نوراجا منھنجو ڳوٺ سرور سيف نوراجا منھنجو ڳوٺ منھنجي جنم ڀومي جنھنجو ذڪر لوڪ رام ڏوڏيجا ”منھنجي سنڌ منھنجا ماڻھو“ ۾ به ڪيو آھي، جنھن کي شاھوڪارن جو ڳوٺ به چيو ويندو ھو ۱۹۶۴ ع تائين ڪچي ۾ ھوندڙ ھي ڳوٺ پني عاقل تعلقي جي اولھ ۾ سڀ کان وڏي ايراضي رکندڙ يونين ڪائونسل آھي جنھن سان ڪشمور ڪنڌڪوٽ شڪارپور ضلعا ۽ سکر روھڙي جا علائقا لڳنٿا، ورھاڱي کان اڳ نوراجا ۾ ھندو زميندار ۽ تاجر وڏي تعداد ۾ رھندا ھئا ۽ آبادي ۾ به ھندن جو تناسب وڌيڪ ھو، ھندو واپارين جو واپار ڏيساور تائين ھو سندن ڪلڪتي آسام ۽ فيض آباد ۾ ڪوٺيون ھيون.نوراجا ان شاھي سڙڪ تي ھو جيڪا روھڙي قاسم پور بائجي سنجرپور کان ملتان ويندي ھئي، ان ئي سڙڪ سان مجاھد خان مغل جرنيل پنھواري ۾ ٻيڙين جي پل ذريعي بکر قلعي تي اڪبر بادشاھ جي حڪم تي بکر ۾ سلطان محمود ڪوڪلتاش تي حملو ڪيو ھو، ان شاھي سڙڪ کان ٻي سڙڪ نوراجا کان ٿي حسين ٻيلي ۽ سعد ڳوٺ ويندي ھئي جيڪي انگريزن جي دور ۾ انڊس فلوٽيلا جي فيري سروس جون سنڌو ندي تي اسٽيشنون ھيون جتان سکر ۽ پنجاب کان سنڌو ندي رستي سامان لھندو چڙھندو ھو اھا سڙڪ نوراجا ڳوٺ وڇ مان نڪري مٿي ويندي ھئي جڏھن فيري سروس اسٽي...