Skip to main content

برھمڻ آباد - فدا حسين ڪٻر


برھمڻ آباد 
تاريخ ۾ ھڪ نئون انڪشاف!
فدا حسين ڪٻر
برھمڻ آباد جا ھي آثار عيسوي دور کان لڳ ڀڳ پنج سئو ورھيه اڳ جي دور جا آھن. ھن آثارن جو وجود حضرت عيسي عليه السلام کان به پنج سو ورھيه پھريان جو آھي. ھي قديم آثار جنھن جو نالو ماضي ۾ “ٻانڀڙا” به ڪوٺيو ويندو ھُيو ۽ ‘بھمن آباد’ يا ‘بھمنيه’ به ڪوٺيو ويندو ھُيو. انھن لفظن جي اُچار مان محسوس ٿئي ٿو ته مختلف وقتن ۾ مختلف موقومن جا برھمڻ آباد تي قبضا ھُيا، جيڪي پنھنجي پنھنجي زبان ۾ برھمڻ آباد لفظ کي اُچارڻ جي ڪوشش ڪندا ھُيا، جيئن جيڪڏھن اسان لفظ “بھمنيه” کي اچارڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته ائين محسوس ٿيندو ته ان قوم جي ڳالھائڻ جو لھجو ٻاتڪڪو ھُوندو ھُيو. برحال ان ڳالھ جو ڪو تاريخ ۾ واضح ثبوت نٿو ملي آئون پنھنجي ذھانت جي علم مطابق اُھا ڳالھه پيو ڪيان. محققن جي اڳيان اُھو سوال پيو ڇڏيان ته ان ڳالھه تي به سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آھي!


