Skip to main content

رتوڪوٽ - استاد لغاري


رتوڪوٽ
پرمار سوڍن جو پراڻو نشان
استاد لغاري
کپري شهر کان ۲۲ ڪلوميٽر ۽ سانگھڙ شهر کان ۸۲ ڪلوميٽر اوڀر طرف، نارا ڪئنال (پراڻي ھاڪڙي يا ڍوري) جي اڀرندي ڪپ تي، ديھ کاڄڻي، سروي نمبر ۱۳۵، اڇڙي ٿر جي ابتدا يعني شروعات ۾، ۱۰۰ کان ۲۰۰ فوٽ اوچو، ھڪ ڦٽل ڳاڙهو دڙو موجود آهي، جنهن کي “رتوڪوٽ” سڏجي ٿو. ھن دڙي تي، ٺڪرين، سروٽن، روڳڙن، ھڏن ۽ پٿرن جا ڀڳل ٽڪرا، ھزارين مڻن جي حساب سان سٿيا پيا آهن. ھي ماڳ مڪان يا ڦٽل دڙو، سورهين صدي عيسويءَ کان وٺي، يعني ترخانن جي دور کان، ڳاڙهي ڀڙي جي صورت ۾ ھتي موجود آهي. رتوڪوٽ کپري تعلقي جي پرمار سوڍن، ٺڪرن، راڻن ۽ راجپوتن جي تخت گاھ جو پراڻو ۽ ڦٽل ثبوت آهي. ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي، ته اڄ کان لڳ ڀڳ ھڪ ھزار يا ۸۰۰ سال اڳ، ھيءَ دڙو آباد ٿيو، جنهن جي بانيءَ جو نالو “گرو وير ناٿ سنگھ سوڍو” ھيو.


مقامي ماڻهن ۽ عام انسانن جو خيال آهي، ته اسان ڄائي ڄم کان وٺي، ھن ماڳ مڪان جا آثار، ٺڪرين ۽ سروٽن سان سٿيل، ايئن ئي ڳاڙها ڏٺا آهن. تنهن ڪري ھن دڙي کي “رتوڪوٽ” چئجي ٿو. عقلي دليلن سان چئي سگھجي ٿو، ته سوين سالن کان وٺي، تيز ھوائون ۽ موسلاڌار برساتون، ھن دڙي جي اوچائيءَ کي اُڏائينديون ۽ ھيٺ لوڙهينديون رهيون آهن. زوردار برساتن ھن دڙي کي چيري ڦاڙي، ان جي وچو وچ مان، وڏا ڏار وجھي، واٽر، نالا، شاخون ۽ نيئون وهائي ڇڏيون آهن. البت ٺڪريون، ڀڳل سرون ۽ روڳڙا، ڳرا ھجڻ سبب، لڙهڻ کان بچندا ۽ ويهندا رهيا آهن. ان ڪري ھن ڳاڙهي دڙي يا ڀڙي کي، “رتو ڪوٽ” سڏيو ويو ھجي.
تحفت الڪرام جو ليکڪ مير علي شير قانع لکي ٿو، ته “سيف الملوڪ کي بديع الجمال مان ٻه پٽ ٿيا. ھڪ “رتو” ۽ ٻيو “چنو”. جن جون قبرون ھن وقت، رتي ڪوٽ جي دڙي جي چوٽيءَ تي موجود آهن”. ان ڪري ھن دڙي کي “رتو” جي نالي پٺيان، شايد “رتو ڪوٽ” سڏبو ھجي. ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو، ته “رتو ڪوٽ پرمار سوڍن جي صاحبي ۽ دورانديشيءَ جي نشاني آهي. يا وري انهن کان به اڳ وارن دراوڙن (اڻ آرين) جي نشاني آهي. جنهن جي اصل ۽ حقيقي بانيءَ جو پتو نه ٿو پوي”. تاريخ ريگستان جو ليکڪ لکي ٿو، ته “ديوراج جي پٽ، سنڌ جي سوڍي راجا کي، سن ۱۱۲۵ع ۾، ھيءُ ڪوٽ تعمير ڪرائي ڏنو”. سومرن ۽ سمن جي ادوار ۾ به، رتو ڪوٽ سنڌ جي ٻين مضبوط قلعن وانگر، ھڪ دفاعي حيثيت رکندو ھيو. رتي ڪوٽ جي دڙي جي چوٽيءَ تي، کنڊرن جي بلڪل مٿان، ھڪڙو چِلو يا مچ موجود آهي، جيڪو اتي موجود ھڪ کٻڙ جي وڻ جي وچ ۾ آهي. ھن چِلي کي “ميين ڀلي جو چِلو” چيو ويندو آهي. ھي چِلو رتي ڪوٽ جي زوال کان بعد جو قائم ڪيل ٿو ڏسجي.
