سهتا شريف
اتر سنڌ جي هڪ
اهم درگاهه
غلام مصطفيٰ سولنگي
سنڌ سونهاريءَ جون درگاهون، سچ پچ ته دعا جا در آهن. اهي درگاهون انهن
مهان انسانن، درويشن، صوفين ۽ عالمن جون آهن، جن پنهنجي عمل ۽ ڪردار، انسان دوستيءَ،
سهپ، امن، رواداري ۽ ميٺ محبت جي اها جوت جلائي، جنهن جي لاٽن، اڄ به سنڌ جي عوام جي
دلين ۽ ذهنن کي روشن پئي رکيو آهي. اهو سبب آهي جو اڄ به هزارين ماڻهو انهن درگاهن
تي حاضري ڀري پنهنجي روحاني تسڪين جو پوراءُ ڪن ٿا. اهڙن ئي انسان دوست ۽ الله وارن
درويشن جي مالها جو هڪ موتي حضرت صوفي سيد ڇتن شاهه بخاري به هڪ آهي، جنهن جي درگاهه
اتر سنڌ ۽ خاص ڪري شڪارپور ضلعي ۾ تمام گهڻي مشهور آهي.
هيءَ درگاهه شڪارپور ضلعي جي تاريخي ڳوٺ سهتا شريف ۾ واقع آهي. هي ڳوٺ
ان رستي تي موجود آهي، جيڪو سنڌ جي نامياري اديب ۽ تاريخ دان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌيءَ جي تحقيق مطابق موئن جي دڙي ۽ هڙاپا کي ملائيندو هيو. ان ئي رستي جي اولهائين
پاسي کان هزارن ايڪڙن تي مشتمل هڪ گجگاهه قبرستان ۾ حضرت صوفي سيد ڇتن شاهه بخاريءَ
جي درگاهه موجود آهي، جيڪا اڄ به تر جي زائرين لاءِ هڪ وڏي روحاني مرڪز جو درجو رکي
ٿي.
هن درويش حضرت صوفي سيد ڇتن شاهه بخاريءَ جي وڏڙن جو تعلق بخارا سان هيو،
جيڪي بعد ۾ وري مشهد (ايران) ۾ اچي آباد ٿيا هئا.
دائره معارف اسلاميه ۾ لکيل آهي ته بخارا کي 54 هجري بمطابق 674ع ۾ عبيدالله
بن زياد پاران فتح ڪيو ويو هيو. ان وقت بخارا جي اڳوڻي حاڪم بيدون جي بيواهه حڪومت
ڪندي هئي. هن مائيءَ جي وفات کانپوءِ سندس وڏي پٽ طفشادهه کي پندرنهن سالن جي عمر
۾ حڪومت جون واڳون ڏنيون ويون.“ تاريخ طبريءَ ۾ طفشادهه جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن کي
91 هجري بمطابق 710 عسيوي ۾ قتيبه بن مسلم شاهه بخارا جي حيثيت سان بخارا جي تخت تي
ويهاريو. قتيبه بن مسلم جي دور ۾ بخارا ۾ اسلامي حڪومت جا بنياد نهايت سگهارا ٿيا.
ڪيترائي ديني مدرسا ۽ ڪتب خانا قائم ڪيا ويا ۽ اهڙيءَ طرح اسلام جو نور يورپ ۽ ايشيا
جي ملڪن تائين پکڙجڻ لڳو. رمضان 121 هجري بطابق آگسٽ 739ع ۾ بخارا جي حاڪم طفشادهه
کي، خراسان جي والي نصر بن سيار جي لشڪر گاهه ۾ قتل ڪيو ويو. ان کان پوءِ عرب حڪمرانن
خلاف ڪيتريون ئي بغاوتون ٿيون ۽ ڪيترائي ڀيرا ترڪن بخارا تي سخت حملا ڪيا، ايستائين
جو 110 هجري بمطابق 728 ۾ بخارا جو شهر عربن جي هٿن مان نڪري ويو.
ان صورتحال کي ڏسندي بخاري خاندان جا اڪثر فرد مشهد هجرت ڪري آيا ۽ اتان
ئي پنهنجون ديني ۽ علمي خدمتون جاري رکيائون. مشهد ان وقت بخارا کان پوءِ وڏو علمي
مرڪز هيو. مشهد ايران جي صوبي خراسان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هتي امام رضا جي مزار به
موجود آهي. ان کان سواءِ اسلامي دور جي مشهور حڪمران هارون رشيد جي قبر به هن ئي شهر
۾ موجود آهي. سندس وفات مشهد ۾ ئي 809ع ۾ ٿي هئي. مشهد جي ڀرسان طوس جو شهر به موجود
آهي، جتي دنيا جو عظيم شاعر فردوسي ۽ هاڪارو فلسفي امام عزالي پيدا ٿيو هو.
