سرڻي ڪوٽ
عزيز ڪنگراڻي
سنڌ ۾ ڪيترا ئي
قديم ماڳ، ڪوٽ ۽ قلعا موجود آهن جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا ضامن آهن. انهن ماڳن
۾ سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعو جي مورو تعلقو ۾ موجود سرڻي ڪوٽ به شامل آهي جيڪو
موجوده سرڻي ڪوٽ ڳوٺ ۾ واقع آهي ۽ هينئر زبون حالي جو شڪار آهي.. هن قديم ڪوٽ ڀرسان
ٺلهھ به جيڪو ميسارجي ويو آهي. سرڻي ڪوٽ ٻڌمت جو يادگار ۽ قديم آثار آهي. اٽڪل اڍائي
هزار سال قديم هيءُ ماڳ سنڌ ۾ موريا گهراڻي جي اشوڪا يا آسوڪا حڪمران (۲۳۲ ق م -۲۶۸ ق م) جي دور جو چئي سگهجي ٿو جنهن ٻُڌمت کي
دنيا سان گڏ سنڌ ۾ به وڏي پيماني تي ڦهلايو. اشوڪا دور ۾ سنڌ جا ڀڪشو ٻُڌ ڪانفرنسن
۾ شريڪ ٿيندا هئا. ان کان پوءِ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي ۾ به ٻُڌ مت عروج تي
هو. سنڌ جي يگاني محقق ايم ايڇ پنهور جي ڪتاب Atlas of Soomra Kingdom of Sindh
۾ لکيو آهي ته ٻُڌمت ۱۳ صدي عيسوي تائين به سنڌ ۾ رهيو.هن ماڳ جي ڏکڻ ۾ سڪرنڊ ۽ دولتپور صفن ويجهو
ٺلھه مير رڪڻ به ٻُڌمت جو يادگار ماڳ آهي جيڪو به سرڻي ڪوٽ جي قدامت جو حوالو آهي.
ٽيڪسيلا انسٽيٽيوشن
آف ايشين سويلازيشن پاران پڌرو ڪيل جنرل آف ايشين سولائيزيش، ۲۰۰۲ع جي واليوم نمبر ۲۵ (ص۳۶ ) موجب سرڻي ڪوٽ پوئين لوھ جي دور (Late Bronze Age)
۾ هڙاپا ۽ مهين جي دڙي جي تهذيب جي سرن ۽ ڪچي تعميرات جي روايت جي تسلسل ۾ تعمير ٿيل
ٻُڌمت جو قديم ماڳ آهي. مٿئين حوالي (ص. ۵۲) تحت هينري ڪزن جي ۱۹۲۹ع ۾ ڪيل تحقيق ۽ بخاري ايم فاطمه جي ۲۰۰۱ع ۾ ڪيل تحقيق موجب پڻ سرڻي ڪوٽ ٻُڌ مت جو
قديم يادگار آهي. سرڻي ڪوٽ مورو تعلقي جي شهر نوان جتوئي کان اوڀر طرف ۷ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ نيشنل هاءِ وي جي سڌوجا اسٽاپ کان ۵ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھه طرف ڳوٺ سرڻي ڪوٽ ۾ واقع آهي.سرڻي ڪوٽ مٿانهين
تي هجڻ ڪري پري کان نظر اچي ٿو. هيءَ تڏهوڪي زماني ۾ شاهي رهائش لڳي ٿو. جيڪو ۳ ايڪڙ ۽ ٽن ويسن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ۷ ايڪڙ زمين قلعي کان ٻاهر آهي جتي پڻ اڳ ۾ دڙا
موجود هئا جيڪي ان وقت عام ماڻهن جي رهائش جا آثار لڳڻ ٿا.