رتي ڪوٽ جي ڀڙي مان ھٿ آيل ڪجھ سرن جي ماپ، موجوده رواجي سرن کان، چئوڻي ۽ پنجوڻي وڏي آهي. ھتي استعمال ٿيندڙ سرون، وزن ۾ اڌ مڻ، ٽيھ سير يا ان کان به ڳريون ھونديون ھيون. ھي سرون ڊيگھ ۾ ٻه فوٽ، ويڪر ۾ ڏيڍ فوٽ ۽ ٿولھ ۾ ساڍا چار انچ ھيون. ھتان پراڻا سڪا (ڊوڍا يا ڍٻا) به مليا آهن، جن جو تعلق، تغلق دور سان ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه مٽيءَ جون مورتيون، مهرون، سينگار جا سامان، پٿر جا وٽ ۽ ٻيا پراڻا سامان پڻ مليا آهن. رتي ڪوٽ جي دڙي ۾ پوريل مٽيءَ جي ديوارن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ھتي اوڏڪين ڀتين ۽ ديوارن جو رواج به عام جام ھيو. دڙي جي اندر ٿانون پچائڻ جون ڪنڀارڪيون آويون تمام گھڻيون موجود ھونديون ھيون. ھتي جا ماڻهو رڌڻ ۽ ڪاڙهڻ جو ڪم، گھڻو ڪري مٽيءَ جي ٿانون ۾ ڪندا ھئا ۽ مانيون تنورن، ٿوٻين ۽ دانگين تي پچائيندا هئا. مزيدار ڳالھ ھيءَ به آهي، ته ھتي جا ماڻهو، تتل واريءَ ۾ مانيون پُرڙي، ڪوڪِيُون به پچائي کائيندا ھئا. مٽيءَ جي پيالي، پاٽوڙي يا ٻئي ڪنهن به ٿانوَ ۾، ھڪ دفعو کاڌو کائڻ کان پوءِ، اهو ٿانوَ اڇلائي ڇڏيندا ھئا ۽ ٻئي ڏينهن تي، نت نئون ٿانوَ استعمال ڪندا ھئا. ھتي مٽيءَ جي ڏيئن جا ٽوٽا ۽ ٽڪڙا، بي تهاشا ۽ بي انداز حساب ۾ پيل آهن. ھي ڏيئا، ڏياريءَ جي ڏڻ ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي، توريي جي تيل سان، روغن چنبيلي، روغن بادام، ارنڊي، گگر ۽ کوپري جو تيل، خوشبوءَ خاطر ملائي، پوءِ ٻاريا ويندا ھئا. اهو ئي سبب آهي، جو ھتي ٺڪراٺو تمام گھڻو ۽ ججھي انداز ۾ پيل آهي.
ايڇ ٽي لئمبرڪ جي تحقيق موجب، ھاڪڙو ۽ نارو، هڪڙي ئي وهڪري جا ٻه نالا آهن. اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو هو. پهريين حصي واري وهڪري کي ھاڪڙو ۽ ٻئي حصي واري وهڪري کي نارو سڏيندا ھئا. رتي ڪوٽ جو وڻج واپار خشڪي رستي سان، اٺن جي قافلن، گھوڙن، خچرن، گڏهن ۽ ٺُوشِي (ڍڳي) گاڏين وسيلي، جيسلمير، ٻاهڙ مير ۽ هندوستان جي ٻين مشهور شهرن سان ٿيندو هو. البت اڪثر واپاري ماڻهو ٻيڙن ذريعي، درياھ جي ڪناري تي آباد شهرن ۽ وڏن ڳوٺن سان، پنهنجو وڻج واپار ڪندا هئا. اڳيين زماني ۾، رتي ڪوٽ جي آس پاس ڪيترائي پتڻ مشهور هئا. جن ۾ ڍليار پتڻ، ھٿونگو پتڻ، ڀٽ ڀائتي پتڻ، ڏِنگ پتڻ، ماروي پتڻ، غلام نبي شاھ پتڻ ۽ مڻيو پتڻ گھڻو مشهور ھئا. ھن ماڳ مڪان جي آس پاس، جيڪي ڳوٺ هن وقت آباد آهن، انهن ۾ ڳوٺ حاجي محمد ابراهيم هنڱورجو، حاجي بلاول هنڱورجو، حاجي جمال الدين هنڱورجو، پپرت علي، هٿونگو، ڍليار، ڀٽ ڀائتي، مٿوڻ، باکريجي، لوڻ جون ڍنڍون ۽ کاري جون کاڻيون گھڻو مشهور آهن.
