماڙيون محل ھندن جا ھئا ۽ سڙڪ جي اتر ۾ سڀ گھر مسلمانن جا ھئا جي ويڙھن جي صورت ۾ رھندا ھئا ۽ اڪثر پنھنجي آبائي ڪرت يا ڪڙمت ڪندا ھئا ڳوٺ جي چوڌاري زمينون باغ ديوانن ۽ ھنڱورو جي ڌاريجا وڏيرن جا ھئا مسلمان اڪثر اڻ پڙھيل پر ڪجھ پڙھيل به ھئا ڪجھ فارسي به ڄاڻيندا ھئا، مسلمان غريب ۽ ديوان سيٺيون ھئا گھڻا مسلمان نوجوان سندن چاڪري ڪندا ھئا انھن جا ڍور ڍگا سنڀالڻ کير ڏھائي بگي ھلائيندڙ جھليون ھڪليندڙ ۽ ٻيا ڪم ڪندا ھئا پگھار سان گڏ کين ڏک سک ۾ به مدد ڪندا ھئا

نوراجا ڪچي ۾ ھو ھر سال ليٽ ايندي ھئي ٻيڙيون ھلنديون ھيون بائجي وٽ بچاء بند ھو ۱۹۶۴-۶۵ع ۾ نبي شاھ روھڙي بند ٺھيو ته نوراجا پڪي ۾ آيو.

نوراجا مان ديوان ۱۹۴۸ع ۾ ورھاڱي کان پوء لڏيا ڳوٺ جا سڀ مسلمان سندن لڏ پلاڻ مان ناخوش ھئا کين لڏڻ نه پئي ڏنائون پر جڏھن وڏي حويلي شاھوڪارن جي گھرن ۾ شاھن ملوڪاڻي ۽ ٻين خطرناڪ ڌاڙو ھنيو ته پوء انھن روئندي نوراجا ڇڏيو، سڀ ديوان سيٺيون توڙي غريب گھورڙيا ڪي پنھواري پتڻ کان ڪي سانگي پنوعاقل اسٽيشنن کان روانا ٿيا ته ڳوٺ وارن مسلمانن کين سڏڪندي الوداع ڪيو، مون کي پنھنجي والد ٻڌايو ته ڪوبه اھڙو گھر نه ھو جنھن ۾ چلھ ٻري ھجي، ڪي ڏينھن ڳوٺ ۾ ڄڻ محرم ڄڻ اوسارا ۽ زاريون، ڳوٺ ۾ سڪتو ھو ۽ ھرھڪ وائڙن وانگر پئي ڦريو ته ھي ڪھڙي واء گھلي آھي جو پن پن کان جدا ٿيو آھي ۽ اسان پنھنجي يارن جيڪي گڏ پڙھيا ھئا گڏجي رانديون ڪيون ھيون انھن کي ساريندي ڳوڙھا پئي ڳاڙيا ۽ اسان کان وڏن اسان کي آٿتون پئي ڏنيون ته ولر کان وڇڙيل پکي ضرور موٽي پنھنجا جوڙيل آکيرا وسائيندا پر ويل نه وريا ته نثار بزمي جي ڪافي سڀني جي وات ھئي

ڀڳا ڏار ڳيرا اڏاڻا ھليا ويا

پرين پيار وارا پراڻا ھليا ويا

 

