Skip to main content

گودي بنگلو

گودي بنگلو

(ان بابت مشھور ڳالھيون ۽ اصل حقيقتون)

ذلفي چاچڙ



ڪشمور ضلعي ۾ ڳوٺ نما شھر، بڊاڻي جي ڀرسان ھڪ قديم ۽ ويران جڳهه زبون حالت ۾ موجود آھي. جا آثار قديمه جي زمري ۾ اچي ٿي ۽ علائقي ۾ گودي بنگلي طور مشھور آھي. گودي بنگلي بابت تر ۾ گھڻيون ئي ڳالھيون مشھور آھن. جن ۾ حقيقت بدران رڳو ملاوٽ، من گھڙت ڪھاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون ئي شامل آھن. ھر شخص وٽ پنھنجي ڪھاڻي ۽ ڏند ڪٿا آھي. جنھن کي ڪو به صحتمند ذھن، ڪڏھن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. گودي بنگلو جنھن بابت مشھور آھي ته ان جي تھ خاني (بيسمينٽ) ۾ جرائم پيشه، ڪرمنل ۽ باغي ماڻھن کي گرفتار ڪري، کين قيد ڪيو ويندو ھو. اتي ھڪ سوراخ کليل پڻ آھي، بلڪل ايئن ئي جيئن ھاڻوڪين جديد قسم جي بلڊنگن ۾ پائيپ فٽنگس لاءِ سوراخ ڇڏيا ويندا آھن. ان متعلق عام تاثر اھو آھي ته اھو ڦاسي گھاٽ ھو ۽ اتي موت جي سزا کاڌل قيدين کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندو ھو. گودي بنگلي جي تاريخي حيثيت کان ڪو انڪار ڪونھي، پر ھروڀرو جو وڌاءُ ڪري، نئين نسل کي غلط ڄاڻ ڏيڻ پڻ اخلاقي ڏوهه ۽ گناهه آھي. ڪِن سگھڙ نما شاعرن جي بي تڪي شاعري کي سبب بڻائي، ڪا راءِ قائم ڪرڻ به درست ناھي. ڇو ته شاعري وغيره ڪو تاريخي دستاويز نه ھجي ٿو، جنھن سان تاريخ جا پيرا کڻي سگھجن.