ھي شھر پراڻي سنڌو درياھ يا ھاڪڙي درياھ جي ڪناري تي تعمير ٿيل ھُيو ۽ اڄ ڏينھن تائين به برھمڻ آباد جي اتر-اوڀر طرف پاڻي جا وڏا آثار موجود آھن، جيڪي ھاڪڙي درياھ جا ئي موجود نشاني آھن، جنھن جو وھڪرو ان دور ۾ اتان ھُوندو ھُيو، ساڳئي ھاڪڙي درياهه جا آثار اسان کي ڳوٺ باگوودادڻي جي لڳو لڳ ڪمال ٻُرڙو ۾ ڍوري جي صورت ۾ ملندا ۽ ٽنڊو آدم روڊ تي به ڍنڍ جي صورت ۾ ملندا جيڪي درحقيقت ھاڪڙي درياھ جا ئي نشان آھن.
غالبن ھي شھر ايران جي بادشاھ ‘بھمن اردشير’ جي حڪم سان تعمير ڪيو ويو ھُيو. عربن جي دور ۾ ھن شھر جو نالو منصوره به ڪوٺيو ويندو ھُيو، جيڪو شھر ملتان جي شھر کان به وڏو ۽ خُوشحال ھُوندو ھُيو، پر محمود غزنوي جي ڪاھُن کان پو۽ منصوره جو نالو فنا ٿي ويو.
برھمڻ آباد جي تاريخ جي اصل حقيقت ۽ برھمڻ آباد جي تباھي جا اصلي ڪارڻ اڄ ڏينھن تائين دريافت نه ٿي سگھيا آھن! مختلف ماڻُھن پاران مختلف ڪھاڻيون پيش ڪيون ويون آھن. ڪنھن جي راءِ آهي ته ڪنھن ھندو راجا جي ھٿان بيبي سڳوري جي لڄالٽ سبب ھي شھر زلزلي سبب ناس ٿي ويو، پر آئون نٿو سمجھان ته برھمڻ آباد جي تباھي جو ڪو اھيو منتقي جواب آھي.  ۱۹۲۰ - ۱۹۲۲ جي وچ ۾ ھن دڙي جي کوٽائي ڪئي وئي ھُئي، جنھن کان پو۽ نتيجو پڌرو ڪيو ويو ته شھدادپور شھر کان اوڀر-ڏکڻ طرف جمڙائو جي لڳو لڳ موجود ھي آثار برھمڻ آباد عربي شھر منصوره جا آھن، پر ان کان پھريان به تحقيقدانن جون را۽ اڃان به مختلف ھُيون. تاريخ مان ثبوت ملن ٿا ته برھمڻ آباد جو ھي شھر چار ميلن جي ايراضي تي محققن جا رايا پکڙيل هيا، جتي جي بتخانن ۾ ٻُڌ جو ‘نووھار’ جو مشھُور بت به رکيل ھُيو، جيئن بابل جي ھيڪل جا پروھت وڏا نجومي ۽ ستارا شناس ھُئا. ساڳئي ريت برھمڻ آباد جا پنڊت به وڏا جوتشي ھُوندا ھُيا. جنھن جوتشن چچ جھڙي ڪٽر برھمڻ کي به پنھنجي اڳيان جھُڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڇو ته چچ ٻُڌ مذھب جو ڪٽر پيروڪار ھُيو ته ھندو ريتن ۽ رسمن کي ايتري آساني سان ڪيئن قبولي ھا. ان ڳالھه مان اھا ڳالھه به ثابت ٿي آھي ته برھمڻ آباد جي دور جا ماڻھُو ڪاري علم ۽ علم نجوم جا به ماھر ھُوندا ھُئا.
برھمڻ آباد گھراڻي جي راجائن برھمڻ آباد تي پورا اسي سال حڪومت ڪئي، جنھن ۾ ڇھن راجائن مختلف وقتن ۾ تخت گاھ سنڀاليا ھُئا. راجا چچ سن ۶۳۲ع کان سن۶۶۶ع تان حڪومت ڪئي، راجا چندر سن۶۶۶ع کان سن۶۶۹ع تائين تخت جو واڳون سنڀاليون، راجا ڌارج سن۶۶۹ع کان سن۶۷۰ع تائين تخت سنڀاليو، راجا ڏھر سن۶۷۰ع کان سن۷۰۰ع تائين تخت جي مرمت ڪئي، جنھن کان پوءِ راجا ڏھر سياهه سن۷۰۰ع کان سن۷۱۲ع تائين تخت نشين رھيو، جنھن کان پو۽ راجا ڏاھر ۷۱۲ع کان تخت سنڀالڻ شروع ڪيو. سنڌ جي تاريخ جي بھترين ۽ تاريخي ڪتاب “جنت السنڌ” مان حوالا ملن ٿا ته برھمڻ آباد ان دور ۾ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شھر ھُيو، جتان جو قلعو ھندستان جي مضبوط قلعن مان ھڪ ھُيو، جنھن قلعي کي چار وڏا دروازا ھُوندا ھُيا. ۱- جر ٻيڙي ۲- ھاستيا ۳- منھڙو ۴- سالباهه، جن دروازن تي ھر وقت مضبوط ۽ بھادر سپاھي بيھاريا ويندا ھُئا. ته جيئن دشمن جي ڪا به چال برھمڻن کي نقصان نه پھچائي سگھي پر وقت اچڻ تي محمد بن قاسم  برھمڻ پاران جنگ دوران قلعا پٽي ڇڏيا ھُئا. برحال برھمڻ آباد جي تاريخ سمنڊ جيان اونھي آھي، جيڪا ايتري آساني سان کُٽڻ واري به ناھي ۽ نه ئي وري ڪنھن حاصل مقصد ۽ نتيجي تي پُھچڻ واري آھي،
برھمڻ آباد جون ھي حقيقتون ڪيتري حد تائين سچيون آھي اُھو به ھڪ سوال آھي. بهرحال ڪجهھ عرصو پھريان پنھنجي پياري دوست اسد الله پنجارو سان گڏ برھمڻ آباد تي تحقيق لاءِ پُهتس، جتي تحقيق دوران مون برھمڻ آباد جي تاريخ ۾ ھڪ نئون انڪشاف ڪيو. برھمڻ آباد جي ھنن آثارن ۾ جيڪڏھن اسان غور سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته ھڪ مدرسي جا آثار ملندا جنھن جي ڊيگهه ۽ ويڪر گھٽ ۾ گھٽ، اڄڪلھه جي دور ۾ ڏھن ڪمرن جيتري ھُوندي، ان مدرسي کي چوطرف مضبوط ڪوٽ آيل ھُيو، مدرسي جي سطح شھر کان مٿي رکيل ھُئي، ڇو ته مدرسي اندر داخل ٿيڻ لا۽ ھڪ وڏي ست فٽ جي چاڙھي پڻ ٺھيل ھُئي، جيڪا اڄ ڏينھن تائين موجود آھي. مدرسي سان گڏوگڏ ھڪ مسجد به موجود آھي، جنھن جي مهراب جا نشان اڄ ڏينھن تائين موجود آھن. مدرسي جي بلڪل ڏکڻ طرف اسان کي ڪجھه ڪمرن جا نشان ملندا، جتي ان مدرسي ۾ پڙھندڙن جي لاءِ رھائش جو بندوبست ٿيل ھُوندو ھُيو، ھڪ قسم جو ھاسٽل ٺھيل ھُوندو ھُيو، جتان پري پري جا ماڻُھو تعليم پرائڻ ايندا ھُيا. ڇو ته برھمڻ آباد ان دور جو وڏي مان وڏو شھر ھُوندو ھُيو. ھاسٽل جي بلڪل لڳو لڳ ان دور جو وڏو شاھڪار دريافت ڪيو ويو آھي ته ان دور ۾ به جڳھن جو تعميراتي ڪم وارو فن به عروج تي پُھتل ھُيو، جنھن جي ڪجھه تعمير ڪيل شيون اسان کي اچرج ۾ وجھي ڇڏين ٿيون، اسان جي ڪيل دريافت جي مطابق مدرسي ۽ ھاسٽل جي وچ ۾ سوئمنگ پول جا به نشان مليا آھن، جنھن سوئمنگ پول جي وچ ۾ ٽي کوھ نموني گول سرڪلز ٺاھيا ويا ھُئا، جيڪي ان سوئمنگ پول جي خوبصورتي جو وڏو شاھڪار آھن، جن جا نشان اڄ ڏينھن تائين موجود آھن. مدرسي جي اولهھ طرف دڙي تي چڙھي جيڪڏھن نظر ڦيرائبي ته اندازو ٿي ويندو ته شھر مختلف بازارن ۾ ورھايل ھُيو، جتان جا روڊ رستا پڪا ٺھيل ھُيا. شھر ميپ انفراسٽرڪچر جي مطابق قديم ھُوشيار، ذھين، ڪاريگرن ۽ چالاڪ ماھرن پاران تعمير ڪيو ويو ھُيو.
برھمڻ آباد جي تاريخ سنڌ جي لاءِ اعليٰ مثال آھي، جتي ان دور جي ڪاريگري به اسان سنڌين لا۽ فخر جي ڳالھه آھي. اسان جي آرڪيالاجسٽ کاتي، سنڌ حڪومت ۽ خاص طور تي ميڊيا کي سنڌ جي قديم ماڳن جي حفاظت ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ گُھرجي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]