مشهد جا سنڌ سان پراڻا ديني، علمي ۽ تهذيبي لاڳاپ پئي رهيا آهن. ٺٽي نگر
۾ جڏهن سوين ديني درسگاهون هونديون هيون ته اتي به مشهد جا ڪيترائي عالم ۽ استاد پاڙهيندا
هئا. ان کان سواءِ اروڙ به اتر سنڌ ۾ ديني علمن جو مرڪز پئي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح بخاري
خاندان جو هڪ عالم ۽ درويش مشهد مان لڏي اچي اروڙ ۾ سڪونت پذير ٿيو. سندس نالو حضرت
سيد شير شاهه اول هيو. پاڻ ڳچ عرصو اروڙ ۾ رهيو ۽ ديني علمن ۽ تصوف جي تعليم ڏيندو
رهيو. ڪجهه سالن کان پوءِ پاڻ پنهنجي خاندان سميت هجرت ڪري وڃي اچ شريف وسايائين ۽
درس و تدريس جو سلسلو پڻ جاري رکيائين. سندس وصال به اتي ئي ٿيو ۽ سندس آخري آرام گاهه
به اتي ئي اچ شريف ۾ آهي.
حضرت سيد شير شاهه اول جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس فرزند حضرت محسن شاهه
اول پنهنجي ڪٽنب سميت هجرت ڪري خيرپور ميرس جي تاريخي ۽ علمي شهر پير جو ڳوٺ ڀرسان
شهپر نالي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. هي ڳوٺ هن وقت به پير جو ڳوٺ شهر کان اتر طرف اڃا تائين
قائم آهي. حضرت محسن شاهه اول پنهنجي سڄي ڄمار ان ئي ڳوٺ ۾ علم ۽ ڏاهپ جو وکر ورهائيندي
گذاري. وفات کان پوءِ سندس وڏي فرزند حضرت
امام شاهه اول گادي نشينيءَ جي ذميواري سنڀالي. پاڻ الله لوڪ ۽ ٻيو نمبر ڀاءُ حضرت
شير شاهه دوئم اتان هجرت ڪري ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ سهتا شريف ۾ اچي رهائش پذير ٿيا.
حضرت سيد ڇتن شاهه بخاري ولايت جو صاحب ۽ ڪافي ڪرامت وارو ڪامل برزگ هيو. سندس علمي
فيض ۽ برزگيءَ جو اثر سڄي تر تي پيو.
5 شعبان 1210 هجريءَ ۾ حضرت سيد ڇتن شاهه بخاريءَ جي رحلت کان پوءِ
سندس ڀاءُ سيد شير شاهه دوئم، درگاهه سهتا شريف جي گاديءَ جو پهريون سجاده نشين مقرر
ٿيو. سندن طالبن ۽ مريدن جو حلقو نهايت وسيع هيو. پاڻ سڄي ڄمار روحاني تربيت ۽ ذڪر
جي سلسلي کي مريدن ۾ عام ڪيائين. ذڪر فڪر ۽ مريدن خادمن جي روحاني سکيا جو اهو سلسلو
هيل تائين جاري آهي.
حضرت سيد شير شاهه جي ڏينهن ۾ ئي هن درگاهه عاليه جو طريقت جو سلسلو شاهه
عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه سان ڳنڍجي چڪو هيو. شاهه عنايت شهيد سان عقيدت ۽ محبت
وارو اهو ڳانڍاپو اڄ به هلندو پيو اچي. نه رڳو ايترو، پر جهوڪ شريف جي درگاهه تي ذڪر
فڪر ۽ صوفي راڳ جو جيڪو سلسلو صدين کان هلندڙ آهي، سو هتي به رائج آهي.
حضرت سيد ڇتن شاهه بخاري جي مقبري جي اڏاوت جو نمونو مقامي آهي. چيو وڃي
ٿو ته ان مقبري جي سڀ کان پهرين اڏاوت درگاهه جي پهرين سجادهه نشين حضرت سيد شير شاهه
ڪرائي هئي. مقبري جي مرمت جو ڪم اٽڪل 70 سال اڳ ٻيهر ڪرايو ويو هو. اهو ڪم سهتا شريف
جي مشهور رازي مرحوم محمد ابراهيم سولنگيءَ ڪيو هو. گنبذ جي روايتي اڏاوت نهايت وڻندڙ
آهي. سڄو مقبرو گچ گاري سان نهايت سهڻي نموني اڏيو ويو آهي.