ھن دڙي بابت، ترخان دور تائين آباد هجڻ جو ذڪر ملي ٿو. سنڌ جي حڪمران مرزا باقي بيگ جي ڀاءُ مرزا جان بابا، جڏهن ڀاءُ کان بغاوت ڪئي، ته ان اچي رتي ڪوٽ جي پرمار سوڍن کان مدد ورتي. البت جان بابا جلد ئي گرفتار ٿيو ۽ قتل ڪيو ويو. جنهن جي آخري آرامگاھ مڪليءَ جي مقام ۾ موجود آهي. اهو ممڪن آهي، ته مرزا باقي بيگ، رتي ڪوٽ جي سوڍن تي ڏمريو هجي ۽ ان جي ھٿان هي شهر برباد ٿيو هجي. ترخان دور کان پوءِ، رتي ڪوٽ جي آباد ھجڻ جو ڪو به اهڃاڻ يا ثبوت نه ٿو ملي. روايتن ۾ اهو به ٻڌايو وڃي ٿو، ته ھتي انياءُ ٿيندو هيو، جنهن جي ڪري هيءُ شهر سراپجي ويو ۽ برباد ٿي ويو.

(ڊيلي هلال پاڪستان، جمعو ۲۱ جون ۲۰۱۹ ع جي ٿورن سان)





رتي ڪوٽ جا رهجي ويل آثار
استاد لغاري
کپري شهر کان ۲۲ ڪلوميٽر ۽ سانگھڙ شهر کان ۸۲ ڪلوميٽر اوڀر طرف، نارا ڪئنال (پراڻي ھاڪڙي يا ڍوري) جي اوڀرندي ڪناري تي، ديھ کاڄڻي، سروي نمبر ۱۳۵، اڇڙي ٿر جي ابتدا يعني شروعات ۾، ۱۰۰ کان ۲۰۰ فوٽ اوچو، ھڪ ڦٽل ڳاڙهو دڙو موجود آهي، جنهن کي “رتوڪوٽ” سڏيو وڃي ٿو. ھن دڙي تي، ٺڪرين، سلهوٽن، روڳڙن، ھڏن ۽ پٿرن جا ڀڳل ٽڪرا، ھزارين مڻن جي حساب سان سٿيا پيا آهن. ھي ماڳ مڪان يا ڦٽل دڙو، سورهين صدي عيسويءَ کان وٺي، يعني ترخانن جي دور کان، ڳاڙهي ڀڙي جي صورت ۾ ھتي موجود آهي. رتوڪوٽ کپري تعلقي جي پرمار سوڍن، ٺڪرن، راڻن ۽ راجپوتن جي تخت گاھ جو، پراڻو رهجي ويل آثار آهي. ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي، ته اڄ کان لڳ ڀڳ ھڪ ھزار يا ۸۰۰ سال اڳ، ھيءَ دڙو آباد ٿيو، جنهن جي بانيءَ جو نالو “گرو وير ناٿ سنگھ سوڍو” ھيو.
لفظ “رتوڪوٽ” ٻن گڏيل لفظن جو مجموعو آهي. يعني “رتو” + “ڪوٽ”. “رتو” پراڪرت ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو گرامر موجب، جنس مذڪر ۽ صفت جي طور ڪم اچي ٿو. هن جي لغوي معنيٰ آهي، رت جهڙو، رتل، ڳاڙهو، ڳاڙهي رڱ ۾ رڱيل، سُرخ يا لال وغيره. “ڪوٽ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. جيڪو پڻ گرامر موجب، جنس مذڪر ۽ اسم عام طور استعمال ٿئي ٿو. ھن جي لغوي معنيٰ آهي، شهرِ پناھ، عالمِ پناھ، حصار، شهر جي چوڌاريءَ ڏنل ديوار يا قلعو وغيره.
