Skip to main content

اروڙ - خالد ٻانڀڻ


اروڙ
جنھن سان منهنجو عشق آهي
خالد ٻانڀڻ
اروڙ سنڌ جي تاريخ جي قدامت جو نالو آهي، 1100 ق، م ۾ ڏس ملي ٿو، هندن جي رامائڻ جي هيرو سري راجا رامچندر ۽ سورج ونشي ڪل جي راجا بليڪان جي پٽن اروڙ جو بنياد رکيو. اروڙ نالن جي حوالي سان تاريخ جي ڪتابن ۾ تضادن جو شڪار رهيو، اروڙ جو پهريون نالو پٽولا معنيٰ ٽڪري تي مندر وارو بندر ملي ٿو، جڏهن ته ٻيو نالو وچوا پورا يعني وچولو شهر آهي. ايم جولين جي سنسڪرت ۾ ڏس ملي ٿو ته هوئن شانگ اروڙ جو نالو پٺيان پو پولو آهي، وري جڏهن قديم هندستان ڪتاب جا ورق کولجن ٿا ته اتي هن تاريخي شهر جا اروڙ پورا، روڙ نگرا، نالا ڄاڻايا آهن، وري هيڏانهن عربن جي حڪمراني واري دور تي نظر ڦيرائجي ٿي ته انهن هن کي رور لکيو آهي. سمورن تاريخي نالن جي معنيٰ وڃي ساڳي نڪري ٿي. تاريخ ۾ اچي ٿو ته اروڙ ۾ ٻڌن جو هڪ شاندار مندر هوندو هو. هي شهر تاريخي شهر ملتان جيڏو وڏو شهر هيو، هتان ڪابل قندار، ڪشمير، ملتان، چين، پنجاب سان ٻيڙين ذريعي ڪاروبار ٿيندو هو، هن تاريخي شهر ۾ منڊو ديرو سان مشابهت رکندڙ ڪاٺ جون ماڙيون جام هونديون هيون، جيڪي هاڻي نظر ڪو نه ٿيون اچن، يا ته وقت سان گڏ دفن ٿي ويون يا وري انهن کي مسمار ڪري اتي نوان گهر اڏيا ويا. اروڙ جي الهندي طرف کان مهراڻ درياهه اڀرندي پاسي کان هاڪڙو درياهه وهندا هيا، پاڻي جا حوض، واهه، نخلستان باغ جهجهي انداز ۾ هوندا هئا، سن 700ع ۾ راجا ڏاهر اروڙ جي تخت تي ويٺو، سن 943ع ۾ ابن هوقل سنڌ جو پهريون نقشو ٺاهيو، جيڪو تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو، ان ئي هن تاريخي تخت گاهه جو الرو مان نالو تبديل ڪري اروڙ رکيو هو. بعد ۾ محمد بن قاسم اروڙ تي حملو ڪري هتي هڪ تاريخي مسجد جوڙائي، جنهن جا آخري نشان اڃا تائين موجود آهن. ان وقت جا سڪا پڻ هتان جي متولي وٽ پيل آهن، جن مان ڪجهه وڃي بچيا آهن، جيڪي هتي ايندڙ سياحن کي ڏيکاريا ويندا آهن.


