Skip to main content

بڪيرا شريف - خادم سبحان ڏاڏاھي


خادم سبحان ڏاڏاھي
Image result for history of bukera sharifهن ڌرتيءَ تي انسان ذات جي اچي آباد ٿيڻ جِي تاريخ حضرت آدمؑ ۽ امان حوا جن جي هتي قدم رکڻ کان پوءِ شروع ٿي. حضرت آدمؑ ۽ امان حواؑ ملي هن زمين تي زندگي جي ابتدا ڪئي ۽ اها ئي هن ڌرتيءَ تي انسان ذات جي ابتدا هئي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن فردن ۾ اضافو ٿيندو ويو جيڪو اضافو هڪ کان وڌيڪَ ڪٽنبن جو باعث بنيو ۽ اهي ڪنٽبَ جهنگلن پهاڙن ۽ غارن ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳا جيئن ئي زندگي جو قافلو اڳتي هليو تيئن انسانن کي هڪٻئي جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي ته جيئن هو خطرناڪ جهنگلي جانورن ۽ ٻين قدرتي آفتن کي گڏجي منهن ڏئي سگهن.


يا پنهنجي زندگي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوشش ڪري سگهن آهسته آهسته گهڻا گهڻا ڪٽنب الڳ الڳ هنڌن تي ڪٺا رهڻ لڳا اهڙي طرح هن ڪرءِ عرض تي ڳوٺن جنم ورتو،.۽ پوءِ ڳوٺن مان شهر ،شهرن مان ملڪ جڙي راس ٿيا .دنيا کي ڇڏي فقط سنڌ قيام پاڪستان وقت اٺن ضلعن سٺ تعلقن ۾ ورهايل هئي منجهس ٽيھ ۳۰ وڏا شهر، ۵۰۰۰ پنج هزار ڳوٺَ ،۲۰۰۰۰ ويھ هزار ننڍا ڳوٺَ آباد هئا
جيڪي وڏا شهر يا ڳوٺ آباد هئا تن جي به يقينن ڪراچي جيان ڪنهن هڪ گهر يا ڳوٺڙي کان ابتدا ٿي هوندي. جيجل سنڌ جي پوري سر زمين بيشڪ ڀلاري آهي پر سندس ڪجه ڳوٺَ يا شهر پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن خاص وجه جي ڪري ٻين کان وڌيڪ معتبر آهن. جيئن ڀٽائي جي ننگري ڀٽِ شاھ لاءِ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو مُقبرو سندس عظيم هجڻ جو دليل بنيل آهي. اهي خوش قسمت علائقا، ڳوٺ يا شهر آهن جن کي شاھ لطيف رح، سچل سائين يا شاھ عنايت شهيد جهڙن اعلى انسانن جي ڪري عزت ۽ شهرت ملي پر سنڌ ڌرتيءَ جا ڪيترا ئي ماڳ۽ مڪان اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي سيني ۾ لطيفَ جهڙا لعل لڪايو ڪنهن ڪنڊَ ۾ تاريخ جي اکين کان لڪا پيا آهن. خبر ناهي ته ڇو تاريخ ۾ انهن جو ذڪر نه آهي يا نه هجڻ جي برابر آهي؟؟؟.
اهڙي ئي هڪ برڪت ڀري درويشن،ابدالن ۽ اوليائن جي ڀلاري ڀونءِ ڳوٺ بڪيرا شريف پڻ آهي جنهن جو سينو ڪيترن ئي خدا جي پيارن پهتل انسانن جي آخري آرامگاهن سان سينگاريل آهي.
بڪيرا شريف تعلقي ٽنڊي الهيار جي يونين ڪائونسل بڪيرا شريف جو سڀ کان وڏو شهر آهي جيڪو شهر ٽنڊو الھيار کان ڏکڻ طرف شيخ ڀرڪيو ڏانهن ويندڙ روڊ تي ۹ نوَ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهي
بڪيرا شريف سنڌ جي انهن چند شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪي مٿي ڪنهن دڙي يا مٿاهين جاءِ تي قائم آهن هي شهر تقريبن ۳۰ کان ۳۵ فوٽ مٿي دڙي تي آهي شهر جي سڀ نه پر ڪافي آبادي مٿي دڙي تي رهي ٿي .تاريخ جي ڪتابن ۾ هن قديم دڙي بابت ڪا مستند روايت نٿي ملي ته هن جي حقيقت ڇا آهي؟ هي ڪنهن قدرتي آفت اچڻ سبب ڪو تباھ ٿيل شهر آهي ڪنهن حڪمران جنگي حڪمت عملي جي پيش نظر هٿ سان جوڙايو آهي يا دريا جو ڪو ٻيٽ يا بُڪ يا بُڪي وغيره آهي. هن تي تحقيق جي ضرورت آهي.
