سنڌ جي قديم آثارن جي سنڀال
ڪئي وڃي!
لياقت راڄپر
دنيا جي ڪيترن ئي
ملڪ پنهنجي معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر قديمي آثارن، ثقافتي تاريخي ماڳن
۽ مقامن سير و تفريح جي هنڌن کي سهڻو ۽ انهن کي بچائڻ لاءِ تمام گهڻا قدم کنيا
آهن. جنهن جي ڪري نه صرف ملڪ کي مالي فائدو پيو آهي پر ان سان گڏ ٻين ملڪن کان
ايندڙ سياحن کي نوان ۽ خوبصورت هنڌ ڏسڻ لاءِ پڻ مليا آهن. ان کانسواءِ ڪيترن ئي ماڻهن
کي روزگار مليو آهي. جنهن ۾ خاص ڪري ٽرانسپورٽ، ٽوئرسٽ گائڊيڊ، هوٽلن وارن کي، کاڌي
پيتي وڪڻڻ وارن ۽ گفٽ وڪڻڻ وارن کي فائدو مليو آهي. هن لاءِ انهن ملڪن جون حڪومتون
سياحت جي واڌاري لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيون آهن.
الله تعاليٰ پاڪستان
کي فطرتي رنگن، قديمي آثارن ۽ ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن ۽ مقامن کان تمام گهڻو نوازيو
آهي. پاڪستان ۾ سنڌ هن معاملي ۾ تمام گهڻي شاهوڪار آهي، پر افسوس جو اسان انهن ماڳن
جو قدر ته نٿا ڪريون پر انهن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي. هن ڏس ۾ سنڌ حڪومت،
سڄاڻ ماڻهو ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. دستور ۾ 18-هين ترميم
پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ کي اهڙن ماڳن ۽ فطرتي حُسن کي سنڀالڻ جو موقعو مليو آهي پر
افسوس جو اڃا تائين هر شيءِ اتي جو اتي آهي. ائين کڻي چئجي ته اڃان به پوئتي وڃي
رهي آهي. سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جيڪا سنڌ ڪلچر کاتي جو هڪ حصو آهي، ڪجهه ڪم
بهتر ڪيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ريسٽ هائوس ٺاهيا ويا ۽ تباهه ٿيندڙ تاريخي
ورثن جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو. ايس ٽي ڊي سي (STDC) جي روشن قناصري جي اچڻ ڪري هن
اداري کي هڪدم ترقي ملي، جنهن لاءِ سالياني بجيٽ ۾ واڌارو ڪيو ويو، جنهن مان نوان
ريسٽ هائوس کوليا ويا ۽ پراڻن ريسٽ هائوسز جي مرمت ۽ ڀلائيءَ جو ڪم شروع ٿي ويو.
ان ۾ ثقافت جي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ثقافتي جي سيڪريٽري جون خاص ڪاوشون شامل
آهن.
ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي
ويندي ڪيترائي ماڳ مڪان ۽ قديمي آثار ڏٺاسين، جن جي حالت خراب هئي ۽ هن سفر دوران
صرف ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن طرفان ٿيل ڪمن ۾ اضافو نظر آيو. ڪراچي کان حيدرآباد
۽ ڄامشوري ويندي روڊ جي ٻنهي طرفن کان وڻن جي وڏي کوٽ نظر آئي ۽ ڪراچي شهر کان نڪرندي
۽ حيدرآباد پهچندي ۽ اتان نڪرندي ٻنهين طرفن کان رڳو هائوسنگ اسڪمين جي وڏي قطار
نظر آئي. جيڪي سائي ۽ سرسبز زمين تي ٺاهيون پيون وڃن. سفر دوران جيڪي به هوٽل هيا
اتي جون حالتون تمام خراب مليون، جنهن ۾ خاص ڪري اتي واش روم ۽ رڌڻي جي حالت ته
تمام خراب هئي. ها ايترو ضرور آهي ته روڊ هر طرف صاف ۽ سٺا هيا جنهن جي ڪري سفر جو
وقت ڪافي بچي ويو. جڏهن ته سپر هاءِ وي جي چارجز ۾ حد کان وڌيڪ اضافو سوچ کان ٻاهر
آهي ۽ روڊ ڪيترن هنڌن تي ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان هندوري ۾ لُڏي رهيا آهيون.
