Skip to main content

شڪارپور - ذوالفقار راڄپر


شڪارپور
قديم تاريخي عمارتن جي درد ڪهاڻي
ذوالفقار راڄپر
Image result for shikarpur sindhشڪارپور جي قديم تاريخي عمارتن جي طويل درد ڪهاڻين جا قصا به چوڪنڊي، مڪلي جي قبرستان، حيدرآباد جي هيرا آباد ۽ گاڏي کاتي جي باقي بچيل ناياب قديم عمارتن، پڪي قلعي، لاڙڪاڻي جي قديم تاريخي سرڪاري ۽ نجي عمارتن جي قتل عام وارين آهن، دانهن جهڙا آهن. ڪراچي جي ملير مندر ۽ ڪياماڙي جي مندرن سان ٿيل زيادتين جي ڪيهن، شو مارڪيٽ، برنس روڊ، بندر روڊ، کارا در، ميٺا در، فريئر هال وغيره سميت ڪراچي جي هزارين تاريخي عمارتن، ٺٽي، خيرپور، سکر، روهڙي، گهوٽڪي، ڏهرڪي، جيڪب آباد،  تنگواڻي، ڪنڌڪوٽ، ڏوڪري، باڊهه، راڌڻ، سيتا، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، ڳيريلو، نئون ديرو، رتوديرو، ڊکڻ، باگڙجي، رڪ اسٽيشن، سيوهڻ، مانجهند ڀريا شهر سميت سنڌ جي هر شهر ۽ هر ننڍي وڏي واهڻ ۾  قديم تاريخي عمارتن سان انهن شهرن ۾ رهندڙ مقامي ۽ ٻاهران آيلن ۽ وقت به وقت آيل سرڪار ۽ سرڪاري ادارن جيڪي ويل وهايا ۽ انهن مٿان تشدد ۽ زيادتيون ڪري انهن جو خون وهايو آهي، ان قتل عام ۽ زخمي حالت ۾ انهن سهڻين، سيبتين عمارتن جي چهرن مٿان جيڪي تيزاب هارڻ جهڙا قهر ڪيا آهن، انهن جي زخمن مان اڃا به رت ٽمندو رهي ٿو ۽ انهن جي بي ڪفن لاشن مٿان ڳجهين جهڙن ماڻهن ماس پٽيو ۽ کاڌو آهي، جن مان نڪتل آوازن جهڙا درد عرش تي ويندڙ انصاف جي اميدن کان خالي درد جي قصن کان شڪارپور جي قديم تاريخي عمارتن جي درد ڪهاڻي شايد گهڻو مختلف نه هجي. اسان ڪراچي جي پنجاب چوراهي کان اڳتي ڪورنگي روڊ ويندڙ رستي تي شڪارپور جا خوبصورت در، دريون وڪرو ٿيندي ڏٺا آهن، انهن قديم ناياب شين جي وڪري واري ڪٻاڙين جي دڪان تي شڪارپور جي سونهن جا اهي عضوا به تاريخ ۾ سنڌ جي پيرس نماءَ شهر جي ڳجهين ۽ بگهڙن  طرفان وڪرو ڪري ڏيندا رهندا آهن. 