سرڻي ڪوٽ قلعي جي ڀت
جي ڊيگھه اولهه-اوڀر ۳۹۰ فوٽ ۽ اتر-ڏکڻ ۲۸۰ فوٽ جڏهن ته قلعي جي برج جو ٻاهريون گهيرو ۷۰ ۽ اوچائي ۲۰ فوٽ آهي. سرڻي ڪوٽ ڳوٺ ۾ رهندڙ سڄاڻ ماڻهن ڪوٽ
منجهان ملندڙ شيون يا قديم نوادرات سنڀالي رکيون آهن. انهن ۾ اڪريل مورتيون، سرون
۽ ٻيون شيون شامل آهن. سرڻ تي قديم لکت نظر اچي ٿي جيڪا سنڌ ۾ مروج مختلف لپين يا
لکتن مان ٿي سگهي ٿي. سرڻ تي اڪريل اهڙي لکت سنڌ ۾ جبلن ۾ پٿرن تي لکتن سان ملي ٿي.هن
ماڳ جي واهر۽ مرمت سان ماڳ اڃا به صدين تائين قائم رهي سگهي ٿو.
سرڻي ڪوٽ
(ساھتيءَ جو تاريخي ماڳ)
ايڊووڪيٽ امر
امتياز
ڪجھه وقت اڳ صحافي
دوستن اخلاق جوکيو، اختر خاصخيلي، سليم ميمڻ سان ڳالھين دوران نوشھروفيروز فيروز
جي ماڳ مڪانن، تاريخي عمارتن، ۽ انھن مان ھٿ آيل نوادرات بابت ڪچھري ٿي رھي ھئي ته
اختر خاصخيلي ان نوشھرو فيروز جي تعلقي موري ۾ سڌوجا لڳ جتوئي روڊ تي ڊوٽي شاخ
پرسان اولھه طرف واقع سرڻي ڪوٽ جو ذڪر ڪيو، جنھن تي اخلاق جوکيو پڻ تصديقي نوٽ لڳايو،
۽ سرڻي ڪوٽ بابت اختر خاصخيلي ڊاڪيومينٽري ٺاھڻ لاءِ چيوسين، ۽ سليم ميمڻ جون پڻ
خدمتون وٺڻ لاءِ کيس گذارش ڪئي وئي جيڪا ھن قبول ڪئي. ھر ڪو پنھنجي پنھنجي ڪم ۾
ماھر ھيو، سو سمورن دوستن پنھنجيون
ذميواريون کڻي مھيني اندر سرڻي ڪوٽ تي ڪم اڪلائڻ جو چئي ھڪ ٻئي کي الوداع ڪيوسين.
مان تاريخ جي ورقن
۾ سرڻي ڪوٽ کي ڳولڻ لڳس جو منھنجو ڪم سرڻي ڪوٽ جي تاريخ جمع ڪرڻ ھيو. ڪافي ڪتابن
جي مطالعي بعد ۽ دوستن جي رھنمائي کانپوءِ سرڻي ڪوٽ تي ڪجھه مواد مليو، جيڪو ھن
مضمون ۾ اوھان جي گوش گذار ڪرڻ لازمي آھي، ۽ مھيني جي اندر اخلاق جوکيو، اختر
خاصخيلي ۽ سليم ميمڻ وڏي جفاڪشي کانپوءِ به ھڪ شاندار ڊاڪيومينٽري تيار ڪري هڪ ٽي
وي چينل تي آن ايئر ڪئي جنھن تي به انتظاميا توڙي سنڌ گورنمينٽ يا آرڪيولاجي شعبي
تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، ۽ اسانجي محنت پاڻي ٿي وئي...
