Skip to main content

ھيرو خان جو قديم قبرستان - عزيز ڪنگراڻي


ھيرو خان جو قديم قبرستان
عزيز ڪنگراڻي
Image result for ‫عزيز ڪنگراڻي‬‎
ڳوٺ هيرو خان جوهي تعلقي، ضلعي دادو ۾ ڪاڇي واري علائقي ۾ قديم ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ جوهي شهر کان اٽڪل ۲۵ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر-اولهه ۾ قائم آهي. مقامي روايتن موجب هيرو خان لغاري هو جيڪو وڏو اثر رسوخ رکندڙ شخص هو. غالبن هيرو خان ڪلهوڙن جي دور جو هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميانوال تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن فوجي فقير جو تعلق به ڳوٺ هيرو خان سان هو.


فوجي فقير بابت مقامي طور ڪجهه روايتون ملڻ ٿيون. پروفيسر عبدالله مگسي جي ڪتاب “سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو” موجب فوجو فقير ذات جو سومرو يا ٿهيم هو. مقامي روايت ۾ کيس لغاري ڄاڻايو وڃي ٿو.
جڏهن اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ ۱۶۹۹ع ۾ ملتان جي گورنر معزالدين ڳوٺ ڳاڙهي تي حملو ڪيو هو ته ميان دين محمد ڪلهوڙو دوکي سان گرفتار ٿيو پر ميان يار محمد مغل فوج سان کور يا کوڙ (هاڻوڪي ٽوڙ) وٽ گاج ڪناري جنگ جوٽي هئي. ٻنهي پاسي قتلام ٿيو هو. جادو فقير ٻٻر به هن جنگ ۾ شهيد ٿيو هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد ۾ دفن ٿيل آهي.
بهرحال هن لڙائي ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو وڌيڪ مقابلي جو ست نه ساريندي خاندان سميت قلات بلوچستان هليو ويو هو ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙو ملتان ۾ ماريو ويو هو. جڏهن ميانوال تحريڪ ۾ اڳواڻي جو فقدان پيدا ٿيو، تڏهن تحريڪ جي اڳواڻي فوجي فقير کي سونپي وئي هئي. فوجو فقير تڏهن عمر رسيده هو تنهن ڪري مقامي طور محاورو مشهور ٿيو ته “ٻيا سڀ ويا مري، پڳ پئي فوجي تي”. غالب گماڻ آهي ته هيرو خان لغاري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي دور جو هو ۽ ميانوال تحريڪ جو ڪارڪن هو پر ان باري ۾ ڪابه تاريخ يا روايت تصديق نه ٿي ڪري.
ڳوٺ هيرو خان واري ٺلهه جي نسبت سان جڏهن غور ڪجي ٿو ته ڳوٺ تمام قديم آهي. ٺلهه جي نسبت سان هن ڳوٺ جي موجودگي راءِ گهراڻي جي دور ۾ ڄاڻائي سگهجي ٿي. ان قديم ڳوٺ جو نالو ڇا هو؟ ان بابت ڪابه مستند تاريخ موجود نه آهي. جڏهن ڪلهوڙن جي دور ۾ هيرو خان لغاري هن ڳوٺ کي مسڪن بڻايو ۽ سندس هاڪ هنڌين ماڳين پکڙي تڏهن هيءُ ڳوٺ هيرو خان سڏجڻ لڳو.
هيرو خان جو قديم قبرستان ڳوٺ جي اولهه-ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي واقع آهي. جڏهن مون ۲۰۱۲ع ۾ هيءُ قبرستان گهميو هو تڏهن ۲ اهم مقبرا موجود هئا، باقي مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويل نظر آيا هئا. مقبرن جي ديوارن تي اندران توڙي ٻاهران پينٽنگ ٿيل آهي جيڪا به زبون حال بڻجي وئي آهي. گهوڙن، سرهن (Ibexes) هرڻين ۽ ٻين جانورن جون تصويرون پينٽ ٿيل آهن. هڪ مقبري جي ڀت تي ليلي مجنون جي ڪهاڻي به نقش ٿيل آهي، ته شڪار ۽ هٿيارن جا منظر به ٺهيل آهن. انهن کانسواءِ گلن، وڻن، ٻوٽن جون تصويرون به آهن ته جاميٽري جون ڊزائنون به نقش ٿيل آهن.
هيرو خان جو قبرستان ڪلهوڙا دور جو شاهڪار تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي، جنهن کي وقت جي ستم ظريفي ۽ نِه-ڌڻڪائپ ميساري رهي آهي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]