سرڻي ڪوٽ عزيز ڪنگراڻي سنڌ ۾ ڪيترا ئي قديم ماڳ، ڪوٽ ۽ قلعا موجود آهن جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا ضامن آهن. انهن ماڳن ۾ سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعو جي مورو تعلقو ۾ موجود سرڻي ڪوٽ به شامل آهي جيڪو موجوده سرڻي ڪوٽ ڳوٺ ۾ واقع آهي ۽ هينئر زبون حالي جو شڪار آهي.. هن قديم ڪوٽ ڀرسان ٺلهھ به جيڪو ميسارجي ويو آهي. سرڻي ڪوٽ ٻڌمت جو يادگار ۽ قديم آثار آهي. اٽڪل اڍائي هزار سال قديم هيءُ ماڳ سنڌ ۾ موريا گهراڻي جي اشوڪا يا آسوڪا حڪمران ( ۲۳۲ ق م - ۲۶۸ ق م) جي دور جو چئي سگهجي ٿو جنهن ٻُڌمت کي دنيا سان گڏ سنڌ ۾ به وڏي پيماني تي ڦهلايو. اشوڪا دور ۾ سنڌ جا ڀڪشو ٻُڌ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ان کان پوءِ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي ۾ به ٻُڌ مت عروج تي هو. سنڌ جي يگاني محقق ايم ايڇ پنهور جي ڪتاب Atlas of Soomra Kingdom of Sindh ۾ لکيو آهي ته ٻُڌمت ۱۳ صدي عيسوي تائين به سنڌ ۾ رهيو.هن ماڳ جي ڏکڻ ۾ سڪرنڊ ۽ دولتپور صفن ويجهو ٺلھه مير رڪڻ به ٻُڌمت جو يادگار ماڳ آهي جيڪو به سرڻي ڪوٽ جي قدامت جو حوالو آهي.