Skip to main content

ماڙي حاجن شاهه - غلام مصطفيٰ سولنگي


ماڙي حاجن شاهه
سنڌ جو وساريل ماڳ
غلام مصطفيٰ سولنگي
ماڙي حاجن شاهه هڪ ڳوٺ ئي نه پر هڪ داستان پڻ آهي، اهو داستان، جنهن سان سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي تاريخ جا ڪيترائي تهذيبي، ثقافتي، معاشي، علمي ۽ ادبي باب وابسته آهن، هر هڪ باب جو هر هڪ ورق ور ور اٿلائي پڙهڻ جهڙو ۽ فخر لائق آهي.


ضلعي شڪارپور جو هي تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ ماڙي حاجن شاهه، ڪنهن دور ۾ هڪ وَسِيل ۽ بَرسيل شهر هيو، پر هاڻي هڪ ڳوٺ وڃي بچيو آهي تنهن هوندي به ان جي تاريخي اهميت پنهنجي جاءِ تي مڃيل آهي.
ماڙي حاجن شاهه، شڪارپور شهر کان ڏکڻ طرف پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي نوشهرو ابڙو، ڳاهيجا لنڪ روڊ ڀرسان قديمي سنڌ واهه جي ڪنڌيءَ تي آباد آهي.
سنڌ جي قديم ڳوٺن ۽ شهرن تي تحقيق ڪندڙ محققن ۽ تاريخدانن جي اها راءِ آهي ته ماڙي حاجن شاهه، شڪارپور کان به گهڻو اڳ آباد آهي. شڪارپور شهر 1617ع ۾ دائودپوٽن آباد ڪيو هو، پر ماڙي حاجن شاهه، شڪارپور کان به صديون اڳ آباد ۽ هڪ وسندڙ شهر ۽ ثقافتي مرڪز هيو.
1773ع کان وٺي 1824ع تائين شڪارپور پرڳڻو جڏهن ايران جي دُرانين جي هٿ هيٺ آيو ته ماڙي حاجن شاهه به ايران جي قبضي قدرت ۾ هليو ويو. ايران کان ڪيترائي دُراني هتي اچي آباد ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح ڪاروباري لحاظ کان هن ننڍڙي شهر جي قسمت جو تارو سڄي اتر سنڌ ۾ چمڪڻ لڳو.
درانين جي هتي آباد ٿيڻ سان نه رڳو ماڙي حاجن شاهه جي ڪاروباري حيثيت گهڻو مضوط ٿي پر دفاعي لحاظ کان پڻ هن جي اهميت پهرين کان گهڻو وڌي وئي. دُرانين هن شهر جي چوڌاري هڪ وڏو ڪوٽ تعمير ڪرايو هو، جنهن جا آثار هن وقت موجود ناهن. ان ڪوٽ جي ڪري هن ڳوٺ کي ڪوٽ دراني به سڏيو ويندو آهي. هن ڳوٺ جي ترقيءَ ۾ دراني خاندان جون خدمتون تمام گهڻيون آهن. خاص طور تي عبيد الله خان دراني جو، هڪ سماج سڌارڪ ۽ انسان دوست شخصيت جي حيثيت سان، ماڙي حاجن شاهه ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڏو نالو آهي. اڄ به دراني هائوس نالي هڪ ڪشادي اوطاق مرحوم عبيد الله خان دراني جي يادن سان ڀري پئي آهي ۽ جتي آئي وئي جي آڌر ڀاءُ، ٽهل ٽڪور ۽ خدمت چاڪري هر وقت پئي ٿيندي آهي. لالا بابو خان پٺاڻ پنهنجي وڏڙن جون نشانيون ساهه سان سانڍيو پيو اچي، مهمان نوازي ۽ انسان دوستيءَ جهڙيون اعليٰ روايتون سندس بڻائتيون خوبيون آهن.