ڏيھي پرڏيھي ٿيا، پرڏيھي ڏيھي

نوراجا جا ھڙئي ھندو توڙي سک زميندار سيٺيون توڙي گھورڙيا مزدور ھاري ٻارين ٻچين روئندا تڙ تڪڙ ۾ جيڪو کڻي سگھيا کڻي باقي پٺيان ان اميد تي ڇڏي ڳوٺ وارن کان موڪلائي ته وري ملنداسين روانا ٿي ويا ۽ ڀارت ۾ مختلف ھنڌن شرنارٿي ڪئمپن ۾ وڃي رھيا ۽ انھن جي لڏڻ کان ڪجھ ئي ڏينھن بعد ھندستان کان مسلمان پناھ گير بڻجي ھيڏانھن آيا نوراجا ايندڙ يا ته لوئر مڊل ڪلاس يا غريب لڏي جا ھاري ۽ مزدور ھئا اھي اچي ديوانن جي ماڙين گھرن ۾ رھيا ئي ھڪ ھڪ گھر ۾ ڪيئي خاندان اچي مقيم ٿيا سندن حالت به ڏاڍي ڏکاري ھئي سنڌين سندن ھرطرح جي مدد ڪئي جڏھن ته ڪن گھرن جاين تي سنڌين قبضو ڪري پنھنجي تسلط ۾ آندو.پناھ گيرن مان ھڪ ٻن دينو ميرخان مھرو وغيره کي ڪجھ زمين ڪليم ۾ ملي باقي تمام زمينون يوپي سي پي وارن فرزند علي ۽ مير رياست علي کي مليون جن آھستي ڪري سنڌين کي وڪتيون فرزند علي مزاج ۾ خانداني ماڻھو ھو ھو گھوٽڪي رھندو ھو ٻئي ٽئين ڏينھن نوراجا زمينن تي ايندو ھو، ھن سنڌين کي آسان قسطن تي ۽ ڪن کي مٺ ڀڳڙن تي محبت ۾ زمينن جا کاتا ڪري ڏنا گھڻيون زمينون ٻنھي ٽنھي ديھن ۾ فيروز خان ورتيون پناھ گيرن ۽ سنڌين ۾ ڪنھن معمولي ڳالھ تان جھيڙو به ٿيو جنھن ۾ ھڪ پناھ گير مارجي به ويو پناھ گير بعد ۾ ڳوٺ وارن سان رلي ملي ويا سنڌي ٻولي به سکيا پنھنجن ٻارن کي سنڌي پڙھايائون ڳوٺ وارن سان غمي شادي ۾ پير ڀرڻ شروع ڪيائون حالتن جي جبر جو شڪار ٿيڻ ڪري سخت محنت ڪيائون گھور پوک مزدوري ننڍا واپار مال پالڻ ڪڙمت مطلب ته محنت به ڪيائون ۽ سنڌي رنڱ ۾ رڱيا جڏھن اسي واري ڏھاڪي ۾ اغوا جون وارداتون وڌيون ڌاڙا ڦرون شروع ٿيا ته ھنن وري لڏ پلاڻ ڪئي ڪي سکر ۽ اڪثر پني عاقل شھر اچي ويٺا ان ۾ اٺاسي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي مھاجر فساد به ھڪ ڪارڻ ھو سندن عورتون سنڌين کان ايئن موڪلائڻ لڳيون ڄڻ پنھنجا پيڪا ڇڏينديون ھجن زارو قطار روئنديون رھيون مومن ۽ ٻيا ته ڍنڍڪران ڏئي روئندا ويا، اڄ به سندن شادي غمي جو ڳوٺ وارن سان رستو آھي ۽ اڄ به پنھنجي ٻارن کي سنڌي پڙھائي رھيا آھن .سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوبي آمريت ۽ ون يونٽ ڪري پنجابي به نوراجا ۾ اچي ويٺا ڳوٺ جي ٻاھران رياستين پنھنجو ڳوٺ ٻڌو انھن جو ورتاء به سٺو ھو پر نوي واري ڏھاڪي ۾ سواء مختيار جي سڀ پنجاب لڏي ويا رياستين جي ڳوٺ ۾ ڪچي کان انڍڙ اچي ويٺا ۽ ھڪ درگاھ به قائم ڪيائون، مختيار وارا لڏي پني عاقل ويٺا جنھن جا پٽ نعيم نديم پني عاقل تعلقي جا وڏا بزمين ٽائيڪون آھن.