مقامي ماڻهن ۽ عام انسانن جو خيال آهي، ته اسان ڄائي ڄم کان وٺي، ھن ماڳ مڪان جا آثار، ٺڪرين ۽ سروٽن سان سٿيل، ايئن ئي ڳاڙها ڏٺا آهن. تنهن ڪري ھن دڙي کي “رتوڪوٽ” چئجي ٿو. عقلي دليلن سان چئي سگھجي ٿو، ته سوين سالن کان وٺي، تيز ھوائون ۽ موسلاڌار برساتون، ھن دڙي جي اوچائيءَ کي اُڏائينديون ۽ ھيٺ لوڙهينديون رهيون آهن. زوردار برساتن ھن دڙي کي چيري ڦاڙي، ان جي وچو وچ مان، وڏا ڏار وجھي، واٽر، نالا، شاخون ۽ نيئون وهائي ڇڏيون آهن. البت ٺڪريون، ڀڳل سرن جا اڌڙ، سلهوٽا ۽ روڳڙا، ڳرا ھجڻ سببان، لڙهڻ کان بچندا ۽ ويهندا رهيا آهن. ان ڪري ھن ڳاڙهي دڙي يا ڀڙي کي، شايد “رتو ڪوٽ” سڏيو ويو ھجي.
تحفت الڪرام جو ليکڪ مير علي شير قانع لکي ٿو، ته “سيف الملوڪ کي بديع الجمال مان ٻه پٽ ٿيا. ھڪ “رتو” ۽ ٻيو “چنو”. جن جون قبرون ھن وقت، رتي ڪوٽ جي دڙي جي چوٽيءَ تي موجود آهن”. ان ڪري ھن دڙي کي “رتو” جي نالي پٺيان، شايد “رتو ڪوٽ” سڏبو ھجي. ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو، ته “رتو ڪوٽ پرمار سوڍن جي صاحبي ۽ دورانديشيءَ جي نشاني آهي. يا وري انهن کان به اڳ وارن دراوڙن (اڻ آرين) جو يادگار آهي. جنهن جي اصل ۽ حقيقي بانيءَ جو پتو نه ٿو پوي”. تاريخ ريگستان جو ليکڪ لکي ٿو، ته “ديوراج جي پٽ، سنڌ جي سوڍي راجا کي، سن ۱۱۲۵ع ۾، ھيءُ ڪوٽ تعمير ڪرائي ڏنو”. سومرن ۽ سمن جي ادوار ۾ به، رتو ڪوٽ سنڌ جي ٻين مضبوط قلعن وانگر، ھڪ دفاعي حيثيت رکندو ھيو. رتي ڪوٽ جي دڙي جي چوٽيءَ تي، کنڊرن جي بلڪل مٿان، ھڪڙو چِلو يا مچ موجود آهي، جيڪو اتي موجود ھڪ کٻڙ جي وڻ جي وچ ۾ آهي. ھن چِلي کي “ميين ڀلي جو چِلو” چيو ويندو آهي. ھي چِلو رتي ڪوٽ جي زوال کان بعد جو قائم ڪيل ٿو ڏسجي.
محمد جمن گجو “عمرڪوٽائي”، پنهنجي ڪتاب “تاريخ گجو سوڍا راڻا” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “سوڍو ٺڪر راجپوت سن ۱۱۲۵ع ۾، هندوستان (راجسٿان) جي راڌڻپور اُجين رياست مان، پنهنجي ٺڪرن راجپوتن جو وڏو قبيلو ساڻ ڪري، سنڌ ملڪ جي “رتوڪوٽ” شهر ۾ آيو ۽ اتي اچي پنهنجو راڄ آباد ڪيائين. ان وقت اهو علائقو، سومرن جي صاحبيءَ هيٺ هوندو هيو. هتي اچڻ کان پوءِ، رتي ڪوٽ جو علائقو، پرمار سوڍي پنهنجي طاقت سان آزاد ڪرائي، پنهنجي نجي صاحبي قائم ڪئي. ان کان پوءِ، ۱۲۲۶ع ڌاري سوڍي جي پوٽي راج ديو سنگھ، سومري حاڪم کي لڙائيءَ ڪري امرڪوٽ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو”.