گودي بنگلي بابت عجيب و غريب ڳالھيون ٻڌي مون ڪنھن مقامي دوست کي ساڻ ڪري اِھا تاريخي جاءِ گھمڻ لاءِ نڪتس، جا پنھنجي دور جي شاھڪار عمارت ۽ انجنيئرنگ جو بھترين نمونو (ماڊل) نظر آيو. اتي ويجھو ئي بيٺل ھڪ وڏي عمر وارو شخص جيڪو شايد اسان کي اوپرو ڏسي اسان ڏانھن لڙي آيو ۽ دعا سلام ڪئي. ھن تعارف ڪرائيندي پنھنجو نالو ميوو خان ٻڌايو. جيڪو ڀرسان ئي واقع درسگاهه جي خطيب حافظ غلام حسين ڇڄڻ جو والد ھو. جنھن ٻڌايو ته اسان جي يادگيري ۾ ان بنگلي کي ڇت به پيل ھوندي ھئي، جنھن ۾ لوهه جي گاڊرن بدران ڪاٺ جون ڪامون پيل ھيون. ڪجھ پرڀرو نظر ايندڙ گھرن ڏانھن ھن آڱر سان اشارو ڪندي چيو ته اتان جا ڪجھ ماڻھو، جِن جا نانءَ به ٻڌايائين پر جيڪي ھاڻ مون کي ياد ناھن رھيا، ڇت پٽي ٽائيل سرون ۽ ڪاٺ جو ڪل سامان کڻي ويا، جيڪي سندن گھرن ۾ اڄ به لڳل نظر ايندا آھن۔ وڌيڪ معلوم ڪرڻ تي ھن روايتي ڳالھيون ورجائيندي رڳو جيڪا ھڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌائي، سا اھا آھي ته ”مون وڏڙن جي واتان اھو ٻڌو ھو ته قيام پاڪستان کان اڳ، اِن عمارت جي سار سنڀال لاءِ ملازم مقرر ٿيل ھوندا ھئا، جيڪي چوڪيداري پڻ ڪندا ھا.“ اھي ماڻھو ڪھڙي کاتي جا ملازم ھئا ۽ کين پگھار ڪٿان ۽ ڪھڙي طريقي ڪار سان ملندي ھئي؟ انھن سوالن جو وٽس ڪو به جواب نه ھو. وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مون ايجوڪيشن ۾ سپروائيزر استاد محمد عثمان سان پڻ ملاقات ڪئي، جنھن جو والد مرحيات صاحب خان چاچڙ ورھاڱي واري وقت کان ان علائقي جي اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙھائيندو ھو. آثار قديمه سان سندس عدم دلچسپي سبب وٽس ڪا به معقول معلومات ڪا نه ھئي. ھو به عام ماڻھن جيان حقيقت بدران ٻڌل ڪھاڻين ۽ ڏند ڪٿائن تي ڀاڙيندو رھيو. گودي بنگلو گھمڻ کان پوءِ بنا ڪنھن تاريخي ثبوتن جي آئون ان نتيجي تي پھتو آھيان ته اِھا عمارت نه ته ڪا فوجي ڇانوڻي آھي ۽ نه ئي ڪو پوليس ٿاڻو. ڇو ته اڪثر ماڻھن وٽ اھڙو گمان آھي ۽ ھو پنھنجي ڳالھين ۾ ان قسم جو تاثر ڏيندا رھن ٿا. جيئن ته بڊاڻي شھر درياهه جي ڪپ تي اڏيل آھي ۽ ڀرسان ئي بچاءُ بند آھي. ان لاءِ برطانوي دور ۾ ايريگيشن جو مرڪز اھو ئي ھنڌ ھو. بلڪل ايئن ئي جيئن موجوده وقت ۾ گڊو بئراج آھي. گودي بنگلو دراصل ايريگيشن بنگلو ئي آھي، جنھن ۾ آبڪلاڻي واري وقت ۾ انجنيئر، سرويئر ۽ ٻيا عملدار اچي قيام ڪندا ھئا. جنھن ۾ اڪثريت انگريز آفيسرن جي ھوندي ھئي. تھ خانو، جنھن لاءِ چيو ويندو آھي ته ماڻھن کي قيد ڪيو ويندو ھو، ان ۾ ھوا ۽ روشني لاءِ ڪو سوراخ يا دري وغيره ڇڏيل ناھي، جنھن کي روشندان چئي سگھجي. ٻيو ته ان جڳهه ۾ پنجاهه ماڻھن جي رھڻ جيتري گنجائش به نه ٿيندي. روشني ۽ ھوا جي بغير قيدين جو گھڻي وقت تائين زنده رھڻ ممڪن ڪيئن ٿي سگھندو ھوندو؟ ان ڳالهه جي تناظر ۾ ان امڪان کي به رد ڪري سگھجي ٿو ته ان ھيٺانھين ھنڌ تي آفيسرن جا گھوڙا ٻڌا ويندا ھجن. يقينن ان ھنڌ کي اسٽور طور ئي استعمال ڪيو ويندو ھوندو. کائڻ ۽ پيئڻ جي سامان کان سواءِ گھوڙن لاءِ گاهه وغيره ڪٺو ڪيو ويندو ھوندو. ڇو ته تنھن وقت آفيسرن جي استعمال ۾ به گھوڙا ئي ھوندا ھئا. ان بنگلي ۾ ڦاسي گھاٽ جي ھجڻ واري ڳالهه ۾ ڪو وزن ان ڪري به ناھي جو انگريز سرڪار پنھنجي شروعاتي دور ۾ پنھنجو دٻدٻو ۽ رعب ويھارڻ خاطر باغين ۽ ٻين ڏوھارين کي وڻن سان ٽنگي ڦاسيون ڏنيون. پر جڏھن کان سينٽر جيل ٺھيا ته موت جي منتظر قيدين کي اوڏانھن منتقل ڪيو ويندو ھو. جڏھن جوڊيشنل جيل ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڀي ڦاسي گھاٽ ناھي، جيڪي پڻ انگريز دور جا ٺھيل آھن ته پوءِ ان بنگلي ۾ ڪٿان آيو. دراصل جنھن سوراخ ۽ ھيٺ ٿلھي جھڙي جاءِ کي ڦاسي گھاٽ سمجھيو وڃي ٿو، اھو ڦاسي گھاٽ نه پر مصنوعي ھوا پيدا ڪرڻ وارا جھالر لڳل ھوندا ھئا، جن کي بيلدار رسن جي مدد سان ھيٺ ويھي ڇڪي ھلائيندا رھندا ھئا. اھي رسا ڇڪڻ مشڪل نه پر آسان ھوندا ھئا ۽ ھڪ ماڻھو ھڪ رسو ھڪڙي ئي ھٿ سان گهڻي دير تائين ڇڪي سگھندو ھو. ان ڳالهه جو پڪو امڪان موجود آھي ته علائقائي امن و امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ ان بنگلي ۾ فوج يا پوليس جي عارضي پڪٽ ضرور قائم ٿي ھوندي. تڏھن ئي ته اھڙو تاثر قائم ٿيو ته اِھا ڪا فوجي ڇانوڻي يا ڪو پوليس ٿاڻو ھو. بھرحال آھي ايريگيشن بنگلو ئي.