ھن وقت نوراجا جي ڪيميسٽري تبديل ٿيل آھي ھندن مھاجرن جي جي جاين تي ويجھن ڳوٺن دلدار، ستار ڏنو ساپيو جا ماڻھو لڏي اچي ويٺا ۽ ٻئي پاسي ڌاڙيل ڪلچر ڪري کوھن تي ويٺل ماڻھو ھتي ھتي وارا به نوراجا جي اتر ۾ زمينون خريد ڪري گھر ٺاھي ويٺا جن کي اصل ڳوٺ وارا بھاري چوندا آھن فيروز خان جي ڳوٺ گھرام جا به ماڻھو اچي نوراجا ويٺا ۽ فيروز خان پاڻ پني عاقل شھر ۾ وڃي ويٺو نوراجا جا اصل رھندڙ اڪثر تعليم ۽ روزگار ڪري مون سميت ڳوٺ ڇڏي ٻين شھرن ۾ وڃي مقيم ٿيا.

نوراجا بادشاھڻ سڙڪ کان اولھ تي آھي، ايراضي پير ڦلارو کان ھڪ ٻي وڏي سڙڪ نوراجا کان ٿيندي پنھواري ويندي ھئي ۽ اتا ننڍو دريا پار ڪري وڃي وڏي دريا تي پھچندي ھئي جتي حسين ٻيلي وٽ انگريزن فيريز لاء پتڻ يا اسٽيشن قائم ڪئي ھئئ، نوراجا کان اوڀر تي ايراضي ويجهو سرڪار پاران ھڪ وڏي شڪار گاھ ھئي جا ٽالپرن جي وقت کان قائم ھئي جتي نوراجا جا سيٺيون زميندار شڪار جا شوقين ھندو توڙي مسلمان شڪار ڪندا ھئا، جانورن سان گڏ پکي به جام ھوندا ھئا لئي ٻٻر ڪنڊي سان گڏ ڪيئي وڻ ۽ ٻوٽا ھئا ان جي اڳيان مير واھ وھندو ھو جنھن تي پل ھئي سڙڪ تي بيلدار مقرر ھئا شڪار گاھ لاء ماڻھو به مقرر ھئا اڪثر شڪار ڪرڻ جا ڪارندا رند فقير ھئا جي مختلف پکين جو شڪار سيٺين لاء ڪندا ھئا ان ڪري انھن جو نالو ۽ ذات پکي مار پئجي وئي، شڪار گاھ کي ڀيلن جو جھنگ به چيو ويندو ھو جھنگ جي پاسي ۾ ڀيلن جو ڳوٺ ھو جيڪي ھاڻي نوراجو سڏائين ٿا ان جھنگ ۾ ھڪ دفعو مان به رات جو پنھنجي ويڳي ڏاڏي سان شڪار لاء آيو ھوس تڏھن ٻارنھن تيرنھن سالن جو ھوس جھنگ ۾ جانورن جي آواز ۽ گدڙن جي اوناڙن ڪري ڏاڍو ڀوء ٿيو ھو ۽ ڏاڍو رنو ھوس اھو جھنگ ھاڻي تقريبن ختم ٿي ويو آھي ماڻھن قبضا ڪري ڪچي جي ٻيلن وانگر پٽ ڪري ڇڏيو آھي باقي وڃي ڪي پراڻا لوا ۽ ڪنڊا بيٺا آھن جھنگ کان اوري ايندي کٻي پاسي پير ملوڪو قبرستان آھي جتي ڪنھن وقت ميلو لڳندو ھو

نوراجا ۾ داخل ٿيندي آروڙو واھ ھو جو اڪثر آبڪلاڻي جي موسم ۾ وھندو ھو ھاڻي ان واھ کي ختم ڪري ڪچي ويندڙ روڊ ٺاھيو ويو آھي آروڙو ٽپي ڳوٺ ۾ ساڄي پاسي مئخانو ھو جيڪا واحد ڳوٺ لاء وندر گاھ ھئي وڏن نم جي وڻن ھيٺان اونھاري ۾ خاص طور منجھند جو ميڙا ھوندا ھئا ڪيئي چوڪڙيون تاس ۽ چنر کيڏڻ وارن جون لڳنديون ھيون مئخاني ۾ ۱۸شعبان تي قلندر جي تل جي نالي سان ميلو لڳندو ھو راڳ رنگ، ملا کڙو ۽ قلندر جي ڌمال لڳندي ھئي سامھون وڏو علم ۽ امام بارگاھ ھئي ڪنھن به مذھب يا مسلڪ جو فرق نه ھو سڀ ئي ان مان مزو وٺندا ھئا