مون سان سفر دوران
منير راميجو، فدا جيسر، اطهر سمون ساڻ هئا. جڏهن اسان صدر شاهه لڪي جي علائقي ۾
پهتاسين ته اتي ٺهيل ريسٽ هائوس ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن جي ڪافي مرمت ٿي چڪي هئي
۽ باقي ترقياتي ڪم هلي رهيو هو، جنهن جو افتتاح اڳوڻي سنڌ جي چيف منسٽر عبدالله
شاهه ڪيو هو. هتي ايندڙ مهمانن لاءِ هڪ ڊبل بيڊ ۽ ٻه سنگل بيڊ ٺهيل آهن، جنهن ۾
ايئرڪنڊيشن جي سهولت موجود آهي. اتي ٽرسٽ وارن لاءِ خوبصورت ڊرائنگ روم، جنهن ۾
بهترين صوفه سيٽ لڳل آهن. هن ريسٽ هائوس جي عمارت مين روڊ تي آهي. ريسٽ هائوس جو آڳر
وسيع ۽ سهڻو آهي، جتي سياري ۾ صبح جو ۽ اونهاري ۾ رات جو ڪرسيون وجهي اولهه طرف
کان جبلن جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته Backyard به خلاصو آهي. فيملي سان گڏ ايندڙ اتي ويهي ٻاهريون
نظارو ڪري سگهن ٿا. عمارت اندر وڻ آهن ۽ اڱڻ ۾ ڪار يا ٻي ڪا به گاڏي بيهاري سگهجي ٿي.
رڌڻو ته آهي پر ان لاءِ ڪو بورچي نه آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي هن ريسٽ هائوس ۾ مهمان گهٽ
ترسن ٿا پر سرڪاري يا وري سياسي مهمان گهڻا ايندا رهيا آهن. باقي هن مان انڪم ڪونه
ٿي ٿئي ۽ کاتو خساري ۾ آهي. ريسٽ هائوس ۾ چار ملازم آهن، جيڪي پڪا ناهن، ڇو جو ڪا
به آمدني نه هجڻ ڪري ٽوئرزم ڪارپوريشن کي کيسي مان انهن کي پئسا ڏيڻا پون ٿا. ريسٽ
هائوس جو واٽر سپلاءِ وارو نظام خراب هيو، جيڪو شايد اڃان ٺهي نه سگهيو آهي.
سهولتن جي حوالي سان جيڪڏهن بجلي نه آهي ته پوءِ مهمانن لاءِ سولر سسٽم موجود آهي،
پر ان تي ايئرڪنڊيشن نه ٿي هلي سگهي. جڏهن ڪو وي آءِ پي ايندو آهي ته جنريٽر استعمال
ڪيو وڃي ٿو. هن ريسٽ هائوس کان ٻه قدم اڳتي صدر شاهه لڪي بزرگ جي مزار آهي، جنهن
جي نالي تي هي شهر قائم ڪيو ويو آهي. هن بزرگ جي مزار کان ٿورو پري هڪڙو قدرتي
چشمو آهي، جتي چمڙيءَ جي بيماريءَ ۾ ورتل مريض وهنجندا آهن جن کي شفا ملي ٿي. هن ڳوٺ
جي آبادي چڱي ڀلي آهي، جنهن ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن سان گڏ بيسڪ هيلٿ يونٽ به
آهي. صدر شاهه لڪيءَ جي مزار تي زائرين پوري پاڪستان کان اچن ٿا. مزار جي ٻاهران
جهوپڙن وانگر دوڪان ٺهيل آهن، جن تي مٺائي ۽ رانديڪن جو سامان وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
جڏهن اسان سيوهڻ
شريف پهتاسين ته لعل شهباز قلندر جي مزار ڀرسان لعل شهباز هوٽل ٺهيل آهي، اتي
پهتاسين جتي ٽورئزم ڪارپوريشن سنڌ جي نمائندي راحيل ابڙو سان ملاقات ٿي. هن هوٽل ۾
24 ڪمرا آهن جن مان ڏهه ايئرڪنڊيشن باقي نان اي سي آهن. نان اي سي ڪمرا سنگل بيڊ
آهن جن جو ڪرايو 500 روپيه هيو، جڏهن ته اي سي ڪمري جي چارجز 1500 سئو روپيه هئي. ڊبل
بيڊ اي سي ڪمري ۾ فرج ۽ ٽي وي به رکيل آهي. جڏهن ته سنگل بيڊ ۾ ايل اي ڊي سان گڏ
پکا موجود آهن. پر هتي سٺي ڳالهه اها آهي ته جنريٽر جي سهولت موجود آهي. ڇاڪاڻ جو
سيوهڻ ۾ گهڻي قدر لوڊشيڊنگ رهي ٿي.
