Skip to main content

بُلو کوسي جي بُٺي


بُلو کوسي جي بُٺي
عزيز ڪنگراڻي
بُلو کوسو پنهنجي وقت جو نهايت بهادر ۽ ناميارو شخص هو. سندس اصل ڳوٺ ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ منڇر ڍنڍ جي اولهندي ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ ڳمڙاڇ نالي اڄ به موجود آهي، جتي سندس پونئير رهن ٿا. پر بلو کوسو اڪثر بلي جي بٺي نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو. بٺي يا بٺ مٿانهين دڙي کي به چئبو آهي، ته قبر لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. سندس اوائلي ڳوٺ بلي جي بٺي نالي سان هو جتي رهيو ۽ مارجڻ کان پوءِ دفن ٿيو ته به ساڳي نالي سان ڳوٺ وارو ماڳ سڏجي ٿو، جتي سندس بٺي يا قبر موجود آهي.


بلي جي بٺي واري ماڳ وٽ بلي کوسي، سندس ڀائرن ۽ دوست سائينداد نوحاڻي جي قبرن کان سواءِ هڪ قديم بستي جا آثار به آهن ته ان بستي کي ڏنل قديم ڪوٽ جا نشان پڻ آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته هيءَ بستي نهايت قديم آهي ۽ جڏهن بلي کوسي ان کي مسڪن بڻايو ته بستي سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آئي.
بلي کوسي جو اثر سيوهڻ کان گاج نئي، جوهي تائين هوندو هو. روايتون آهن ته سندس چوپايو مال گور گهمندو ۽ چرندو هو. ڪنهن کي مجال نه هئي جو سندس مال ڪاهي يا ان ۾ هٿ وجهي. علائقي ۾ بلي کوسي جو قول “بٺي چلي، ته بلا چلي” اڄ به تر ۾ مقبول آهي. مطلب ته بٺي چري ته بلو به چري. يعنى ڳوٺ جي دڙي هلي يا ڀڄي ته بلو به ڀڄي. ڌرتي هلي ته بلو به هلي نه ته بلو پڊ ڇڏي ڀڄي اهو ناممڪن. مطلب ته بلو پنهنجي تر لاءِ مارجي سگهي ٿو پر ڀڄي نه ٿو سگهي.
بلو بڊاڻي پاڙي جو کوسو ۽ هڪ سرڪش شخص هو، جنهن جي بٺي يا ڳوٺ اڄ به سيوهڻ کان اٽڪل ۴۰ ڪلوميٽرن تي سيوهڻ- نئينگ روڊ جي ڏکڻ ۾ موجوده ڳوٺ قاسم نوحاڻي ڀرسان “بلي جي بٺي” نالي سان موجود آهي. مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته بلي جو اثر ڪاڇي (سيوهڻ) کان گاج (جوهي) تائين هو. علائقي جا ڪجهه ماڻهو سندس هشمت ۽ دهشت کان خائف هئا.
بلي کوسي ۽ جنگو خان جمالي وچ ۾ لڳل جنگ مشهور آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب“ جنگ نامه” ۾ هن جنگ جو ذڪر ڪيو آهي. ان جنگ ۾ هڪ طرف ست راڄ هئا ۽ ٻئي طرف بلي جا ۳ ڀائر ۽ هڪ سندس دوست سائينداد نوحاڻي هو.
روايتن موجب هڪ عورت بلي کوسي وٽ سام ٿي پهتي جنهن جي گهر جنگو خان جمالي ڪئي پر شايد ڪجهه شرطن سبب بلي کوسي سام واپس نه ڪئي. جنهن لاءِ جنگو خان جمالي ۽ بلي وچ ۾ ڳالهه جنگ جي نوبت تي پهتي. سام کي ڇڏائڻ لاءِ جنگو خان جمالي جي اڳواڻي ۾ جمالي، شاهاڻي، بروهي ۽ ٻيا قبيلا شامل هئا. جنگ کان اڳ اهو طئه ڪيو ويو ته جنگ ۾ صرف تلوار سان آمهون سامهون مقابلو ٿيندو. بندوق جو استعمال قطعي نه ڪيو ويندو.
جنگ لڳي. بلو بهادري سان وڙهيو. سندس ساٿي مارجڻ لڳا ته ڀائرن ڳوٺ ڇڏڻ جي صلاح ڏني ته بلي چيو ته “بٺي چلي ته بلا چلي” يعنى منهنجي ڳوٺ يا ان جي ڌرتي هلي يا ڀڄي ته مان به ڀڄان. اهڙي ريت بلو ڀڳو نه پر بهادري سان وڙهندو رهيو. جنگو خان واري پاسي جي ماڻهن پاران طئه ٿيل تلوار بازي جي خلاف ورزي ڪئي وئي. جنگو خان جي سپاهه ۾ شامل بروهي قبيلي جي ماڻهن منهن ڀرڻي بندوق استعمال ڪندي بلي تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ بلو کوسو ساٿين سميت مارجي ويو.
مارجڻ کان پوءِ بلو کوسو ڳوٺ واري بٺي يا ٽڪري تي ئي دفن ڪيو ويو. ان وقت بندوق استعمال ٿي يا جنگو خان جي گهڻي لشڪر هٿان بلو پنهنجي ڀائرن ۽ هڪ دوست سميت تلوار بازي ذريعي وڙهندي ماريو ويو؟ اهو گمان ان ڪري پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن (۹۲-۱۶۵۷ع) هن علائقي ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي عبوري حڪومت جي دور ۾ بندوق جو استعمال هو يا نه؟ ڇاڪاڻ ته جنگو خان جمالي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ سندس خاص عقيدتمند ۽ ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو.
تڏهن ميان نصير محمد ڪلهوڙي جا اختلاف مغل حڪمرانن سان چوٽ تي هئا. کيس قيد بند جا ڏينهن به ڏسڻا پيا هئا. هڪ طرف سندس مغلن سان ٽڪر هو، ته ٻئي طرف بلي کوسي جي سرڪشي واريون سرگرميون ميانوال تحريڪ لاءِ هاڃيڪار ۽ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ هيون. گمان غالب آهي ته جنگو خان بلي کوسي سان سام لاءِ جنگ نه ڪئي هوندي پر ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي چوڻ تي بلي کوسي جي سرڪشين کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جنگ ڪئي هوندي. پر بلي کوسي آڻ نه مڃي ۽ بهادري سان مقابلو ڪندي مارجي ويو.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]