۱۹۶۳-۶۴ع تائين نوراجا ۾ آبڪلاڻي جي مند ۾ ڇر ايندي ھئي ڳوٺ جا سڀ ويڙھا مٿانھين تي ھئا ڳوٺ جي چئني پاسي وڏيون تاڪيون ھيون ڇر دوران وڏيون ٻيڙيون ھلنديون ھيون

پڪو روڊ ۱۹۸۵-۸۶ع ۾ جوڻيجو حڪومت دوران ٺھيو، پھريان ڪچي سڙڪ ھئي ڊاٻڙ ڏاڍي ھئي بيل گاڏيون ۽ بگيون ھلنديون ھيون ڊاٻڙ ڪري اڪثر ماڻھو سواريون مٽي ۾ ڀڀوت ٿي وينديون ھيون بيلدار مقرر ھئا جي جھاڪا جھوڪا ٺاھيندا ھئا اڪثر ماڻھو پنڌ ايندا ويندا ھئا عالماڻين جي ڳوٺ ۽ پير ڦلاري وٽ وڏا پاڻي جا مٽ ڀريل ھوندا جتي وڻن جي ڇانوء ۾ ماڻھو ٿڪ ڀنڃي پاڻي پي اڳتي ايندا ويندا ھئا.

ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ساڄي پاسي مئخاني جي اتر ۾ پير حضوري جو مقام ۽ اولھ ۾ رند فقيرن جو وڏو ويڙھو ھو جن جا اڪثر مرد ڇوڪرا توڙي عورتون ھندن جي زماني ۾ انھن وٽ نوڪر چاڪر ھئا جي ھندن جي وڃڻ ڪري بي روزگار ٿي ويا بھرو فقير اڪيلو ڪاسائي ھو جو مھاندي ڪندو ھو ديوان وڏي گوشت ڪرڻ ڪري اڪثر مٿس ڪاوڙيل ھوندا ھئا کيس وڙھندا به ھئا ھڪ اڌ دفعو کيس ٻڌرايو به ويو ھو، بھرو فقير پوء گھر ۾ مھاندي ڪندو ھو ۽ وفات تائين سندس اھا ئي ڪرت ھئي اڳيان ٽواٽي تي ڏاڏي گلو کٽي جو وڏو ھٽ ھو جيڪي ٻئي زال مڙس ھلائيندا ھئا کيس اولاد نه ھو، گڏه تي پني عاقل کان سودو سلف آڻيندو ھو، ڳوٺ جو معزز ليکيو ويندو ھو سندس ھٽ ڏينھن رات کليل ھوندو ھو جو سمھندا به ھٽ ۾ ھئا، سندس چانورن جي لائي ۽ وڙو ڏاڍو مشھور ھو، ڳوٺ ۾ ھندن جي لڏ پلاڻ بعد وڏو واڙو ۽ اوطاق شير مھيسر جي مشھور ھئي جتي ڪچي پڪي جا ڪيئي مھمان اچي رھندا ھئا ۽ کين ھنڌ کٽ کير ماني لسي ھر وقت ملندي ھئي ھي اصل فرق پور جي پاسي جا ھئا جتي سندن زمينون ۽ کوھ ھو بد قسمتي سان عالماڻين مھيسرن جي جھيڙي ڪري سندن ھڪ اڌ ماڻھو مارجي ويا انڪري لڏي وڃي ڳاڙھڪي ۽ ٺٺ ويٺا ڳوٺ جي وچ تي جامع مسجد ھئي جا پھريان ننڍي ھئي ھن وقت تمام وڏي آھي ۽ پير صاحب پاڳارن جي نسبت سان وڏو مدرسو به آھي جتي ڳوٺ جي ماڻھن کي ناظره قران شريف پڙھايو وڃي ٿو.