سرڻي ڪوٽ ٻڌ ڌرم جي
دور مشابھت رکڻ وارو ماڳ آهي جيڪو آڳاٽي زماني کان سنڌ، پاڪستان ۾ سنڌو درياهه جي
کاٻي ڪناري تي واقع آهي. هي جڳھه جنھن کي سرن ڪوٽ، پڻ ڪوٺيو ويندو ھيو جيڪو ھاڻ سرڻي
ڪوٽ جي نالي سان مشھور آھي پڪل سرن ۽ مٽيءَ يا مٽيءَ سان ٺهيل جيڪو بعد ۾ استعمال ڪيو
ويو. قلعي جي ڀرسان هڪ پگوڊا آهي جيڪو خام سرن جو ٺهيل آهي. سرڻي ڪوٽ ۾ واقع پگوڊا
هڪ دڙي تي آهي جنھن تي وڃڻ لاءِ مٿي ڏانهن
ڏاڪڻيون ٺھيل پر وقت جي ستم ظريفي ۽ ماڻھن جي هوس سبب سرڻي ڪوٽ پنھنجي اصل سونھن ۽
سوڀيا وڃائي ويٺو آھي. ذاتي مشاھدي ۽ سرڻي ڪوٽ جي ڏسڻ کانپوءِ ھڪ اندازو ھيو ته ھن
سرڻي ڪوٽ جي کوٽائي سبب ٽيرا ڪوٽا هاٿي جا منهن، ٽيرا ڪوٽا گوليون ۽ گلن ۽ پنن سان
ٺهيل سرون هتي ملي سگهن ٿيون. مان انھن جو
ذڪر ھن ئي مضمون ۾ اڳتي ھلي ڪندس سرڻي ڪوٽ ۾ اسٽوپا جي اوچائي ۷۰ فوٽ آهي، جيڪا سرڻي
ڪوٽ جي سونھن ۾ واڌاري جو سبب پڻ آھي سرڻڪوٽ جون ديوارون ۱۰ فوٽ ڊگھيون آهن ۽ سرڻي
ڪوٽ جي ايراضي لڳ ڀڳ پنج ايڪڙن تي ڦهليل آهن.
جيئن ته مان پھريان
به ذڪر ڪري آيو آھيان ته سنڌ جو قديم رني ڪوٽ
جنھن ۾ ھڪ قديم ٺلهه يا اسٽوپا موجود آھي. جنھن جي ظاھري شڪل موھن جي دڙي واري اسٽوپا
سان ملندڙ جلندڙ آھي،
ھي ڪوٽ ڪڏھن جوڙايو
ويو، ڪنھن جوڙايو ڪڏھن سندس وجود جو خاتمو ٿيو ان تي تحقيق ھلي رھي آھي ڇوته مان ھڪ
ٻي به ڳالھه اوھان سان گوش گذار ڪندو ھلان ته جڏھن اسان دوست جي سرڻي ڪوٽ بابت گڏجاڻي
ٿي ۽ سرڻي ڪوٽ تي ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري سين ۽ اسانجي سرڻي ڪوٽ بابت ٺاھيل ڊاڪيومينٽري
چينل تي ھلڻ باوجود حڪومت جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪرائي نه سگھي ته ھڪ ڏينھن اھا ڳالھه ميٽنگ
دوران مون ڊسٽرڪٽ سيشن جج نوشھرو فيروز محبوب علي جواھري سان پڻ ڪئي ھئي ته سرڻي ڪوٽ
اسانجي ضلعي نوشهري فيروز جو قديمي اثاثو آھي جو کيس محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ
وٺڻ جي ضرورت آھي. ۽ ھي اسلام جي آمد کان به پھريان جو ڪوٽ آھي، اوھان ڪي جوڳا
اپاءَ وٺو جنھن تي ڊسٽرڪٽ سيشن جج نوشھرو فيروز محبوب علي جواھري صاحب ڊسٽرڪٽ ڪورٽ
۾ پنھنجي نگراني هيٺ جوڙيل ڪرمنل جسٽس ڪميٽي ۾ منھنجي ڪيل گذارش کي اوليتي بنيادن
تي پيش ڪيو ۽، ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنھن ۾ مون سميت سرڻي ڪوٽ بابت تاريخ گڏ ڪرڻ
سرڻي ڪوٽ تان قبضا خالي ڪرائڻ ميوزم ٺھرائڻ ۽ سرڻي ڪوٽ بابت آرڪيولاجي کاتي کي سرڻي