سنڌ جو وڏو محقق، ڄاڻو ۽ تاريخدان محترم مشڪور ڦلڪارو صاحب، پنهنجي مشهور ڪتاب “سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر” ۾ لکي ٿو، ته “هن دڙي جي آثارن ۾، پڪل وڏين سرن مان ٺاهيل قلعو به شامل آهي. جيڪو چورس شڪل جو لڳي ٿو. جنهن جي چئني ڪنڊن تي حفاظتي برج به هئا. هن دڙي مان ڏيڍ مڻ وزني پٿر به مليا آهن، جن جي وچ ۾ سوراخ آهن. جن مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته اهي پٿر درياءَ ۾ وڏن واپاري ٻيڙن جي لنگر ڪرائڻ ۾ استعمال ٿيندا هئا. هي شهر هندوستان کان ايندڙ ويندڙ واپاري قافلن جي، سنڌ جي گيٽ وي تي موجود هو، جنهن سبب هي ماضيءَ جو خوشحال ترين شهر رهيو هوندو”.
رتي ڪوٽ جي ڀڙي مان ھٿ آيل ڪجھ سرن جي ماپ، موجوده رواجي سرن کان، چئوڻي ۽ پنجوڻي وڏي آهي. ھتي استعمال ٿيندڙ سرون، وزن ۾ اڌ مڻ، ٽيھ سير يا ان کان به ڳريون ھونديون ھيون. ھي سرون ڊيگھ ۾ ٻه فوٽ، ويڪر ۾ ڏيڍ فوٽ ۽ ٿولھ ۾ ساڍا چار انچ ھيون. ھتان پراڻا سڪا (ڊوڍا يا ڍٻا) به مليا آهن، جن جو تعلق، تغلق دور سان ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه مٽيءَ جون مورتيون، مهرون، سينگار جا سامان، پٿر جا وٽ ۽ ٻيا پراڻا پٿ پڻ مليا آهن. رتي ڪوٽ جي دڙي ۾ پوريل مٽيءَ جي ديوارن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ھتي اوڏڪين ڀتين ۽ ديوارن جو رواج به عام جام ھيو. دڙي جي اندر ٿانون پچائڻ جون ڪنڀارڪيون آويون تمام گھڻيون موجود ھونديون ھيون. ھتي جا ماڻهو رڌڻ ۽ ڪاڙهڻ جو ڪم، گھڻو ڪري مٽيءَ جي ٿانون ۾ ڪندا ھئا ۽ مانيون تنورن، ٿوٻين ۽ دانگين تي پچائيندا هئا. مذيدار ڳالھ ھيءَ به آهي، ته ھتي جا ماڻهو، تتل واريءَ ۾ يا ڪِر ۾ مانيون پُرڙي، ڪوڪِيُون به پچائي کائيندا ھئا. مٽيءَ جي پيالي، پاٽوڙي يا ٻئي ڪنهن به ٿانوَ ۾، ھڪ دفعو کاڌو کائڻ کان پوءِ، اهو ٿانوَ اڇلائي ڇڏيندا ھئا ۽ ٻئي ڏينهن تي، نت نئون ٿانوَ استعمال ڪندا ھئا. ھتي مٽيءَ جي ڏيئن جا ٽوٽا ۽ ٽڪڙا، بي تهاشا ۽ بي انداز حساب ۾ پيل آهن. ھي ڏيئا، ڏياريءَ جي ڏڻ ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي، توريي جي تيل سان، روغن چنبيلي، روغن بادام، روغن ارنڊي، گگر، لوبان ۽ کوپري جو تيل، خوشبوءَ خاطر ملائي، پوءِ ٻاريا ويندا ھئا. اهو ئي سبب آهي، جو ھتي ٺڪراٺو تمام گھڻو ۽ ججھي انداز ۾ پيل آهي.