نوراجا جي نالي سان ٻه ديھون نوراجا نوان ۽ نوراجا پراڻا آھن، نوراجا نوان ۾ ڳوٺ نوراجا، گھرام ڳوٺ، خانشاھ، ڳڙھي قادر بخش۽ مصري ميربحر آھن ديھ نوراجا پراڻا ۾ ڳوٺ دلدار سميجو، ستارڏنو ڳوٺ، ساپيو ڳوٺ ڳوٺ ڏاتر ڏنو سميجو ۽ ڳوٺ ڀليڏنو نوراجو شامل آھن.

نوراجا تي اھو نالو ڪيئن پيو ڪا به حتمي راء ناھي، چيو وڃي ٿو ته ھتي ھميشه نو ذاتيون رھنديون آيون آھن، ڪن جو خيال آھي ته ھندن ۾ راجپوتن جو ھڪ ويڙھو ھو جي نوراجا سڏائيندا ھئا، ٻئي پاسي ھتي ھڪ مسلمانن جو قبيلو پاڻ کي نوراجو ابڙو سڏرائي ٿو جيڪي اڳ ۾ ڀيل سڏبا ھئا سندن جدا ڳوٺ نوراجا کان ٻاھر ڀليڏنو نوراجو سڏجي ٿو جنھن جي ڀر سان ڪنھن زماني ۾ وڏي شڪار گاھ ھئي ٻئي طرف خيرپور ضلعي ۾ به ھڪ ڳوٺ نوراجا آھي جتي جي سيدن کي پير آف نوراجا چئجي ٿو

نوراجا جو ذڪر سکر گزيٽيئر ۾ ھڪ مراسلي ۾ ملي ٿوته ۲۷جولاء ۱۸۴۷ع تي سکر جي انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر فارڪيلٽي ديھ ڀنڊڪي ۽ ديھ نوراجا جي دنگن جو فيصلو ڪرايو جنھن جا امين سردار حاجي خان اول ۽ عيسن خان ڌاريجو ھئا، فيصلو نوراجا جي مالڪن سيد غلام شاھ ۽ سيد نور شاھ ۽ ڀنڊڪي جي مالڪ سيد قطب شاھ جي وچ ۾ ھو اي ڊبليو ھيوز سنڌ گزيٽيئر ۱۸۷۶ع۾ لکي ٿو ته ٽالپرن جي دور ۾ نوراجا جو جاگيردار مير غلام حسين مري ھو ۽ نوراجا سعد پور تعلقي جي ۳۶ڳوٺن مان ھڪ وڏو ڳوٺ ھو

نوراجا ان رستي تي ھو جتان ڪوھ ڏيڍ تي ڳوٺ پنھواري درياء جي ڪپ تي ھو پنھواري جو ذڪر تاريخ معصومي ۽ تاريخ مظھر شاھجھاني ۾ اچي ٿو جتان مجاھد خان درياء تي ٻيڙين جي پل ٺاھي مغل لشڪر لنگھائي سلطان محمود ڪوڪلتاش تي بکر جي قلعي تي حملو ڪيو ھو

نوراجا ان بادشاھي سڙڪ تي ھو جيڪا روھڙي کان سبزل ڪوٽ وايا قاسم پور ويندي ھئي ھي سڙڪ ۶۴فوٽ ويڪري ھئي، نوراجا کان مٿي دريا ۾ سکر کان پنجاب ۲۱آگبوٽ ھلندا ھئا ٻه پتڻ ھڪ سندر ٻيلو ايٽ ڳوٺ سيد امين محمد شاه ۽ بھمڻ ايٽ حسين ٻيلي ھئا جتان مال ۽ ماڻھو پنجاب ۽ سکر ايندا ويندا ھئا ۽ انھن جو مک لنگھ نوراجا ھو، نوراجا جي چئني پاسي کوھ ھئا جن تي عورتن ۽ مردن لاء الڳ الڳ غسلخانا ھئا جن ۾ شيشا لڳل ھئا ۽ مٿيان ڍڪيل ھئا کوھن تي سڄو ڏينھن ايٽ ھلندو ھو جن تي ملازم رکيل ھئا جن جو پاڻي ڪسين رستي باغات ۽ فصلن ڏي ويندو ھو نوراجا جي زمين لٽاشي ۽ زرخيز رھي آھي، جتي ھر قسم جي پوک ٿيندي ھئي جن ۾ تر ڌاڻا مڱ ڪڻڪ جوئر ٻاجھري سرنھن ڄانڀو چڻا مٽر پٽاٽا ۽ گجر موري شامل ھئا سبزي باغن واري زمين ۾ ٿيندي ھئي ڳوٺ جي چوڌاري کجين انبن ليمن مالٽن جا باغ ھئا