شڪارپور جي قديم سونهن جي اها به سنڌ جي هر شهر ۽ تڪ ۾ موجود قديم ورثن وانگر اها بدنصيبي رهي آهي ته ان جي خوبصورتي جي اجاڙ ۽ دردن جي دانهن ۽ زخمن مٿان پها رکندڙ ڪو اسيمبلي ميمبر، ان شهر جو رهندڙ وڏو وزير، وزير، وزيرياڻيون، ناظم مرد عورت، وڏي خاندان جي شهرت رکندڙ شهر ۾ رهندڙ ڪو اهڙو فرد نه مليو آهي جنهن شڪارپور جي قديم تاريخي عمارتن ۽ شهر ۾ رهندڙن جي غمگين قصن جون آکاڻيون سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي،سينيٽ ۽ ڪمشنر، ڊي سي آفيس، ضلعي حڪومت جي ايوان ۾ اچي ٻڌايون هجن، پر ان بدران شڪارپور کي  رياستي ادارن جي سهڪار سان پلجندڙ سردارن ۽ ڀوتارن جي قبيلائي دهشتگردي، ڏهڪاءُ ۽جرڳا ۽ ڌارين جي آبادگاري ملي آهي، انهن جمهوري ۽ غير جمهوري ويس پهريل سردارن شڪارپور جي ماڙين ۽ حويلين مٿان چڙهائي ڪرڻ سان گڏ پشاور ۽ ٻين علائقن مان ماڻهن جو لوڌون لڏائي اچي ويهاريون آهن ۽ سنڌ ۾ سوين سالن کان رهندي به پنهنجي سڃاڻپ ماضي جي سڃاڻپ سان ڳنڍڻ لاءِ نسل پرست تنظيمون ٺهرائي شڪارپور جي عظيم ليکڪ آغا سليم سميت ٻين اهڙن معتبر شهرين جي سنڌ سان ٿيل وفا جي توهين ڪئي آهي. چار سؤ سالن جي تاريخ رکندڙ شڪارپور ڪافي خوشنصيب به آهي، جنهن کي ٿورو يا گهڻو، ڪمزور يا طاقتور هڪ اهڙو پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪلاس به ملي ويو آهي، جنهن چونڊيل ميمبرن، وزيرن جي شڪارپور سان ٿيل زيادتين جي باوجود شڪارپور جي تاريخ،سونهن ۽ قديم خوبصورت عمارتن جي بچاءَ لاءِ پنهنجو علم جهڪايو نه آهي، خليل مورياڻي، انور فگار هڪڙو، آغا محمد زاهد، همير چانڊيو، سيد مهدي شاهه، حسيب ناياب منگي، آغا سعيد، ممتاز منگي، زاهد گهلو، ستار سومرو، عبدالله انڙ سميت ٻيا لاتعداد باشعور فرد نه هجن ها ته ته شايد شڪارپور جي قديم تاريخي جاين کي پاڙان پٽي ڪراچي شهر ۽ پنجاب ۽ لنڊن ۾ وڪرو ڪري ڇڏين ها ۽ ٻڍا آشرم ڊاهي اتي دڪانن جو ميلو لڳائي ڏين ها ۽ اها به شايد شڪارپور جي هڪڙي خوشنصيبي آهي جو حميد آخوند جي هن شهر جي سونهن مٿان عاشقاڻي نظر پئجي وئي آهي، جو انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ اچي، ڪجهه هن شهر جي تاريخي قديم عمارتن جي مالڪي جي لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن، ان لاءِ کيس ڪهڙيون تڪليفون مليون آهن، اهو وڌيڪ قصو ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو، اشتياق انصاري جي به دلچسپي ۽ محنتون به نه وسارڻيون آهن. هونئن ته شڪارپور جي قديم عمارتن جي سروي به ٿيل آهي پراڃان ان جي نئين سر ضرورت آهي، شايد جيڪا انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ طرفان شروع ڪئي وئي آهي۽ اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي جي هيريٽيج سيل، آرڪيٽيڪچر شعبي سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر انيلا نعيم شڪارپور جي قديم موجود ۽ قتل ٿيل تاريخي عمارتن تي جيڪو تصويري