مون پنهنجي مهربان استاد ۽ علمي ۽ ادبي شخصيت سائين ولي محمد طاهرزادي کان جڏهن معلوم ڪيو هو ته سائين جن ٻڌايو هو ته هي دڙو جنگي حڪمت عملي جو نتيجو آهي اڳئين زماني ۾ جڏهن ڪو دشمن حملو ڪندو هو ته ان حملي جي ڄاڻ اڳتي بادشاھ تائين پهچائڻ جو هي دڙا بهترين ذريعو هوندا هئا جيڪي هو ڪجه مقرر مفاصلي تي ٺاهيندا هئا ڪندا هينئن هئا ته هو انهن دڙن تي ڪاٺين جا وڏا ڍير ڪري رکندا هئا جڏهن ڪٿان ڪنهن حملي جو خطرو نظر ايندو هو ته اتي مقرر فوجي گڏ ٿيل ڪاٺين کي باھ ڏئي ڇڏيندا هئا ان جي روشني ڏسي اڳئين دڙي وارو اتي باھ ڏيندو هو اهڙي طرح اهو پيغام پوري ملڪ ۾ پهچي ويندو هو .ڪجه ماڻهن جو خيال آهي ته هي غرق ٿيل ڪو پراڻو شهر آهي. جو مٿي گهر تعمير ڪرڻ دوران اهڙيون شيون به نڪرن ٿيون جيئن هڏيون، ٺڪر اڱر ۽ پڪيون سرون پراڻا سڪا وغيره.
هنن ڳالهين تي غور ڪرڻ سان چئي سگهجي ٿو ٿه هي دڙوممڪن آهي جنگي حڪمت عملي جي ڪري جوڙايو ويو هجي جو دڙي جي پاسي کان ئي ٽي وڏيون کڏون موجود آهن ٿي سگهي ٿو ته اتان مٽي ڪڍي دڙو ٺاهيو ويو هجي ۽ اڱرن جو نڪرڻ به ان طرف ڌيان ڇڪائي ٿو .
ممڪن آهي ته دفن ٿيل شهر هجي جو ان مان نڪرندڙ شيون ان تي به سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون
بڪيرا شريف سان تعلق رکندڙ صدارتي ايوارڊ يافته مشهور ڪارٽونسٽ ۽ رائيٽر سيد مراد علي شاھ بڪيرائي به پنهنجي ماهوار رسالي (ڪوشش) ۾ به اهي ئي ڳالهيون لکي ٿو .
ممڪن آهي هي دريا جو ٻيٽ هجي جو نصرپور هتان کان گهڻو پري نه آهي ۽ دريا هٿان کان به ٿيندو گذرندو هجي يا موڙ کائيندو هجي جنهن ڪري اتي رهندڙ ماڻهن مهاڻن کي بُڪَ وارا يا بُڪي ورا مهاڻا ڪري ڪوٺيو ويو هجي جيڪو اڳتي هلي بڪيرا ٿي ويو هجي . جيڪا ذات اڄ به بڪيرا شريف ۾ موجود آهي
اهڙي طرح هن ڳوٺ جو نالو بڪيرا ۽ پوءِ درويشن جي هتي اچي آباد ٿيڻ سان هن جو مڪمل نالو بڪيرا شريف ٿيو.
مگر مون جنهن به بڪيرا قوم جي ماڻهو کان پڇيو آهي ته ان هن ڳالھ کان انڪار ڪيو آهي ته هو بڪي وارا کان بڪيرا ٿيا آهن بلڙي شاھ ڪريم ۾ رهندڙ هڪ دوست واٽس ائپ تي رابطو ڪر ٻڌايو ته هو منهنجو جو بابا چوندو هو ته پاڻ ٻاهران آيل آهيون ۽ سيوهڻ جي ويجهو رهندڙ دوست ٻڌايو ته اسان اصل هتي جا آهيون ۽ هتي (بڪيرا) نالي ڳوٺ ۾ رهون ٿا اسان جو بڪيرا شريف سان ڪو تعلق ناهي اها منهنجي لاءِ به نئين ڳالھ هئي ته بڪيرا نالي ٻيو به ڪو ڳوٺ آهي جنهن ۾ بڪيرا قوم جا ڪافي سارا گهر رهن ٿا. انکان علاوه سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ بڪيرا رهن ٿا جن سان رابطي جي ڪوشش جاري آهي ان کان علاوه اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڀارت جي راجستان واري علائقي ۾ به بڪيرا رهن ٿا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهي ڇا ٿا چون جيڪڏهن انهن جو به هن بڪيرا شريف سان ڪو تعلق نه نڪتو ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته ان ڳالھ ۾ ڪا صداقت ناهي ته بڪيرا پهرين ملاح هئا ۽ اهي بڪي وارا مان ڦري بڪيرا ٿيا آهن. ان تي تحقيق جي ضرورت آهي، جيڪا آئون پنهنجي حساب سان ڪريان پيو. اميد ته ڪنهن نتيجي تي ضرور پهچبو.

Comments

  1. مھرباني
    دوستو بڪيرا شريف جي تاريخ تي منھنجي تحقيق اڃا ھلندڙ آھي. في الحال بڪيرا شريف جي تاريخ تي منھنجون لکيل پنج قسطون فيس بوڪ تي پڙھي سگھو ٿا.

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]