ورھاڱي کان اڳ نوراجا ۾ ٻه اسڪول ھئا پھريون مين پرائمري اسڪول جنھن کي سنڌي اسڪول سڏيو ويندو ھو رڪارڊ موجب ھي اسڪول ۱۹۱۴ع ۾ منظور ٿيو ۽ ان جو پھريون استاد رياضي جو سنڌ ۾ مشھور سائين گيھي مل ھو جنھن ۾ جنوري ۱۹۱۵ع۾ داخلائون ٿيون خوش قسمتي سان داخلا سرٽيفڪيٽن جو رڪارڊ اڃان تائين محفوظ آھي جيڪو منھنجو شاگرد ھن وقت نوراجا جو ھيڊ ماستر غلام محمد منگي منھنجي گذارش تي کڻي آيو جنھن ۾ نوراجا جي چوگرد ڪيئي ڳوٺن جي ماڻھن جي داخلا جا دستاويز موجود آھن انھن ۾ غلام شاه ولد حاجي شاھ جو جنم ۱۸۹۹ع ڄاڻايل آھي جنھن کي ان جي ڏاڏي ۱۹۱۵۾ داخل ڪرايو ٻيا ۲۰۰۶,۷جا ڄاول داخل آھن جن ۾ ھندو مسلمان شامل آھن اسڪول جي پھرين شاگردن ۾ غلام شاھ، محمد صالح قائم الدين عبدالرزاق، سليمان جانب لعل بخش ڪنڊو ونھيومل رامداس ٽولو مل ميھر مل زميندار پمن مل ٽھل مل ۽ ٻيا شامل آھن جن ۾ ٻه ڇوڪريون ڌرمي ۽ دوارڪي به شامل آھن ھن اسڪول ۾ ۱۹۱۵ع کان ۱۹۲۲ع تائين جن استادن پڙھايو يا ھيڊ ماستر رھيا انھن ۾ گيھي مل، عبدالله لوڪو مل پريتم داس محمد ڇٽل پير بخش ۽ غلام علي فقير شامل آھن، غلام علي فقير ۽ رامداس نوراجا ڳوٺ جا ھئا ٻيو اسڪول ملا اسڪول مولوي مبارڪ سميجي قائم ڪرايو جنھن جي کيس سرڪار گرانٽ ڏيندي ھئي ھن ۾ باقائده قران پاڪ ناظره سان گڏ درسي ڪتاب پڙھايا ويندا ھئا ھن اسڪول ۾ اڪثر مسلمان نياڻيون پڙھنديون ھيون سرڪاري سنڌي اسڪول ۾ ستين درجي تائين تعليم ڏني ويندي ھئي ۱۹۷۰۾ برانچ مڊل اسڪول کليو جو ھنڱورو مڊل اسڪول جي شاخ ھو جنھن جو پھريون انچارج عبدالقادر مھر بقابادي ھو ان بعد استاد گل حسن گل سميجو انچارج ٿيو ۱۹۷۳ع ۾ منھنجي ان اسڪول ۾ مقرري ٿي ۱۹۸۸ع۾ مڊل ۽ ۱۹۸۹ع ۾ ھاء اسڪول قائم ٿيو جنھن جو پھريون ھيڊ ماستر سائين محمد طاھر آچراڻي ھو، ھاء اسڪول لاء پنھنجي قبولي زمين ڳوٺ جي مخير حاجي جان محمد سميجي ڏني ۱۹۸۷ع ۾ ڳوٺ م بيسڪ ھيلٿ يونٽ کليو جنھن لاء ڳوٺ جي حد ۾ پيل پلاٽ جي مون سميت ڪجھ ماڻھن جي تصرف ۾ ھئا انھن خوشي سان ڏنا ڳوٺ ۾ برانچ پوسٽ آفيس مان اسي ايڪاسي ۾ قائم ڪرائي