لاجواب ڪم ڪيو آهي، اهو به هڪڙي قسم سان شڪارپور جي باشعور شهرين مٿان هڪ احسان جي برابر آهي، اڃا بهترين ڳالهه اها آهي ته شڪارپور جي سونهن سان ڀريل عمارتن جي ان ٿصويري ڪتاب کي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ طرفان ڇپائي وڏو ڪم ڪيو ويو آهي، ان ڪتاب کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان خوشي ته ملي پر شهر جي هڪ درد ۽ دانهن جو پڙاڏو منهنجي ڪنن سان گونجي رهيو آهي ته سوين ناياب عمارتون، مسجدون، مندر ڏينهن ڏٺي جو شڪارپور جي خاموش شهرين اڳيان قتل ٿي ويا ۽ ان جو رت اڃان تائين  شڪارپور جي هر شهري ۽ سڄي سنڌ آڏو پنهنجي فرياد کڻي وهندو رهي ٿو. اهڙي بي وس ۽ درد جي قصن واري هن شهر تي خليل مورياڻي، نقش ناياب منگي،تاج محمد صحرائي، انيس انصاري،پروفيسر لجپت گانڌي، بدر اڄڻ،انور فنگار هڪڙو، همير چانڊيو ۽ ٻين لاتعداد ڪتاب ۽ مضمون لکي شڪارپور جي سڃاڻپ کي بچايو آهي. اها به هن شهر جي تاريخي بچاءِ لاءِ اميد جا ڏيئا ٻرڻ شروع ٿيا آهن، شڪارپور جي ۴۰۰ سئو سالا جشن جي حوالي سان سال ۲۰۱۷ع ۾ مختلف فورمن طرفان تاريخ ۽ سجاڳي جا پروگرام منعقد ٿيا ۽ تازو اربع ڏهاڙي ۱۷ جنوري ۲۰۱۸ع تي شهر جي قديم تاريخي اسڪول ۾ انڊومينٽ فنڊ طرفان شڪارپور جون تاريخي عمارتون بچايو سيمينار ۽ شاگردن شاگردياڻين ۽ شهرين طرفان ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، اشتياق انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ قديم عمارتن جي بچاءَ ۽ سجاڳي لاءِ هڪ زبردست ريلي منعقد ڪئي وئي، ان قديم عمارتن جو قدر ڪندڙن لاءِ روشن اميدن جا امڪان پيدا ڪيا آهن، ان کانسواءِ ساڳئي ڏينهن تي شام جو شڪارپور پريس ڪب ۽ شڪارپور بچايو طرفان ڪلب ۾ شهر جي هيري راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند جي ۷۰ هين ورسي ملهائي ۽ ڏيئا ٻاري انتهائي گهڻي حد تائين پنهنجي سجاڳي ۽ شهر جي بچاءَ ۽ قديم تاريخ سان محبت جو اميدن ڀريوپيغام پکيڙيو، انهن ٻنهي پروگرامن ۾ شهر جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امتياز شيخ به اميد ڀريون ڳالهيون ۽ واعدا ڪيا، جنهن مان هاڻي سٺي اميد رکجي ٿي ته هو ماضي ۾ شهر سان ٿيل زيادتين جي ازالي لاءِ سجاڳ شهرين سان هٿ هٿ ۾ ملائي هلندو ۽ سول استال روڊ جو نالو به راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند جي نالي سان منسوب ڪرڻ سان گڏ باقي بچيل قديم عمارتن، حويلين، ماڙين، مسجدن، مندرن ۽ ٻين شين جي مالڪي ڪئي ويندي ۽ انهن تان قبضا ختم ڪرڻ سان گڏ انهن جي عارضي مالڪن کان انهن کي خريد ڪري بچايو ويندو. سيمينار ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر به سٺيون ڳالهيون ته ڪيون پر ان شهر ۾ ۱۰۲ جي ٺهيل ۽ ثابت بيٺل عمارت جي ڊهڻ جو اڃا به ڪو نوٽيس نه ورتو آهي. بهرحال شڪارپور شهر جي باقي بچيل سونهن کي بچائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي کي فعال ڪرڻ گهرجي.
