ساهتي پرڳڻو يا درٻيلو مختصر تعارف ۽ تاريخي پسمنظر ڊاڪٽر ذوالفقارعلي جلباڻي ”ساهتي پرڳڻو“ ٻن لفظن ’ساهتي‘ ۽ ’پرڳڻي‘ جي مرڪبي صورت آهي، جا انتظامي ۽ جاگرافيائي، جاءِ وقوع، ڪنهن علاقائي صورتحال جي فهم جي لحاظ کان مخصوص ڪيل حدن اندر قائم ڪيل سرڪاري ۽ انتظامي شهر، صوبي يا آبادي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ رکيل نالو آهي. ”ساهتي پرڳڻي“ جو لغوي لحاظ کان جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته ساهتي: اسم خاص سنڌ جي وچ واري ڀاڱي جو ادبي نالو- نوابشاهه ضلعي واري اَراضي.“ (بلوچ: ۱۹۸۵ ع ص، ۱۵۵۴ )