هن هوٽل ۾ هڪ سٺو ڊرائنگ
روم ٺهيل آهي. جنهن ۾ صوفا سيٽ رکيل آهي. اي سي به آهي ۽ ٽي وي به ڏسڻ لاءِ رکيل
آهن. هتي 12 ماڻهو سهڻي نموني سان ويهي ماني کائي سگهن ٿا، جڏهن ته رڌڻو نه آهي. ڇاڪاڻ
ته قلندڙ شهباز جي مزار تي اڪثر 24 ڪلاڪ لنگر هلي ٿو ۽ ماڻهو اتان کائي اچن ٿا ۽
باقي ماڻهو اتان کاڌو نه ٿا کائين. انهن لاءِ موجود عملو هوٽل تي کاڌو تيار ڪرائي
کڻي اچن ٿا. هن هوٽل تان ٽوئرزم ڪارپوريشن وارن کي ڪا آمدني نٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته
سيوهڻ شهر ۾ هر هنڌ ماڻهن ننڍا ننڍا ريسٽ هائوس وانگر ڪمرا ٺاهيا آهن ۽ گهڻي قدر
زائرين اتي رهڻ پسند ڪن ٿا. ڇو جو اتي اي سي جي سهولت به آهي.
هوٽل ۾ سردين ۾
استعمال لاءِ گرم پاڻي ڏنو وڃي ٿو، جنهن لاءِ گيزر لڳل آهن. سيڪورٽي نظام ڀلو آهي
۽ ڪافي هنڌن تي ڪيمرائون لڳل آهن. هتي 15 ملازم ڪم ڪن ٿا، جن ۾ اڪثر ملازم ڪچا
آهن. جڏهن ساليانو ميلو لڳندو آهي ته هوٽل جي چارج ڊپٽي ڪمشنر وٽ هوندي آهي، جيڪو
ايندڙ سرڪاري مهمانن جي رهائش جو بندوبست هتي ڪندو آهي. هتي وڻ ۽ ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ
لاءِ ڏکيائي ٿئي ٿي. ڇو جو واٽر سپلاءِ طرفان اڪثر پاڻي نه ٿو ملي پر اتي رهندڙن
جي استعمال لاءِ پئسن سان پاڻي ورتو وڃي ٿو.
سيوهڻ کان نڪري جڏهن
خدا آباد پهتاسين ته اتي تاريخي ٺهيل مسجد ڏسڻ لاءِ اندر وياسين پر ڏاڍي مايوسي ٿي.
ٻاهران ڀتين کي گارو ڏئي ليپو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ان جي تاريخي سونهن خراب ٿي
وئي آهي. جڏهن ته مسجد جي اندر به حالت خراب هئي. هتان روانا ٿيڻ کان پوءِ دادو شهر
ڪراس ڪري رستي تي مخدوم بلاول جو مزار ڏٺيسين جنهن جي چوڌاري قبرستان هيو ۽ ان جي
کاٻي پاسي کان هڪ پراڻي خوبصورت تاريخي مسجد هئي، جنهن کي ڏسي دل ڏاڍي خوش ٿي. مين
روڊ کان مزار ڏانهن اچڻ لاءِ بينظير ڀٽو طرفان هڪ روڊ ٺهرايو ويو آهي، جڏهن ته شهر
کان مزار ڏانهن ايندي به نئون روڊ ٺاهيو ويو آهي. هتي به تمام گهڻا زائرين نظر
آيا.
