شيخ جاڙيو جو ٽڪر
ذاڪر حسين کٽي
سنڌ
صوفين، درويشن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، سنڌ جي هر هڪ شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن صوفي بزرگ جي
مزار ضرور آهي، جنهن تي سدائين ميلا متل هوندا آهن، جنهن لاءِ حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رحه به فرمايو آهي ته:
ساري رات
سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
انهن
جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين
ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي (شاهه)
چوندا
آهن ته:
”مڪلي، ننگر
ٺٽو ۽ پير پٺو، جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجهه نه ڏٺو.“
مڪلي
سنڌ جو اهو تاريخي ۽ روحاني ماڳ آهي، جنهن کي ايشيا جو سڀ کان وڏو قبرستان چوندا
آهن. سنڌ جو دارالخلافه رهندڙ تاريخي شهر ٺٽي جي ڀرسان مڪليءَ جي ٽڪري هاڙهي جبل ۽
پٻ جبل جي هڪ شاخ آهي، جنهن تي سڀ کان وڌيڪ درويشن ۽ بزرگن جون مزارون آهن، انهن
کان علاوه مڪليءَ جي وڇڙيل حصن پير پٺو جي ٽڪري ۽ شيخ جاڙيو عرف پير جهاڙ جون
ٽڪريون پڻ مشهور آهن، جن تي سنڌ جي ناليوارن بزرگن جون مزارون آهن ۽ انهن جو
روحاني منظر ڏسڻ وٽان آهي.
اڄ
اسان جنهن ٽڪريءَ جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، اها آهي پير جهاڙ جي ٽڪري ۽ سخي شاهه
حسين سلطان رحه جي مزار. هيءَ مزار غلام الله روڊ آرمي پبلڪ اسڪول ٺٽو کان اولهه
طرف پير جهاڙ جي ٽڪريءَ تي واقع آهي. هن مزار تي پهچڻ لاءِ ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ
نيشنل هاءِ وي لڳ بس اسٽاپ سورا موري کان پڻ پڪو رستو مزار طرف وڃي ٿو. واٽ تي
پالارين ۽ جوکين جا ڳوٺ اچن ٿا.
هن
مزار تي وڃڻ ۽ ڏسڻ جو اشتياق ڪافي عرصي کان هو، هڪ دفعي منهنجي پياري دوست خان
صاحب وڪيو خان ميرجت اسسٽنٽ مختيارڪار ٺٽو چيو ته هر چوڏهينءَ جي رات شاهه حسين
سلطان رحه تي صوفياڻي ڪچهري ٿيندي آهي، اها ضرور ڏسجو. قسمت سان هڪ دفعي ٺٽي ۾ ئي
موجود هئس ۽ اها چوڏهين جي رات هئي. منهنجي هڪ ٻئي مهربان دوست محمد اسماعيل سرڪي
چيو ته ”جيڪڏهن توهان وٽ ٽائيم هجي ته شاهه حسين رحه جي زيارت ڪري اچون.“ مون کي
خان صاحب وڪيو خان ميرجت واري ڳالهه ذهن تي تري آئي، هڪدم ها ڪيم، پوءِ اسان شاهه
حسين رحه جي زيارت لاءِ غلام الله روڊ ۽ آرمي پبلڪ اسڪول ٺٽو، جوکين جا ڳوٺ ۽ سم
نالي کي ڪراس ڪري شاهه حسين رحه جي مزار ۽ پير جهاڙ جي ٽڪريءَ تي پهچي وياسين،
اسان سان ساٿ ۾ محمد موسيٰ گندورو پڻ شامل هو.
پير
جهاڙ جي ٽڪري ڪافي اوچائي تي هئي، ڪافي مفاصلي تي اسان جي ڪار جبل جي ٽڪريءَ تي
چڙهي، جنهن بعد ڪار مان لهي هڪ عاليشان ڏاڪڻ وسيلي اسان سخي شاهه حسين سلطان جي
مزار تي پهتاسين، جتي مدينه مسجد وٽ درگاهه جي خليفي فقير ناٿو هنڱورجو ۽ سندس
ساٿين اسان جو استقبال ڪيو. درگاهه حضرت سخي شاهه حسين سلطان رحه جي روحاني مزار
تي زيارت ڪري اسان درگاهه تي ٺهيل هڪ مالهاريءَ ۾ آياسين، جتي چوڏهين جي رات واري
صوفياڻي محفل جو اهتمام ٿيل هو، سڀ کان پهرين اسان کي ننگر کارايو ويو، جنهن بعد
صوفياڻي سنگ جي صورت ۾ درگاهه تي چادر شريف چاڙهڻ جي رسم ادا ڪئي ويئي، دعا کان اڳ
درگاهه جي احاطي ۾ لطيفي ذڪر پڻ ڪيو ويو. هيءَ دعا، ذڪر ۽ چوڏهين جي صوفياڻي راڳ
جي محفل رات ۴ وڳي تائين جاري رهي. صوفياڻي
راڳ جي محفل ۾ مقامي صوفي فقيرن محمد صديق ۽ سندس ساٿين حصو ورتو. جڏهن صوفياڻي
راڳ جي محفل شروع ٿي ته سمورن فقيرن تي وجد طاري ٿي ويو. مستيءَ ۾ جهومي ۽ نچي
رهيا هئا، اسان تي پڻ مستيءَ واري حالت طاري ٿي ويئي.