جيتوڻيڪ ڪنهن وٽ به ڪتابي صورت ۾ هن ڳوٺ جي اوائلي تاريخ موجود ڪونهي، پر مليل روايتن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته هي ڳوٺ مغلن جي دور حڪوت کان به اڳ جو آهي.
1705ع ۾ ايران جي بادشاهه، نادر شاهه اچي سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪناري واري ڀاڱي تي قبضو ڪيو ۽ ان کي ايراني سلطنت جي هٿ هيٺ آندو، جنهن ۾ شڪارپور جو پرڳڻو پڻ شامل هيو ۽ ظاهر آهي ته ماڙي حاجن شاهه، شڪارپور سان لڳو لڳ هجڻ ڪري ايراني سلطنت جي قبضي ۾ اچي ويو.
نادر شاهه جي وفات کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ايران جو بادشاهه ٿيو، جنهن تخت تي ويهڻ سان ئي هڪ وڏو لشڪر شڪارپور تي چاڙهي موڪليو. دائود پوٽن ان بي انداز فوج جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو، پر کين شڪست نصيب ٿي.
اها سن 1847ع جي ڳالهه آهي. شڪارپور پرڳڻي تي ڪلهوڙن جو نمائندو مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح شڪارپور ۽ ماڙي حاجن شاهه ڪلهوڙن جي قبضي هيٺ اچي ويو.
تاريخدان لکن ٿا ته شڪارپور جي معاملن کي نبيري جڏهن احمد شاهه ابدالي سيوهڻ ٿي ويو ته ماڙي حاجن شاهه ۾ پڻ ڪجهه دير ترسيو هو. ان مان هن ڳوٺ جي سياسي ۽ دفاعي اهميت جو اندازو ٿئي ٿو.
ڪاروباري لحاظ کان ماڙي حاجن شاهه مُلڪان ملڪ مشهور هيو، هن ڳوٺ جو واپار بلوچستان، افغانستان، خُراسان ۽ وچ ايشيا جي مسلم رياستن سان سنئون سڌو هلندو هيو.
هتي جي ماڻهن دولتمند هئڻ ڪري عاليشان عمارتون جوڙايون ۽ هن ڳوٺ ۾ تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ ڀرپرو ترقي ڪئي. عاليشان عمارتن ۽ ماڙين جي ڪري ئي هن ڳوٺ جا ساڃاهه وند ماڻهو ٻڌائين ٿا ته هن ڳوٺ تي ماڙي نالو پئجي ويو.
ماڙي حاجن شاهه مان نِير، ڪپڙو، ڀَرت جو سامان، لنگيون وغيره، ڏيساور ڏانهن موڪليون وينديون هيون ۽ انهن جي بدلي ۾ سون، هيرا جواهر ۽ ٻيو سامان گهرايو ويندو هيو. آڳاٽي زماني ۾ هتي کارڪون، سنگتڙا، زيتون، ٻير، ڪيلا ۽ انب گهڻي انداز ۾ ٿيندا هئا ۽ ڳوٺ جي چوڌاري وڏا وڏا باغ هوندا هئا، جن ۾ ڀاڄيون پڻ جهجهي مقدار ۾ اپايون وينديون هيون.
سٺي ۽ مٺي پاڻي هئڻ ڪري ۽ ڳوٺ جي ٻاهران تاريخي سنڌ واهه وهڻ ڪري زرعي پيدائش جي لحاظ کان ماڙي حاجن شاهه نهايت زرخيز علائقو هيو. هتي ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، جوئر، چڻا ۽ تيلي ٻجن جا فصل ڏاڍا ڀلا ٿيندا هئا. زرعي آبادي هئڻ ڪري ماڙي حاجن شاهه جو چوپايو مال نهايت تندرست هوندو هيو. تنهن ڪري هتي کير، مکڻ ۽ گيهه جام هوندو هيو ۽ سستو پڻ ملندو هيو. انهن نعمتن جي ڪري هتي جا ماڻهو صحتمند ۽ سگهارا رهندا هئا. نه رڳو ايترو، پر هتي جي بازارن ۾ سچي گيهه ۽ مکڻ مان ٺهيل مختلف قسمن جون مـٺايون پڻ جام ملنديون هيون ۽ ڏيساور تائين پڻ وڪامنديون هيون.