ايڇ ٽي لئمبرڪ جي تحقيق موجب، ھاڪڙو ۽ نارو، هڪڙي ئي وهڪري جا ٻه نالا آهن. اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو هو. پهريين حصي واري وهڪري کي ھاڪڙو ۽ ٻئي حصي واري وهڪري کي نارو سڏيندا ھئا. رتي ڪوٽ جو وڻج واپار خشڪي رستي سان، اٺن جي قافلن، گھوڙن، خچرن، گڏهن ۽ ٺُوشِي (ڍڳي) گاڏين وسيلي، جيسلمير، ٻاهڙ مير ۽ هندوستان جي ٻين مشهور شهرن سان ٿيندو هو. البت اڪثر واپاري ماڻهو ٻيڙن ذريعي، درياھ جي ڪناري تي آباد شهرن ۽ وڏن ڳوٺن سان، پنهنجو وڻج واپار ڪندا هئا. اڳيين زماني ۾، رتي ڪوٽ جي آس پاس ڪيترائي پتڻ مشهور هئا. جن ۾ ڍليار پتڻ، ھٿونگو پتڻ، ڀٽ ڀائتي پتڻ، ڏِنگ پتڻ، ماروي پتڻ، غلام نبي شاھ پتڻ، مڻيو پتڻ، ڪنڊو پتڻ، پراڻي جوهيلي پتڻ ۽ سريواريءَ پتڻ گھڻو مشهور ھئا. ھن ماڳ مڪان جي آس پاس، جيڪي ڳوٺ هن وقت آباد آهن، انهن ۾ ڳوٺ حاجي محمد ابراهيم هنڱورجو، يامين هنڱورجو، محمد صالح هنڱورجو، ڳُجھڙِي، حاجي بلاول هنڱورجو، حاجي جمال الدين هنڱورجو، محمد عالم هنڱورجو، محمد سليم هنڱورجو، پپراتَلِي، هٿونگو، ڍليار، ڀٽ ڀائتي، مٿوڻ، باکريجي، لوڻ جون ڍنڍون ۽ کاري جون کاڻيون گھڻو مشهور آهن. رتي ڪوٽ جي آس پاس، جيڪي وقت جا معزز، معتبر ۽ چڱا ماڻهو ٿي گذريا آهن، انهن ۾ مرحوم حاجي محمد ابراهيم هنڱورجو (سينيٽر)، حاجي جمال الدين هنڱورجو، حاجي محمد عثمان مري (ڀٽ ڀائتي وارو)، حاجي محمد صالح هنڱورجو، حاجي بلاول هنڱورجو، محمد اسماعيل هنڱورجو ۽ محمد سليم هنڱورجو جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا.
ھن دڙي جي ٽن پاسن، يعني ڏکڻ، اوڀر ۽ اتر طرف کان، زرعي زمينون آباد ڪيل آهن. جن جي ڪري به ھي دڙو روز بروز سوڙهو ۽ ننڍو ٿيندو رهي ٿو. دڙي جي اولهندي طرف کان، ھڪ عدد ننڍڙو ڳوٺ، مڙهي ۽ رتي ڪوٽ جو مندر موجود آهن. ھتي مٺي پاڻيءَ جو ھڪ وڏو تلاءُ پڻ تيار ڪيو ويو آهي، جتان کان اڇڙي ٿر جي ڪجھ ڳوٺن کي، مٺو پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. رتي ڪوٽ جي پراڻي مندر کي، مذهبي وڳوڙن سبب ساڙيو به ويو هو، جيڪو نئين سر تعمير ڪيو ويو آهي. ھن مندر جي احاطي ۾، ھڪ مڙهي موجود آهي، جنهن جي اندر “گرو شنڀوناٿ مهراج” جي سماڌي ٺاهيل آهي. ھن سماڌيءَ ۾، مذڪوره مهاراج جي مٽيءَ مان ٺاهيل مورتيءَ به نسب ڪيل آهي. رتي ڪوٽ جي موجوده مندر ۽ ماڳ مڪان تي، ھر سال شوَ جو ميلو به لڳايو ويندو آهي، جنهن جي نگراني ۽ سرپرستي، کپري شهر جي مشهور سوناري آلومل جو فرزند، محترم ڀاڳچند سوني ڪندو آهي.
ھن دڙي بابت، ترخان دور تائين آباد هجڻ جو ذڪر ملي ٿو. سنڌ جي حڪمران مرزا باقي بيگ جي ڀاءُ مرزا جان بابا، جڏهن ڀاءُ کان بغاوت ڪئي، ته ان اچي رتي ڪوٽ جي پرمار سوڍن کان مدد ورتي. البت جان بابا جلد ئي گرفتار ٿيو ۽ قتل ڪيو ويو. جنهن جي آخري آرامگاھ مڪليءَ جي مقام ۾ موجود آهي. اهو ممڪن آهي، ته مرزا باقي بيگ، رتي ڪوٽ جي سوڍن تي ڏمريو هجي ۽ ان جي ھٿان هي شهر برباد ٿيو هجي. ترخان دور کان پوءِ، رتي ڪوٽ جي آباد ھجڻ جو ڪو به اهڃاڻ يا ثبوت نه ٿو ملي. روايتن ۾ اهو به ٻڌايو وڃي ٿو، ته ھتي انياءُ ٿيندو هيو، جنهن جي ڪري هيءُ شهر سراپجي ويو ۽ برباد ٿي ويو.

(ليکڪ جي فيسبڪ وال تان کنيل)

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]