ورھاڱي کان اڳ ڳوٺ ۾ خواندگي جي شرح خاطر خواھ ھئي ڪجھ انگريزي خواندا به ھئا جن ۾ شفيع محمد دايو ۽ غلام محمد دايو ٻئي ڀائرھئا شفيع محمد ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس ۾ آفيس سپرينڊنٽ ھو، ولي محمد سميجو زرعي آفيسر ھو، الھڏنو مھر ايڪسائيز کاتي ۾ جمعدار ھو شير خان ۽ فيروز خان سميجو مختلف کاتن ۾ ھئا جڏھن ته منشي علي بخش جو ريونيو کاتي ۾ افيسر ۽ زميندار ھو مٿس انگريز ڪامورا مھربان ھئا جن کي شڪار وغيره خانشاه ۽ کيمل ڍنڍن ۽ شڪار گاھ ۾ ڪرائيندو ھو ڳوٺ کان ٻاھر سندس انگريزي طرز تي عاليشان بنگلو ھو، پير سائين پاڳاري جو مريد ھو وٽس پير صاحب سورھيه بادشاه به ڪنھن وقت آيو ھو جڏھن ته پير صاحب شاھ مردان شاه پير پاڳارو به اچي مريدن کي ديدار ڪرائيندو ھو پير صاحب لاء ھڪ ڪمرو مخصوص ھوندو ھو، حر تحريڪ ۾ انگريز مٿس ناراض ٿيا ۽ نوڪري ڇڏي ڏنائين، نوراجا ۾ شعر و ادب جي محفل به گرم رھي س ا س جي شاخ قائم ھئي، ۱۹۷۹ع ۾ ھتي اختر درگاھي سان شام ملھائي وئي جنھن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شاعر اديب سياسي ڪارڪن شريڪ ٿيا ڇو ته ضيا آمريت ڪري وڏي گھٽن ھئي ان ڪري ھي پروگرام ڄڻ علائقي لاء ڏکڻ جي ھير ثابت ٿيو سياسي طور به ھن ڳوٺ جو پنھنجو مقام رھيو آھي ڪامريڊ ڄام ساقي شھيد نذير عباسي غلام رسول سھتو صالح بلو رمضان ميمڻ ڪامريڊ غلام نبي ڪلو صدر مزدور ڪسان پارٽي پاڪستان ناظر چودري ڪامريڊ رمضان شيخ عبدالقادر انڊڙ ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ منھنجي اوطاق تي ايندا ويندا رھيا ھئا ڪيئي سياسي ڪارڪن روپوشي دوران نوراجا رھيا ھتي ھاري ڪاميٽي جو به وڏو ڪم رھيو ھن ڳوٺ جي ساڃھ وندن ۾ مولوي گل محمد خالد منھنجو والد واليڏنو مسڪين استاد گل حسن سميجو فقير پريل دايو سيد غلام شاھ روشن منگي سرور سميجو ڀورل مسڪين غلام حيدر سميجو عثمان نامور فوٽو گرافر ۽ ڪامريڊ بشير سميجو شامل آھن قومي جھموري جدوجھد دوران غلام حيدر ۽ بشير جيل به ڪاٽيو ۽ بشير ته ڪوڙا به کاڌا نوراجا جي چوگرد آڄ به زرخيز زمينون ۽ باغات آھن ۽ ماڻھو زراعت، ڪاروبار ۽ نوڪرين سان لاڳاپيل آھن معاشي طور ڳوٺ وچٿرو آھي.


(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ پنجن قسطن اندر ڇپيل)

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]