سنڌي ادبي سنگت، پريس ڪلب، اجرڪ ڪلب جي ميمبرن سميت سمورين سياسي ۽ سماجي تنظيمن، شاگردن، شاگردياڻين، نوجوانن، ٻڍن، ٻارن هر هڪ کي شهر جي سونهن کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ سنڌ حڪومت ۽ هن ضلعي ۽ شهر جي اسيمبلي ميمبرن مٿان پڻ دٻاءُ وڌو وڃي ۽ اوقاف کاتي سميت هر ان اداري ۽ شخص کان شڪارپور جي تاريخي خوبصورت عمارتن جي قتل، زخمن ۽ وڪري جو حساب وٺڻ لاءِ وڏي ڪورٽ جو به در کڙڪائڻ گهرجي، شهر ۾ مندر ۽ حويليون ۽ عمارتون جيڪي تاريخي عمارتن جي عزت ۽ بچاءَ کان بي نياز ماڻهن جي حوالي ٿي ويون آهن، اهي جيڪي اتي ڀڃ ڊاهه ڪري رهيا آهن، انهن جا ڪم روڪرايا وڇن ۽ انهن تاريخي عمارتن کي حڪومت جي تحويل ۾ ورتو وڃي، ڍڪ بازار ۽ بوهي جي قبن سميت جي ڪم جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهي ڪم تاريخي جاين جي مرمت جي قانون ۽ قاعدن مطابق ٿيا آهن يا نه ۽ انهن جي تازو بورڊ تي لکيل تاريخ به واقعي ڪيتري درست آهي يا نه ۽ خود شهرين ۾ به قديم عمارتن جي بچاءَ ۽ تحفظ لاءِ سجاڳي  ۽ مالڪي پيدا ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ سان گڏجي هڪ سجاڳي جي مهم هلائڻ لاءِ پمفليٽ، اشتهار ورهائي، پڙها ڏياريا وڃن ۽ شهر جي ڪيبل تي اعلان هلايا وڃن ۽ سنڌ جو ثقافت کاتو شڪارپور جي ناياب قديم عمارت جي بچاءِ لاءِ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ يا ان قسم جي ٻين ادارن سان هڪ معاهدو ڪري ڇوته سنڌ حڪومت وٽ شايد قديم عمارت جي بحالي ۽ مرمت لاءِ خاص تربيت ورتل ڪاريگر، مزدور ۽ ٺيڪيدار نه آهن، بوهي جي قبن جو ڪم ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ شاهه بهارو جي مقبري، شڪارپور جي کوسا حويلي جي ڪم کي ڏسي اهو سبق ورتو وڃي ته قديم تايخي عمارتن جي بحالي جو ڪم ڪيترو ماهراڻو آهي، ڇو ته اهو ڪم سونارڪي ڪم کان به وڌيڪ ڏکيو آهي.
بهرحال شڪارپور جي قديم تاريخ ۽ تاريخي عمارتن جو بچاءُ ۽ انهن جي بحالي لاءِ هر ماڻهو ۽ اداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ان جي باقي بچيل عمارتن سان لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ جي سامهون موجود ۱۹۰۲ جي عمارت واري حالت ٿيندي جنهن کي ڊاهي اتي ڪورٽ جي اسٽاف جا گهر ٺاهيا پيا وڃن، ڇو ته لاڙڪاڻو ڄڻ سجاڳ شهرين ۽ سول سوسائٽي ۽ قديم تاريخي عمارتن جي اهميت ۽ محبت کان محروم شهرين جو شهر آهي، شڪارپور وارا گهٽ ۾ گهٽ لاڙڪاڻي جي شهرين جهڙا ته نه ٿين ان لاءِ راءِ بهادر اوڌوداس تارا چند جو مجسمو هڪ دم وٺي واپس ان جي اسپتال ۾ ان ئي هنڌ لڳايو وڃي جتان دهشتگردن ان کي هٽايو هو ۽ ائين شڪارپور جي قديم تايخ جي نئين سر مالڪي ۽ بچاءَ جي جنگ جو آغاز ڪيو وڃي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]