ڪوٽ جي نوادرات ھٿ ڪرڻ بابت ۹ رڪني ڪميٽي ايڊيشنل سيشن جج مورو نديم احمد پٺاڻ جي
چيئرميني ۾ مقرر ڪئي جنھن تي ڪم جاري آھي، جڏھن ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن محبوب علي
جواھري جي ذاتي خدمتن عيوض آرڪيولاجي شعبي جا ماھر جناب پروفيسر رٽائرڊ غلام مصطفي
شر صاحب، آرڪيالاجسٽ، غلام حسين بڙدي، ڊپٽي ڊائريڪٽر آرڪيولاجي سکر ميوزم ۽ ميڊم،
نسيم جلباڻي پڻ مقرر ٿي چڪا آھن جن سان گڏ
تاريخ جي ماڳن تي ڪم ڪندڙ منھنجو دوست ايڊووڪيٽ نظير احمد تنيو صاحب به سرڻي ڪوٽ
جو جائزو وٺڻ لاءِ نوشھروفيروز پھتا جن سان گڏ ڊي سي نوشھرو فيروز تاشفين عالم سان
ميٽنگ ڪري سرڻي ڪوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ سفر ڪيوسين جتي مورو جي مختيار ڪار اسانجي
رھنمائي ڪئي جتي پروفيسر غلام مصطفي شر سرڻي ڪوٽ تي سرسري گناھ وجھندڙ تحقيق ۽
تاريخ جي روشني ۾ ھڪ خيال ظاھر ڪيو ته سرڻي
ڪوٽ ٻه کان اڍائي ھزار سال پراڻو آهي. جيڪڏهن ايئن آھي ته پو ھڪ اندازي موجب ھي سرڻي
ڪوٽ مير رڪڻ جي ٺلهه جي ھم عصر دؤر ۽ تھذيب جو تسلسل آهي، وڌيڪ ان تي آرڪيولاجي
شعبي پاران جوڙيل ٽيم تحقيق ڪري پئي، پروفيسر صاحب ھڪ ٻيو به اشارو ڏنو ته ان سرڻي
ڪوٽ جي ھم عصر ساڳي تسلسل ۾ ويجھو ٻيا مرڪزي شھر ساوندي/ساوڙي، منھل يا منھڙو به
ان ساڳي دور ۾ اوج تي رھيا آھن، آرڪيولاجي ٽيم سرڻي ڪوٽ مان ھٿ آيل نوادرات جنھن ۾
انساني کوڙيون، سرون، سڪا، ھاٿي جي ڪاشيگري، مکٽا، سينگار جو سامان، ۽ ٻيون ڪيتريون
ئي ناياب شيون آرڪيولاجي شعبي واري ٽيم وڌيڪ تحقيق لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي وئي..
ھڪ خدشي موجب جيڪڏھن
ائين آھي ته پو سرڻي ڪوٽ واري ھيءَ پوري پٽي
اھڙن تھذيب جي مرڪزن، آڳاٽي تاريخ ۽ ٻڌ مت سان جڙيل تاريخ ۾ اھم رھيا ھوندا.منھنجو
دوست نظير احمد تنيو صاحب ۽ آرڪيولاجي جا ماھر جڏھن سرڻي ڪوٽ ۾ پھتاسين ته اتي سرڻي
ڪوٽ ھڪ ڳوٺ ۾ تبديل ٿيل نظر آيو. جنھن ۾ سرڻي ڪوٽ جي اندر ۽ اسٽوپا سان گڏ ڳوٺ جا ٻرڙا
ذات جا گھر ٺھيل نظر آيا. ۽ قبول ٻرڙو جيڪو ان ڳوٺ جو رھواسي آھي ان اسان جو آڌر ڀاء
ڪيو، ۽ سرڻي ڪوٽ جو ھڪ حصو گھمايو، سرڻي ڪوٽ جي ٻاھرين ديوارن کي بغور ڏسي سگھجي ٿو
۽ سرڻي ڪوٽ جي اسٽوپا جي چوٽي داخل ٿيندڙ رستي کان ٻاھران ئي نظر اچي ٿي. ان قبول ٻرڙي
ٻڌايو ته ۱۰۷۳ع ۾ آيل ٻوڏ بعد ھي ڳوٺاڻا ھن سرڻي ڪوٽ اندر لڏپلاڻ ڪري رهي پيا.