درگاهه جي موجوده سجاده نشين صوفي سيد عبدالرزاق شاهه جو والد بزرگوار
سيد محسن علي شاهه مست پڻ اهل دل انسان ۽ درويش صفت بزرگ هيو. پاڻ پنهنجي سڄي ڄمار
درگاهه جي سار سنڀال، درگاهه تي آئي وئي جي خدمت چاڪري ۾ ٽهل ٽڪور ۽ ڳوٺ واسين جي آئي
ويل ڪم ايندي گذاري ڇڏيائين. سندس وصيت مطابق پنهنجي اوتاري تي وفات کان پوءِ کيس دفنايو
ويو. پاڻ ڀٽائي صاحب جي هڪ بيت جي سٽ ”مارو ڳڻن سان، ويڙا ٿر اڪري“ جو جيئرو جاڳندو
مثال هيو. کيس راڳ ويراڳ سان به گهڻو لڳاءُ هيو. اتر سنڌ جا اڪثر صوفي راڳي وٽس ايندا
رهندا هئا ۽ راڳ سان سندس دل وندرائيندا رهندا هئا.
درگاهه سيد ڇتن شاهه بخاريءَ جي شهرت جو هڪ سبب ”ڳاهيجن جون ڏائڻيون“
پڻ آهن. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن دور ۾ هر اسلامي مهيني جي پهرين سومر تي يعنيٰ ماهه پهرين
سومر تي ڳاهيجن کان هن درگاه تي ڏائڻين جو هڪ ٽولو ايندو هيو. اهي ڏائڻيون درگاهه جي
صفائي ڪري، دلا ۽ مٽ ڀري،
سڄو ڏينهن اتي گذاري، پوءِ
شام جو ڳاهيجن ڏانهن موٽ ڪنديون هيون. اها حقيقت آهي يا ڏند ڪٿا؟ ان ڏس ۾ سنڌ جون تاريخون
خاموش آهن. ها البته ايترو سو ضرور چئي سگهجي ٿو ته روايت جي پويان ڪا حقيقت ضرور هوندي
آهي.
حضرت صوفي سيد ڇتن شاهه بخاري ۽ حضرت صوفي سيد محسن شاهه مست جو ساليانو
عرس هر سال مارچ جي مهيني ۾ ڪرايو ويندو آهي. ٽن ڏينهن جي عرس جي موقعي تي محفل سماع
صوفي راڳ جي رهاڻ، ادبي ڪانفرنس، سگهڙن جي ڪچهري ۽ مشاعري جي محفل پڻ ٿيندي آهي.
درگاهه جو موجوده سجاده نشين صوفي سيد عبدالرزاق شاهه آهي. پاڻ ”صوفين
صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو“ جو هڪ چٽو پٽو مثال آهي. سندس روحاني نسبت جهوڪ شريف سان
آهي. پاڻ سٺو شاعر ۽ سماج سڌارڪ صوفي آهي.
صوفي سيد عبدالرزاق شاهه ۽ سندس ڀائر سيد حبيب الله شاهه بخاري، سيد بشير
احمد شاهه بخاري، سيد نذير احمد شاهه بخاري ۽ سيد خادم حسين شاهه بخاري، درگاهه جي
اعليٰ روايتن کي اڄ به برقرار رکيو پيا اچن. پاڻ ڳوٺ واسين ۽ تر وارن لاءِ ڇپر ڇانو
بڻيل آهن.
جي منجهان منهنجي روح، وڃي ساجن وسري،
ته مَرُ لڳي لُوههَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
صوفي سيد ڇتن شاهه بخاريءَ جي مقبري جي ٻاهران ڏاکڻي پاسي کان سڏ پنڌ
تي هڪ مسجد به هوندي هئي، پر هاڻي ان جا ڪي آثار به ڪو نه ٿا ملن. ان مسجد جي جاءِ
تي ڏهاڪو سال کن اڳ ميان نصير فقير سولنگيءَ هڪ ننڍڙي مسجد شريف اڏرائي هئي، جنهن
۾ اڄ به درگاهه تي ايندڙ زائرين نماز پڙهندا آهن.
Comments
Post a Comment