هن تاريخي سنڌ جي گادي واري شهر جو راجا ڏاهر کان اڳ ۾ راجا دلوراءِ بادشاهه هوندو هيو. اروڙ مان درياهن جي بندرگاهن تان جهجهي ٽيڪس جي وصولي ٿيندي هئي. چون ٿا ته ان وصولي مان خزانو ڀرجي ويندو هيو. هتان جو چن جو پٿر، سون جون کاڻيون پڻ مشهور هيون. اروڙ جي درياهه تي ان وقت ٻه پهڻ جا پٿر پڻ ٻڌايا وڃن ٿا، جن تي بکر جي گورنر مير معصوم شاهه ڪتبا لکرايا هئا، جيڪي پڻ هاڻي ايئن غائب آهن، جيئن اروڙ جو تختگاهه غائب آهي، صرف ثقافت کاتي پاران لڳل تختي مان خبر پوي ٿي ته هي اروڙ جو تخت گاهه آهي، باقي سڄو ميسارجي مٽجي مٽي ۽ پٿرن جو ڍير ٿي ويو آهي. اروڙ جي قدامت ۽  حسناڪين کي شيخ اياز پڻ پنهنجي شاعري ۾ آندو آهي ته وري امر جليل اروڙ جو مست ڪهاڻي لکي هن تاريخي ماڳ کي سنڌ جي جديد ادب ۾ زندهه ڪري ڇڏيو آهي. اروڙ جي ڀڪ ۾ پراڻي ناري جي ڀرسان ٻن ڀينرن ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ جا مقبرا آهن، جن جي تاريخ گهڻي مبهم آهي.
اڄوڪي آرٽيڪل ۾ اروڙ سان عشق جو اظهار ڪرڻ جو منهنجو مقصد صرف هڪڙو ئي آهي ته هن تاريخي تخت گاهه جي چوڌاري پٿر جو ڪاروبار ڪندڙ ٽڪي کائي کپائي رهيا آهن، ڪير به پڇڻ وارو ناهي. اروڙ جي تاريخي ڪک ۾ هٿوڙا ڊائنامڪ سان کاٽ هنيا پيا وڃن. سون جي تعداد ۾ پٿرن جون ٽرڪون ڀري ڪروڙين روپين جو ڪاروبار ته ٿي رهيو آهي پر انهن پئسن مان هن سنڌ جي سهڻي ماڳ تي ٽڪو به خرچ ڪونه پيو ڪيو وڃي، جيڪو هاڻي پنهنجي سونهن سڃاڻپ جون آخري هڏڪيون ڀري رهيو آهي. ان کي بچائڻ وارو ڪير به اڳتي قدم ڪو نه پيو وڌائي اروڙ جي پهاڙن جو سلسلو ايڏو ته سهڻو ۽ پراڻو آهي جو اسان جڏهن اروڙ کان ڪجهه فاصلو اڳتي وڃون ٿا ته اڳيان نينهن جبل ڳاٽ اوچي سان ملي ٿو، جتي پريمي جوڙا پيار جا اچي پيچ لڙائن ٿا. هن حسناڪين واري ٽڪري تي اچي واعدا وچن ڪن ٿا، پنهنجي پيار کي نينهن جبل جهڙو طول ڏين ٿا، ڇو ته هن پهاڙي جو نالو نيهن جبل رکيو ئي ان جي ڪري ويو آهي ته هتي نينهن وارا گهڻا ايندا آهن. هتي ثقافتي ڏهاڙن ۾ کوڙ سارا پروگرام ٿيندا آهن، پر ڇا ڪنهن جي نظر اروڙ ۽ نينهن جبل تي ان نيت سان پئي آهي ته هي خوبصورت ماڳ ڪيڏي نه بيدرديءَ سان ختم ٿي رهيا آهن، لڳي ايئن ٿو ته اروڙ جو درد محسوس ڪرڻ لاءِ هتي ڪو به درد وارو ڪونه ٿو اچي، جيڪي اچن ٿا سڀ وقت پاس ڪرڻ ۽ فوٽو سيشن ڪرڻ وارا اچن ٿا، پر هن ماڳ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ڪير به ڪو نه ٿو دانهي. دل مان درد دونهين جيان هن قديمي شهر لاءِ نڪري رهيو آهي. اسان جيڪڏهن پنهنجي تاريخ کي وساري ميساري ڇڏينداسين ته تاريخ به اسان کي معاف ڪونه ڪندي، اسان به هڪ ڏينهن ايئن مِٽجي وينداسين. مِٽجڻ کان بچڻو آهي ته پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ لاءِ ڪجهه ڪريون ته جيئن ايندڙ نسلن کي خبر پئي ته سنڌ جي تاريخ ڪيڏي قديمي ۽ قدامت رکندڙ آهي. رڳو موهن جو دڙو ناهي بچائڻو پر اروڙ سميت سنڌ جا اهي سمورا ماڳ بچائڻا آهن، جيڪي هن وقت تباهيءَ جي ڪناري تي اچي بيٺا آهن. دعوائون ته کوڙ ساريون ٿين ٿيون پر ماڳن کي بچائڻ لاءِ انهن تي عمل ڪو نه ٿئي ٿو. سنڌ جي انقلابي شاعر زاهد شيخ جي غزل جون سٽون آهن ته
پرهه جا سوجهرا ڦٽا ناهن،
زخم سارا اڃا ڇٽا ناهن،
آسرا آسرن مٿان ايڏا
هي وڇوڙا اڃا کٽا ناهن.
رڳو آسرن تي ڪم ڪو نه هلندو پر ان لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. منهنجي سنڌ جي اروڙ کي بچائڻ، اُن کي محفوظ بنائڻ لاءِ مثبت ۽ عملي ڪردار جي ضرورت آهي. هڪٻئي تي ڏوهه الزام هڻڻ بجاءِ اسان کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اروڙ نه رڳو سکر پر پوري سنڌ ملڪ ۽ دنيا لاءِ هڪ تاريخي مثال ۽ مختلف ڪردارن ۽ ڪهاڻين جو ثبوت آهي. هن شهر سان لاڏلي جا پئمانا جڙيل آهن، اروڙ تان ڏک ۽ تباهي جا بادل ٽارڻ لاءِ محبتن جو مينهن وسائڻو پوندو ته جيئن هن ماڳ سان عشق رکندڙ اوشاق عاشورن بجاءِ عيد جو آسمان جوڙين، نينهن جي نظارن کي نکارين، ڇو ته اروڙ نينهن جبل اسان جي دلين  جا دلبر ماڳ آهن.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]