جنھن سبب سرڻي ڪوٽ جي اصلي شڪل ۾ بگاڙ اچي ويو، جڏھن ڳوٺاڻن کي قلعي ۽ انجي اھميت
بابت آگاھي ڏني وئي ته سندن چوڻ ھيو ته سرڪار جيڪڏھن رھائش لاءِ متبادل زمين فراھم
ڪندي ته ھو تاريخي ماڳ سرڻي ڪوٽ خالي ڪرڻ
لاءِ تيار آھن. سرڻي ڪوٽ جي بيھڪ جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته چاھي
ھي قلعو مٽي جو ٺھيل آھي ۽ ڀت جي ويڪر اٺ ڦٽن تائين متوقع آھي ۽ قلعي جي ڊيگهه چار
کان پنج ايڪڙن تائين ٿي سگھي ٿي. جڏھن اسان جڏھن آرڪيولاجي شعبي وارن ماھرن سان گڏ
ھي سرڻي ڪوٽ جو جائزو ورتو ته اتي ديوارن سان گڏ ڪنڊن تي برج پڻ ٺھيل نظر آيا. ان
جيڪي برساتن ۽ مرمت نه ٿيڻ ۽ سرڪاري بي ڌياني سبب ميسارجي رھيا ھيا.
ساھتي پرڳڻي ۾
اسلام کان به پھريان جا ھي قدرت جا شاھڪار، ۽ تھذيب جا آثار پنھنجي سڃاڻپ لاءِ آتا
ھيا. ۽ لاوارثيءَ جو شڪار ھيا، ۽ جنھن تاريخي ماڳ مڪان کي مان، اخلاق جوکيو، اختر
خاصخيلي ۽ سليم ميمڻ ٽي وي چينل تي آن ايئر ڪري به مايوس ھياسين ته ان وقت ھڪ
مسيحا ھڪ جج ھڪ منصف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھرو فيروز محبوب علي جواھري جي صورت ۾
مليو جنھن اسان جي محنت کي مڃتا ڏني ۽ سرڻي ڪوٽ بابت اسانجي حوصلا افزائي ڪئي جنھن
سبب سرڻي ڪوٽ جي سھائتا لاءِ کيس تاريخي ماڳ ٺاھڻ لاءِ آرڪيالاجي شعبي جي ماھرن کي
گھرائي کيس محفوظ ٺاھڻ جي جتنن ۾ اسان جو ٻانھن ٻيلي ٿيو، ۽ تاريخ کي ورقن ۾
پنھنجو نالو لکرايو!
ھاڻي ضرورت ان ڳالھه
جي آھي ته سرڻي ڪوٽ مان ھٿ آيل نوادرات لاءِ ھڪ ميوزم جوڙڻ لاءِ عملي ڪم ڪجي ۽ سرڻي
ڪوٽ کي محفوظ ڪرڻ ۽ کيس عام ماڻھن لاءِ تاريخي ماڳ ڪري پيش ڪجي ته جيئن پوري دنيا
جا ماڻھو سرڻي ڪوٽ جي تھذيب رھڻي ڪھڻي ۽ تاريخ کي پرکي سگھن
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
Comments
Post a Comment