1853ع ۾ جڏهن شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت ڏني وئي ته پوءِ ماڙي حاجن شاهه پوئتي پوندو ويو، ڪاروباري لحاظ کان هن ڳوٺ کي ڪاپاري ڌڪ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ لڳو، ان ڪري جو گهڻا هندو واپاري هندستان لڏي ويا.
هن ڳوٺ جي ثقافتي زندگي ڏاڍي شاهوڪار پئي رهي آهي، ڪنهن دور ۾ هتي ميلا ملاکڙا پڻ گهڻا ٿيندا هئا، ان کان سواءِ ملاکڙي جي راند ۽ هتان جا ملهه پهلوان سڄي سنڌ ۾ مشهور هوندا هئا. خاص ڪري ايوب بُڪيري ۽ حاجي نهال ڀنڀري جي جوڙَ جا پهلوان ته سنڌ ۾ ڳوليا به نه لڀن.
علمي ۽ ادبي حوالي سان هن ڳوٺ جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ جو هاڪارو اديب، عالم ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ هن شهر ۾ پيدا ٿيو هو. سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جي ڪم کي عالمي مڃتا حاصل آهي. ان کان سواءِ ناليواري استاد، اديب ۽ شاعر لعل حسين شاهه سوز جو تعلق به ماڙي حاجن شاهه سان آهي. سندس شعري مجموعي”عاشق عجب اسرار“ کي ادبي حلقن ۾ وڏي پذيرائي حاصل آهي.
ماڙي حاجن شاهه کي جيڪا ڏيهان ڏيهه شهرت حاصل آهي، سخي مست غازي غلام شاهه جي درگاهه جي ڪري پڻ آهي. غازي غلام شاهه جو روحانيت ۽ تصوف ۾ نهايت مٿانهون رتبو آهي. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو داناءُ، سخي مرد، پرهيزگار ۽ ڪاني ڪرامت وارو درويش هيو. سندس هزارين مريد هئا. اڄ به سڄي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سندس مريدن جو حلقو نهايت وسيع آهي. سندس درگاهه اڄ به عام ماڻهن جي لاءِ زيارت گاهه بڻيل آهي، کيس مختيار علي شاهه جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. سندس والد صاحب جو نالو سيد جمن شاهه هيو. پاڻ اصل بخارا جا هئا.
سخي مست غازي غلام شاهه جو مقبرو نهايت شاندار نموني اڏايو ويو آهي. ان مقبري جي نئين سر اڏاوت ڏهاڪو کن سال اڳ ٿي هئي. مقبري جي ٻاهران ۽ اندران ڪا شيءِ جو جيڪو ڪم ڪيو ويو آهي، سو نهايت شاندار ۽ وڻندڙ آهي.
لطيف فنن جي حوالي سان عمارتن ۾ نقش نگارن ۽ گلڪاريءَ کي خاص اهميت حاصل رهي آهي. اهي نقش نگار جماليات ۽ خوبصورتيءَ جو مکيه اهڃان هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾ اسلامي اڏاوت جي انداز کي نئين سر جيئاريو ويو. خاص ڪري ايران، عراق ۽ وچ ايشيا جي اسلامي ملڪن ۾ اهڙي اڏاوتي انداز کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي وئي. ان اڏاوتي طرز کي بعد ۾ وري مغل حڪمرانن ننڍي کنڊ ۾ پڻ آندو ۽ اهڙيءَ طرح هتان جي اڏاوتي ماهرن پنهنجي فن ۽ تخليق جي حسين جزن کي عمارتن جي اڏاوت ۾ سمائي ڇڏيو ۽ اڄ به اهڙو انداز ننڍي کنڊ ۾ هلندو پيو اچي.