لاڙڪاڻي شهر ۾
سمبارا هوٽل تي پهتاسين ته دل ڏاڍي خوش ٿي. ڇاڪاڻ جو هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي سڄي کاٻي
پاسي کان ساوا لان هيا ۽ هوٽل جي ٻاهرين گيٽ کان اندر وڃڻ وارو گيٽ بيحد خوبصورت
هو، جنهن کي، پراڻي ثقافتي ڪاٺ جي ٺهيل دروازي سان بند ڪيو ويو هيو. اهو دروازو ۽ ٻيو
ڪاٺ جو ڪم ڀُٽي صاحب شڪارپور جي اصلي ڪاريگر کان ٺهرايا هئا. هوٽل جو ٻاهران ڏيک ڏاڍو
حسين آهي. هن عمارت کي ڪيل رنگ موهن جي دڙي جي ثقافت جي ياد ڏياري ٿو. ڀُٽي صاحب
هي هوٽل ڏاڍي چاهه سان ٺهرايو هو، جتي ٻاهرين ملڪن جا سربراهه، ٽوئرسٽ رهندا هيا.
پر پوءِ هن هوٽل کي تباهه ڪرڻ ۾ گهڻن ئي ماڻهن جو هٿ رهيو آهي ۽ هڪ ڏينهن هن کي وڪڻڻ
لاءِ انتظام ٿي ويا هيا پر لاڙڪاڻي جي عوام ڀرپور ۽ زوردار آواز اٿاري هوٽل کي
بچائي ورتو.
هتي صبح جو بيدار ٿجي
ٿو ته اڀرندڙ سج توهان جو استقبال ڪري ٿو ۽ لهڻ وقت اوهان کي الوداع چئي ٿو ۽
اوهان جڏهن ڪمري کان ٻاهر نڪري ان تي گهمي ۽ ويهي ڏسون ٿا ته اوهان کي ڪجهه موراڻي
قلندري نظر ايندا، جن کي ڏسي خاص ڪري ٻار ڏاڍو خوش ٿين ٿا. امتياز علي شاهه هڪ ڪم ڏاڍو
ڀلو ڪيو جو پنهنجي آفيسرن کي اعتماد ۾ وٺي هوٽل کي شادي هال واري خرابي کان بچائي
ورتو. جنهن سان هوٽل ۾ اچڻ وارن جو تاثر ڀلو نه هيو ۽ ڪا پرائيوسي نه هئي. هتي هڪ
ريسٽورنٽ به آهي. جتي اوهان کي ماني صاف ۽ وقت تي ملي سگهندي. هوٽل جي سروس کي
بهتر رکڻ لاءِ 40 ملازم آهن، جن جي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ هفتي ۾ 6 ڀيرا گڏجاڻي
ڪئي وڃي ٿي. هنن ملازمن جي تربيت به ڪرائي وئي آهي ۽ وقت به وقت ايندڙن لاءِ
بهترين سروس کي قائم رکڻ لاءِ روزانه هدايتون جاري ڪيون وڃن ٿيون.
ٽوئر جي ٻئي ڏينهن
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي مزار تي وياسين، جتي سيڪيورٽي ۽ ايندڙن
لاءِ وائس روم ۽ ويهڻ جون سهولتون بهتر آهن. هن مزار جي ڊزائن تمام خوبصورت ٺاهي
وئي آهي. مزار جي اڳيان هڪ وڏو ميدان آهي، جتي 27 ڊسمبر بينظير صاحبه جي شهادت ۽ 4
اپريل ڀُٽي صاحب جي شهادت وارن ڏهاڙن تي جلسا ڪيا ويا وڃن ٿا. ڪيترن ئي دروازن هجڻ
جي باوجود عام ڏينهن ۾ صرف هڪ کوليو وڃي ٿو. مزار تي پوري پاڪستان مان هزارين ماڻهن
اچن ٿا.