ڪشمور ضلعي ۾ گودي بنگلي کان سواءِ ڪجھ ٻيا به قديم آثار موجود آھن. جنھن ۾ چانڊول بنگلو ۽ کيوالي ڪوٽ شامل آھي. چانڊول بنگلو پڻ ايريگيشن وارن جو بنگلو ھو. جنھن جون پڻ ماڻھو سرون به پٽي کڻي ويا. ھاڻ اتي ان جي نالي کان سواءِ ٻيو ڪجھ به موجود ناھي. کيوالي ڪوٽ، جيڪو مٽيءَ جو ٺھيل آھي، اھو ٽالپرن جي دور حڪومت کان به اڳ جو اڏيل لڳي ٿو. جنھن بابت چيو ويندو آھي ته ڪوٽ لاءِ جيڪا مٽي پسائي ويندي ھئي، ان ۾ پاڻي بدران ڏاچين جو کير استعمال ڪيو ويندو ھو. ڄاڻايل ڪوٽ، مزاري ڳوٺ لڳ، سوئي روڊ تي واقع آھي. آئون جڏھن پھريون ڀيرو اھو ڪوٽ ڏسڻ لاءِ وڃي رھيو ھئس ته پري کان مون کي ايئن لڳو جھڙوڪ ڪو مٽيءَ جو دڙو يا ننڍڙو پھاڙ جو ٽڪرو ھجي. ڪلراٺي زمين ھجڻ سبب، ڪوٽ جو گھڻو حصو ڪري چڪو آھي ۽ باقي حصي کي پڻ ڪلر ڪپيندو رھي ٿو. موسمن ۽ ڪلر کان وڌيڪ کيوالي ڪوٽ کي گھڻو نقصان خزانو ڳوليندڙ لالچي ماڻھن ڏنو آھي. جيڪي ڪوٽ جي اندر ۽ ٻاھران ديوارن جي بنيادن ۾ کڏا ھڻي ڇڏيندا ھئا ۽ انھن ۾ برساتن جو پاڻي ڀرجي ويندو ھو، جيڪو آھستي آھستي ان ڪوٽ کي جھوريندو رھيو. تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ڪجھ دوستن جو خيال آھي ته موجوده ڪشمور شھر، ھاڻوڪي ھنڌ تي ٽيون ڀيرو آباد ٿيل آھي. ان لاءِ ان شڪ ۾ ڪجھ پڪ نظر اچي ٿي ته ڪنھن دور ۾ شايد ڪشمور شھر، کيوالي ڪوٽ وٽ وسندو ھجي، جتان پوءِ ڪنھن ڪارڻ سبب لڏپلاڻ ڪري، ھاڻوڪي ھنڌ تي شھر اڏيو ويو. بھرحال قديمي آثار، قومن جو ورثو ۽ سڃاڻپ ھوندا آھن. ڌيان ۽ تحقيق طلب انھن ماڳن جي اسان کي مالڪي ڪرڻ گھرجي. 

 

 (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]