درگاهه
سخي شاهه حسين سلطان رحه تي هر چوڏهينءَ جي رات واري محفل گذريل ڏهن سالن کان حاجن
فقير ميرجت جي ڪوششن سان لڳندي آهي، درگاهه جو ساليانو ميلو ربيع الاول جي پهرين
سومر جي رات ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ درگاهه جو خاص ننگر ڳڙ ڀت پڻ کارايو ويندو
آهي. درگاهه سخي شاهه حسين سلطان رحه جي مزار شيخ جاڙيو جي ٽڪر تي پراڻي دور کان
موجود آهي. تاريخ تحفته الاڪرام ۾ هن بزرگ جو احوال هن ريت ڏنل آهي ته: ”شيخ جاڙيو
جي مزار شيخ جاڙي جو ٽڪر نالي سڏجي ٿي، سندس قبر تي سيد حسين سلطان جاڙيو بن امام
سيد ابو احمد بن عبدالله ائبر، بن امام ابو صالح موسيٰ بن امام ابي عبدالله ۷ رجب ۷۷۷ هجري
تي رحلت لکيل آهي.
چون ٿا
ته هي بزرگ ڪنوارو وفات ڪري ويو ۽ هن جي شادي ٿيل ڪو نه هئي. شيخ جاڙي جي ٽڪر تي
شروع ۾ فقط قديم مسجد ٺهيل هئي، جنهن بعد هن بزرگ جي مزار تي بنا قبي فقط هڪ
چبوتري ۾ موجود هئي ۽ هن سان گڏ پنهنجي دوستن جون مزارون پڻ آهن، جيڪي هتي قافلي
جي صورت ۾ آيل هئا. حضرت سخي شاهه حسين سلطان رحه سان گڏ پيرانديءَ ۾ سندس دوست
شاهه مراد ويراب وارو رکيل آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو سندس خليفو چوندا آهن. ٿورو
ڏکڻ طرف سخي شاهه حسين سلطان رحه جي بيٺڪ، چلي واري جاءِ، قدم مبارڪ ۽ علم پاڪ پڻ
آهي، اتي ئي ٻن ڀائرن سيد مهر علي شاهه ۽ سندس ڀاءُ جي تربت آهي، جيڪي پڻ شاهه
حسين سلطان رحه جا ساٿي هئا. پير جهاڙي واري ٽڪريءَ جو پٿر پڻ انوکي قسم جو آهي.
تمام لسو ۽ گرونائيٽ قسم جو آهي. اهڙو پٿر فقط ڪارونجهر جبل تي ئي پسجي سگهي ٿو.
پير جهاڙ جي ٽڪري هيٺان اولهه طرف هڪ عاليشان قبرستان آهي، ٽڪريءَ جي اوڀر طرف سخي
شاهه حسين سلطان جو وٿاڻ هوندو هو، جنهن ۾ مينهون هونديون هيون، ڪن جو چوڻ آهي ته
سائين جون ٻڪريون هونديون هيون.
درگاهه
جي ٽڪريءَ ڀرسان درگاهه جي خليفن هنڱورجن جا گهر هوندا هئا، جيڪي پوءِ ۱۹۶۰ع کانپوءِ يونين ڪائونسل گجو تعلقو ميرپور ساڪرو لڏي ويا. خليفا روزانو
درگاهه تي ايندا آهن ۽ خدمت چاڪري ڪندا آهن. درگاهه جا هنڱورجا خليفه پنهنجي ابن
ڏاڏن کان وٺي خدمت ڪندا پيا اچن. درگاهه تي اڳ هڪ ماکيءَ جي ماناري وانگر هڪ پٿر
ٺهيل رکيل هوندو هو، جنهن لاءِ چون ٿا ته سائين جو ماکيءَ سان پيار هو، جنهن جي
نشاني طور هو مٿي ڏنل معلومات درگاهه تي موجود بزرگن نور محمد هنڱورجو، شفيع محمد
هنڱورجو ۽ خدمتگار امام بخش شورو کان ملي.
Comments
Post a Comment