صبح جو ٻئي ڏينهن
اسان منڇر ڍنڍ ڏانهن نڪري آياسين. بوبڪن جي شهر کان سڄي پاسي جڏهن منڇر ڍنڍ تي
پهتاسين ته حيرانيءَ ۾ اکيون کليل رهيون ته ڇا هيءَ اها ڍنڍ آهي، جتي وڏي رونق
هوندي هئي ۽ تقريبن ڍنڍ تي چار هزار ٻيڙين وارا گهر هوندا هئا. جنهن ڍنڍ ۾ هزارين
مهمان پکي اچي لهندا هيا ۽ هزارين ٽن مڇي مرندي هئي ۽ ميربحرن ۾ وڏي خوشحالي هئي.
اڄ اتي پهچڻ سان ڪجهه ٻار ۽ ڪجهه عورتون خيرات وٺڻ لاءِ پهچي ويا. ڍنڍ تي نظر
پوندي ئي ڪاري پاڻيءَ جا وسيع بدبودار دُٻا نظر آيا. ٻيڙي وارن گهرن ۾ ميربحرن کي
هر سهولت هوندي هئي. انهن گهرن ۾ شاديون ٿين ٿيون، ٻار ڄمن ٿا ۽ وڏا ٿين ٿا. هاڻي
هي گهر 200 بچيا آهن.
ڍنڍ مان صرف ننڍي مڇي
مري ٿي، جيڪا پولٽريءَ جي فيڊ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. باقي هر قسم جي مڇي گندي پاڻيءَ
ڪري ختم ٿي وئي آهي. منڇر تي جيڪي دُڪان هيا، اهي ڳوٺاڻي طريقي جا هيا پر اتي هوٽلن
تي چانهه سان گڏ ماڻهو ڊش تي فلمون ڏسي رهيا هئا. سيوهڻ وڃڻ لاءِ ڊاٽسن بيٺيون
هيون. هن صورتحال جي ڪري ڪافي رهاڪو ٻين شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن. هي
علائقو مرحوم سيد عبدالله شاهه جو تڪ هيو، جنهن تي هاڻي سندس پٽ سيد مراد علي شاهه
سيٽ کٽي آيو آهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير آهي.
پاڻيءَ کي صاف ڪري
پيئڻ لائق ٺاهڻ لاءِ آر او پلانٽ لڳايا ويا، جيڪي گهڻي ڀاڱي خراب ٿي چڪا آهن.. سهڻي
ڍنڍ اڳ ۾ به ٻه ٽي ڀيرا تباهه ٿي چڪي آهي. هتان جي ماڻهن کان جڏهن پڇا ڪيم ته هو
هاڻي به پ پ کي ووٽ ڇو ٿا ڏين ته چوڻ لڳا اسان جا ڪم ٿين يا نه ٿين پر پوءِ به ووٽ
بينظير ڀٽو کي ڏيندا. بوبڪ شهر ۽ ٻين ويجهن علائقن ڏانهن وڃڻ لاءِ اُتي چنگچيون ۽
موٽر سائيڪل جو استعمال گهڻو نظر آيو. اتي 2007ع ۾ سيد عبدالله شاهه طرفان 100
گهرن جي ڪالوني ماڻهن کي رهائش لاءِ ٺهرائي ڏني هئي. ان کان علاوه هتي هڪ ڪميونٽي
هال، مسجد، پرائمري اسڪول، بنيادي صحت مرڪز به ٺهرائي ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ
حاجي ملوڪ ملاح جي نالي تي 350 گهرن تي هڪ ٻي ڪالوني ٺهرائي پئي وڃي، جنهن ۾ 150
ماڻهو اهي گهر پاڻ ٺهرائي رهيا آهن. حڪومت طرفان لڳل سولر سسٽم ناڪاره ٿي ويا آهن
پر ماڻهن بجليءَ جي سهولت تمام گهٽ هجڻ سبب پنهنجا سولر هڻايا آهن. هتي ڪو به پارڪ
نظر نه آيو، وڻ نه هجڻ برابر هيا. اچڻ وارن لاءِ ڪا ويهڻ جي ۽ پاڻي پيئڻ جي سهولت ڪونه
آهي. جڏهن ته هتي ڪو ريسٽ هائوس هجڻ گهربو هيو پر خبر پئي ته اهي ريسٽ هائوس هتان
کان پري ڍنڍ جي ٻئي ڪناري تي ٺهيل آهي.