هن عاليشان مقبري جي اڏاوت ۾ مهارت ۽ ذهانت سان گڏوگڏ جمالياتي ذوق کي پڻ ڀرپور ڪتب آندو ويو آهي. مقبري جي اندر ڪاري، اڇي، نيري، ڳاڙهي ۽ سائي شيشي جو استعمال ٿيل آهي. شيشي جو اهڙو استعمال ايران ۽ عراق ۾ مختلف هستين جي درگاهن ۽ مزارن تي ملي ٿو. ان کان سواءِ اسلام جي شروعاتي دور ۾ شيشي ڪاريءَ جو ڪم، محلاتن جي ڀتين ۽ ڇتين تي ڪيو ويندو هو، پر پوءِ وري اهو ڪم درگاهن ۽ مزارن تي عام ٿيڻ لڳو.
هن مقبري جي ديوارن تي گَچَ جا تهه ٺاهي، نقشن ۽ چٽن جا خاڪا جوڙي، پوءِ وري مختلف رنگن جو تعين ڪري شيشن جا نفاست سان ڪٽيل ٽڪرا، گچ جي سطح تي اڇي سيمينٽ سان لڳايا ويا آهن. شيشن جا اهي ٽڪرا عام ڪري سڌي سنوت ۾ نهايت ڪمال ڪاريگريءَ سان لڳايا ويا آهن. گولائيءَ ۾ ٿيل شيشي جو اهو ڪم ڏاڍو نازڪ ۽ نفيس آهي ۽ وڏي ڌيان سان ڪيو ويو آهي. شيشي جي اهڙي گول سٽاءَ کي حلب شيشي ڪاري چيو ويندو آهي.
مقبري جي اندرئين حصي ۽ سمورين ڀتين تي نيرين، سفيد، ڪارين ٽائيلن جو ڪم نهايت سهڻو ٿيل آهي. اهڙو ڪم سنڌ جي اڪثر درگاهن تي ٿيل هوندو آهي. ڀتين تي جيڪي به نقش نگار ڪڍيا ويا آهن ۽ گلڪاري ڪئي وئي آهي تنهن ۾ گهڻا چمڪدار رنگ ڪتب آندا ويا آهن. گلڪاريءَ جو اهو خوبصورت ڪم نيري، سائي ۽ هيڊي رنگ سان ڪيو ويو آهي. جيڪو هن مقبري جي حسن کي اڃا به ٻيڻو ڪري ڇڏي ٿو. مختلف ڊزائنون جنهن طريقي سان ٺاهيون ويون آهن، تن جو ته ڪو جواب ئي ناهي. اهي سموريون ڊزائنون ميٽريڪل انداز ۾ اهڙي ته نموني ٺاهيون ويون آهن جو هيٺان کان مٿي ۽ ساڄي کان کاٻي پاسي نهارڻ سان لڪيرن ۽ گلڪاريءَ جو توازن اچرج ۾ وجهيو ڇڏي.
مقبري جي اندر جيڪو پڃرو آهي، سو ساڳوان جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويو آهي، ان پڃري اندر مست سخي غازي غلام شاهه ۽ سندس والد صاحب سيد جمن شاهه بخاريءَ جون قبرون آهن.
مقبري سان لڳو لڳ عام ماڻهن ۽ زيارتين جي سهولت لاءِ هڪ وڏو حجرو پڻ ٺهرايو ويو آهي. پري پري کان ماڻهو اچي ان حجري ۾ رهندا آهن ۽ سندن کاڌي پيتي جو پڻ جوڳو بندوبست ٿيل هوندو آهي.
هن باڪمال درويش، صوفي ۽ مست جي درگاهه تي هر خميس تي صوفي راڳ رهاڻ جو پڻ انتظام ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ درگاهه جا فقير ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن جا صوفي راڳي هتي اچي راڳ ڪندا آهن.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]