Skip to main content

Posts

Showing posts from January, 2020

بُلو کوسي جي بُٺي

بُلو کوسي جي بُٺي عزيز ڪنگراڻي بُلو کوسو پنهنجي وقت جو نهايت بهادر ۽ ناميارو شخص هو. سندس اصل ڳوٺ ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ منڇر ڍنڍ جي اولهندي ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ ڳمڙاڇ نالي اڄ به موجود آهي، جتي سندس پونئير رهن ٿا. پر بلو کوسو اڪثر بلي جي بٺي نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو. بٺي يا بٺ مٿانهين دڙي کي به چئبو آهي، ته قبر لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. سندس اوائلي ڳوٺ بلي جي بٺي نالي سان هو جتي رهيو ۽ مارجڻ کان پوءِ دفن ٿيو ته به ساڳي نالي سان ڳوٺ وارو ماڳ سڏجي ٿو، جتي سندس بٺي يا قبر موجود آهي.