هاڻي اسان ٽوئرزم ڪارپوريشن
سنڌ طرفان ٺاهيل شيخ دهمن ريسٽ هائوس ڏسڻ لاءِ منڇر کان سيوهڻ ۽ اتان وري لعل باغ
کان ٿيندا هڪ پٿريلي ٽريڪ تي هلندا رهياسين. هن طرف سفر ڪندي ڪٿي به ڪو ميلن يا ڪلوميٽرن
جو پٿر نظر نه آيو ۽ جيڪڏهن راحيل ابڙو گڏ نه هجي ها ته شايد اسان سڄو ڏينهن ۽ سڄي
رات ان علائقي ۾ رلندا رهون ها. هڪ ته ڪنهن به هنڌ لاءِ ڪو به تير جو نشان يا هنڌ
جو نالو موجود نه آهي. بهرحال جڏهن دهمن شيخ ريسٽ هائوس پهتاسين ته اهو هيو ته ننڍو
پر ڏاڍو سهڻو ٺهيل هو. هن ريسٽ هائوس جو نالو اتي ڀرپاسي ۾ هڪ پير جو نالو آهي.
ريسٽ هائوس ويندي رستي ۾ ڪو به پنڪچر ٺاهڻ وارو يا وري پيٽرول پمپ نظر نه آيو ۽ نه
وري رستي تي ڪا پوليس پوسٽ يا وري ايمرجنسي پوسٽ نظر آئي. هڪ ته رستو به سڌو نه
هيو ۽ پيچرن تي هلڻو پيو.
هن ريسٽ هائوس جنهن
کي ريسٽ (Rest) چئجي، اتي ٽي هٽ (Hut) ٺهيل آهن ۽ اهو منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي ٺهيل آهي. اها سٺي ڳالهه
آهي جو هر هٽ ۾ باٿ روم ۽ رڌڻو آهن، جڏهن ته فرنيچر سنڌي ثقافت جي عڪاسي ڪري رهيو
هو. اتي سولر سسٽم موجود آهي، جنهن تي اي سي ۽ فرج هلائي سگهجي ٿي. ويهڻ لاءِ هڪ
خوبصورت چبوترو ٺهيل آهي، جنهن ۾ کٽ وجهي ويهي يا وري اتي پيل بينچ تي ويهي ڍنڍ جو
نظارو ڪري سگهجي ٿو.
هتي ايندڙن لاءِ چوڪيدار
ڳوٺ مان يا پنهنجي گهر مان ماني تيار ڪرائي اچي ٿو. ٻارن جي لاءِ هڪ ٽڪ (Tuk) شاپ به کوليو پيو وڃي. هيڏي وڏي
پنڌ لاءِ اتي رهندڙ موٽر سائيڪل ۽ چنگچيءَ جو استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته جهانگارا ۽
باجارا وڃڻ لاءِ بسون هلن ٿيون. انهن شهرن جي ڀرسان هڪ شاني ڳوٺ آهي، جنهن جو حلوو
ڏاڍو مشهور آهي ۽ پوري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر کاڌو وڃي ٿو. قلندر شهباز جو ميلو ختم ٿيڻ
کانپوءِ ڪي ماڻهو لاهوت لامڪان جو سفر هن رستي کان ڪن ٿا.
هاڻي اسان جو سفر ڪائي
ڳوٺ ڏي شروع ٿيو، جتي پهچڻ لاءِ اسان کي سنڌ جا مشهور شهر جهانگارا ۽ باجاره کي
پار ڪرڻو پيو. هي رستو ڪائي ڳوٺ تائين پڪو ٺهيل آهي، جنهن کي ڪنهن ڪمپني پنهنجي
مقصد لاءِ ٺهرايو آهي. هن روڊ تي رونق نظر آئي، بسن کان علاوه ٻيون گاڏيون به هلن
پيون. اسان جو مقصد ڪائي ڳوٺ ڏانهن انٽري هيو جو اتي ڪائي ريسٽ هائوس ٺهيل آهي، جيڪو
سيد عبدالله شاهه ٺهرايو هو. جنهن جي ڀرسان پنجتن باغ به آهي. جنهن جي زيارت لاءِ
وڏي رش رهي ٿي.
جڏهن ڪائي ڳوٺ
پهتاسين ته اهو ڏسي حيراني ٿي ته ڳوٺ سرسبز هيو ۽ ڪڻڪ جي فصل کان علاوه ڀاڄيون ۽ ٻيا
ميون جا وڻ بيٺل هئا. اتي هڪ قدرتي چشمو وهي ٿو، جنهن جو پاڻي منرل واٽر کان به
بهتر آهي. جيڪو اسان کي پياريو ويو. ڪائي ريسٽ هائوس ۾ جڏهن داخل ٿياسين ته هر طرف
وڻ ئي وڻ هيا. هن ريسٽ هائوس ۾ ٻه ڪمرا آهن جنهن ۾ اٽيچ باٿ روم جي سهولت آهي جڏهن
ته خوبصورت رڌڻو، ڊرائنگ ۽ ڊائننگ روم ۽ هڪ سوئمنگ پول به ٺهيل آهي. هن ريسٽ هائوس
جو سنگ بنياد سيد عبدالله شاهه 11 نومبر 1992ع تي رکيو ۽ ان جو افتتاح 2 فيبروري
1996ع ۾ تي ڪيو.
ڪائيءَ ۾ ٻه الڳ الڳ
مسافر خانا به ٺهيل آهن، جيڪي عورتن ۽ مردن لاءِ هر سهولت سان جڙيل آهي. هن ڳوٺ ۾
پيئڻ لاءِ پاڻي، قدرتي چشمي مان کڻي کوهه ۾ جمع ڪجي ٿو، جيڪو ڳوٺ وارن لاءِ پيئڻ
لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ صرف پي ٽي وي ڏٺي وڃي ٿي، جنهن لاءِ هڪ بوسٽر لڳل
آهي، ريسٽ هائوس جي خوبصورتي ۾ اتي رکيل فرنيچر ۽ پردن سان اڃا به اضافو ٿئي ٿو.
پنجتن باغ ڏي وڃڻ
لاءِ ريسٽ هائوس کان تمام گهٽ فاصلو آهي پر اسان گاڏيءَ رستي وڪڙ ڪري پهتاسين ته
قدرتي چشمي جو پاڻي ٺهيل ناليءَ ذريعي ڳوٺ ڏانهن وهي رهيو هو، جيڪو تمام گهڻو صاف
۽ شفاف هيو. هن باغ ۾ ايندڙ ڪيترن ڏينهن جو چلو به ڪاٽيندا آهن. هتي ڪجهه ننڍا دوڪان
به آهن، جتان هر قسم جي کائڻ ۽ پيئڻ جو سامان ملي وڃي ٿو. جڏهن باغ کان ٿي واپس ٿيڻ
لڳاسين ته اتي موجود ننڍڙن پهاڙن ۾ غار ٺهيل هيا، جن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هي پٿر
جي دور جا آهن ۽ هي علائقو پٿر جي دور جو آهي، جتي ماڻهو غارن ۾ رهندا هئا ۽ ان
وقت هن هنڌ هاٿيون، شينهن ۽ ٻيا خونخوار جانور به هيا.
مان واپسيءَ تي سڄي
واٽ اهو سوچيندو رهيس ته اسان جي ملڪ جي حڪومت ٽوئرزم کي وڌائڻ لاءِ ڌيان ڇونه ٿي ڏي،
جنهن جي ترقيءَ سان وڏي خوشحالي ايندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.

Comments
Post a Comment